ذيابيطس : انسلولين جي جڳهه تي پروٽِين جو ٽُڪو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
پوري دنيا ۾ قسم نمبر 2 جي شُوگر Sugar جي مريضن جو اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اڪثر مريض جسم ۾ مٺاڻ جي مقدار ٺيڪ رکڻ لا انسلولين Insoleen استعمال ڪن ٿا.
پر ڪجهه وقت اڳ تحقيقدانن انڪشاف ڪيو آهي ته مستقبل ۾ انهن مريضن کي روزانو انسولين جو انجيڪشن ڏيڻ بجا هڪ اهڙو ٽُڪو لڳايو ويندو جنهن سان مريض ڪجهه ڏينهن تائين پنهنجي شوگر قابو ۾ رکي سگهندو.
49360_02.gif
سائنسدانن مطابق اهو انجيڪشن پروٽين جو هوندو ۽ اميد آهي ته مستقبل ۾ ذيابيطس جي مريضن لا اهو انجيڪشن ڀرپور فائديمند ثابت ٿيندو.

سائنسدان FGF1 نالي پروٽين جي باري ۾ گذريل ڏهاڪن کان ڄاڻن ٿا، پر تازو ئي ماهرن دريافت ڪيو آهي ته ان پروٽين کي ذيابيطس جي مريضن لا استعمال ڪري سگهجي ٿو.
تجربي طور ڪجهه ڪوئن (Mouses) کي انجيڪشن لڳايو ويو جيڪي ذيابيطس جي مرض جو شڪار هئا. جنهن ۾ ڏٺو ويو ته ٻه کان 3 ڏينهن تائين انهن ڪوئن جي شوگر قابو ۾ رهي.​
49360_04.gif
سائنسدانن مطابق ته ان پروٽين تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته ڇا ان کي واقعي به شوگر جي مريضن لا استعمال ڪري سگهجي ٿو .
سائنسدان پر اميد آهن ته ايندڙ ڏيڍ ٻه سالن ۾ پروٽين جي ٽڪن جا انسانن تي تجربن جو آغاز ڪندا.
 
Back
Top