• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بي باڪ صوفين جو سرواڻ سچل سرمست

ڀلارو ڀٽ ڌڻي جڏهن صوفياڻي فڪر جي ڦهلاءَ لاءِ سير سفر ڪندي اتر سنڌ ۾ راڻي پور لڳ هڪ ننڍڙي نماڻي ڳوٺ ” درازا شريف“ ۾ پنهنجي هم خيال صوفي سائين خواجه محمد حافظ عرف صاحبڏني فاروقي سان روحاني رمزن واري ڪچهري ڪري رهيو هو ته اوچتو سندس اک وڃي هڪ ٻالڪ تي پئي، پاڻ پڇيائين ته ڪنهن جو نينگر آهي؟ ٻڌايائونس ته مرحوم سائين صلاح الدين جو صاحبزادو ۽ خواجه عبدالحق جو ڀائٽيو عبدالوهاب عرف سچيڏنو آهي. شاهه لطيف ٺهه پهه چيو ته ” اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي، تنهن جو ڍڪڻ هي ٻالڪ لاهيندو“ شاهه صاحب ان ڏينهن ڄڻ ته سچل سائين کي پنهنجي صوفياڻي فڪر جو وارث مقرر ڪري ڇڏيو هو، جيڪا پاڻ عشق الاهي جي ديڳ پچائي دم تي رکي ويو هو تنهن جي ونڊ ورهاست سچل ڪئي. شاهه لطيف پنهنجي عظيم پيشور صوفين جيان پاڻ به انهيءَ وحدت الوجودي فلسفي جو پيروڪار هيو جنهن جو مطلب آهي ” سڀ ۾ صاحب پاڻ“ همه او است، پر پوءِ هو منصوري يا تبريزي هام هڻڻ بجاءِ انهيءَ راز ۽ رمز کي محتاط ۽ مبهم نموني وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اهڃاڻن ۽ اشارن جي واٽ وٺي ٿو مثلا چيائين ” لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو، يا فريائين ته:

ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،

نه ڪي ڪاڪ نه ڪاپڻي، نڪي لڍاڻو،

راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪو.

سچل سائين هڪ بيباڪ وحدت الوجودي صوفيءَ سرمست جيان شاهه صاحب جي چاڙهيل ڪني جو جڏهن هيٺين ريت ڍڪڻ لاهي ٿو ته سموري سنڌ ان جي هڳاءَ سان واسجي وڃي ٿي.

” سچو سائين هيڪڙو، ناهي شڪ گمان،

پنهنجو تماشو پاڻ ڏسي، صورت جو سلطان،

ڪٿي عيسيٰ، ڪٿي احمد، ڪٿي هنومان،

حيرت ۾ حيران، پاڻ وڌائين پنهنجو.

شاهه لطيف جي صوفياڻي سوچ جي اپٽار ڪرڻ خاطر هن پنهنجو تخلص ئي رکيو ”آشڪار“ يعني ظاهر ظهور ۽ ٻيو ” سچو“ڀٽائي صاحب چيو:

پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،

ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪي ڪيچين ڪاڻ،

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا،

سچل سائين پنهون واري علامتي ڪٿا کان اڳتي نڪري چوڻ لڳي ٿو

عاشق معشوق اهوئي، ڏانءُ ڏاڍو ڪيو ڏاهي،

پنهنجو پاڻ پسائڻ ڪارڻ، ٺاهه لکين ٿو ٺاهي،

اهو اندر، اهو ٻاهر، ڪيئن چوان ائين ناهي.

سچل سرمست کي هونئن ته پنهنجي وڏڙن وٽان صوفياڻي سوچ ورثي ۾ مليل هئي پر پوءِ هن هڪ ذي شعور اهل دل انسان جيان ان جي آبياري ڪري حفاظت ڪئي پر زماني جي ضرورتن آهر ان کي عملي صورت به ڏنائين. سڀئي شاعر ۽ ساهت ڪار پنهنجي دور جي سماجي حالتن جا عڪاس ٿيندا آهن تنهن ڪري سندن سخن وريءَ مان سندن وقت جي سياسي مذهبي ۽ معاشي حالت جي خبر پوندي آهي. سچل سنڌ جو اهو سرموڙ سخن ور آهي جنهن صاف ۽ واضع لفظن ۾ چئي ڇڏيو هو ته:

سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي،

ڪوڙي دوستيءَ جو دم، بڻي نه بڻي.

