پوري دنيا ۾ قسم نمبر 2 جي شُوگر Sugar جي مريضن جو اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اڪثر مريض جسم ۾ مٺاڻ جي مقدار ٺيڪ رکڻ لا انسلولين Insoleen استعمال ڪن ٿا. پر ڪجهه وقت اڳ تحقيقدانن انڪشاف ڪيو آهي ته مستقبل ۾ انهن مريضن کي روزانو انسولين جو انجيڪشن ڏيڻ بجا هڪ اهڙو ٽُڪو لڳايو ويندو جنهن سان مريض ڪجهه ڏينهن تائين پنهنجي شوگر قابو ۾ رکي سگهندو. سائنسدانن مطابق اهو انجيڪشن پروٽين جو هوندو ۽ اميد آهي ته مستقبل ۾ ذيابيطس جي مريضن لا اهو انجيڪشن ڀرپور فائديمند ثابت ٿيندو. سائنسدان FGF1 نالي پروٽين جي باري ۾ گذريل ڏهاڪن کان ڄاڻن ٿا، پر تازو ئي ماهرن دريافت ڪيو آهي ته ان پروٽين کي ذيابيطس جي مريضن لا استعمال ڪري سگهجي ٿو. تجربي طور ڪجهه ڪوئن (Mouses) کي انجيڪشن لڳايو ويو جيڪي ذيابيطس جي مرض جو شڪار هئا. جنهن ۾ ڏٺو ويو ته ٻه کان 3 ڏينهن تائين انهن ڪوئن جي شوگر قابو ۾ رهي. سائنسدانن مطابق ته ان پروٽين تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته ڇا ان کي واقعي به شوگر جي مريضن لا استعمال ڪري سگهجي ٿو . سائنسدان پر اميد آهن ته ايندڙ ڏيڍ ٻه سالن ۾ پروٽين جي ٽڪن جا انسانن تي تجربن جو آغاز ڪندا.