هو وڏي خودداري ۽ جرانمرديءَ سان سچ جو سندرو ٻڌي بيٺو هو. انسان ذات کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسي مٿس ٿيندڙ ظلم خلاف پنهنجي بي باڪ شاعريءَ ذريعي آواز اٿاري ٿو.

سنگهارن تي سومرا، برسر هينئن بڻي،

عادت زور ظلم جي، وئي حمير وڻي،

ٿيس گهر گهڻي، رعيت رنجاڻن جي.

مالڪ جي مخلوق سان عقوبتون ٿينديون ڏسي ٿو ته اندر مان اڌما کائي هي لفظ نڪرنس ٿا جنهن ذريعي زور آورن کي شرمائيندو نظر اچي ٿو.

هڪ چوري ٻي زوري، شاهن نالي شان،

راجا ٿي تون رعيت جو، ظالم ڪرين زيان،

چوندءِ ڇا ته جهان، حمير ههڙي حال تي.

اڄ کان اٽڪل اڍائي سو سال اڳ سچل انسان ذات کي حقير بنائڻ وارين حرڪتن ۽ ڪڌين ريتن رسمن خلاف عام کي بغاوت جو سڏ ڏيندي چيو هو ته” ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساوريون،

مرد ٿئين مردانو،

نوهم سچل، ڪڍ نهپ وارو، شعلو ٻڌ شاهانو.

هو مثالي انسان کي وهم گمان وساري محبت ۾ مستان رهڻ جي تلقين ڪري ٿو. اهڙي لافاني محبت جنهن ۾ ذات پات رنگ نسل ۽ مذهبي تفريق لاءِ ڪا به گنجائش نه هجي. سچل سمجهائي ٿو ته تصوف ڪا اڪ جي ماکي ناهي جيڪا هر ڪو لاهي ويٺو وات مٺو ڪري. تصوف هڪ اهڙي نظرياتي سوڙهي پل صراط آهي، جنهن مٿان دين ڌرم، مجاز ۽ حقيقت، خالق ۽ مخلوق وچ ۾ توازن رکي گذرڻو پوندو آهي.

فرق ڪفر اسلام نه ڪوئي، ڄاڻ اهو ئي ڄاڻين،

ڪافر مومن هڪو هڪا، غازي غير نه آڻين،

ڪل شيءَ هو الله سچل، سڀ صورت هڪ سڃاڻين.

صوفي ۽ عشق ڪڏهن به ڌار ٿي نه ٿا سگهن ڇو ته صوفي جو جاڳڻ، سمهڻ، اٿڻ ۽ ويهڻ سڀ محبت تي مدار رکي ٿو. هن جي عبادت ئي عشق آهي. سچل سائين چوي ٿو ته:

”عشق لڳئي ته ڪر آمين، نه منجهه ڪفر نه منجهه دين“

هو انسان کي اشرف المخلوق واري رتبي تي رسائڻ جو ذريعو ئي عشق کي قرار ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته:

” ناهي ميسر ملڪن، اها امانت عشق جي“

سرمست سائين انسان جي مشرف ۽ شان جو شاعر آهي. سندس سوچ سدائين ماڻهن ۾ ميٺ محبت کي فروغ ڏيڻ تي مرڪوز رهي. سچل جي اکين آڏو هن جي ملڪ جي ماڻهن وچ ۾، مذهب جي نالي ۾ جيڪو وير ۽ ڀير پيدا ڪيو ويو هو تنهن عام کي ته ٺهيو پر شيخ، پير ۽ بزرگ کي به ڀلائي وڌو هو. جڏهن ڏٺائين ته سڀ ٻاهرين ڏيک ۾ پورا لڳا پيا آهن ته چيائين:

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،

شيخي پيري بزرگي، بيحد ڀلايا،

ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندو وسايا،

اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.

سچل سائين وجداني ڪيفيت ۾ جڏهن مٿيون اظهار ڪيو هو تڏهن نه رڳو مذهبن ماڻهن کي رڳو منجهايو هو، پر اڄ ته مذهبي جنونيت ماڻهن کان ماڻهپو ئي کسي ورتو آهي. اونچ نيچ، ذات پات، رنگ نسل ۽ مذهبي مت ڀيد سبب ماڻهو هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ٿي پيا آهن. اڄ ضرورت آهي ته سچل سائين جيان ڪو مرد ميدان ۾ نڪري اچي نروار ٿئي يا سندس پيغام جي پوريءَ ريت پرچار جا اپاءُ وٺجن ڇو ته سندس بيباڪ سخنوري هڪ بين الاقوامي تحريڪ آهي جنهن جو محور ۽ مرڪز فقط انساني ڀلائي آهي
 
Back
Top