• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪي ٽي اين انتظاميه پاران سنڌ جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ٽي وي اسڪرين تي سکيا

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڪي ٽي اين انتظاميه پاران سنڌ جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ٽي وي اسڪرين تي

ڪي ٽي اين انتظاميه پاران سنڌ جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ٽي وي اسڪرين تي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو لاٽ جي نالي سان هڪ تعليمي سکيا جي پروگرام جي شروعات ٿي رهي آهي. 26 اپريل کان شروع ٿيندڙ هن پروگرام ۾ هفتي ۾ 5 ڏينهن تائين روزانو هڪ ڪلاڪ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي جن مضمونن جي سکيا ڏني ويندي، تن ۾ انگريزي، ڪيمسٽري، فزڪس، ميٿميٽڪس ۽ بائلاجي شامل آهن.

انهن مضمونن جي سکيا پنهنجن شعبن جا ماهر استاد ڏيندا، جيڪي نه رڳو انهن مضمونن جي مختلف موضوعن جي باري ۾ سولي ۽ آسان نموني سان سمجهاڻي ڏيندا پر شاگردن پاران پڇيل سوالن جا جواب پڻ ڏنا ويندا. شاگردن جي سولائي لاءِ هن پروگرام جو وقت منجهند جو 3 کان 4 وڳي تائين رکيو ويو آهي ته جيئن شاگرد پنهنجي اسڪول ٽائيم کانپوءِ آساني سان ٽي وي اسڪرين تي پروگرام ڏسي سگهن .براهه راست نشر ٿيندڙ هن پروگرام ۾ هر ليڪچر جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ سوالن ۽ مونجهارن جي حل لاءِ ايس ايم ايس ذريعي شاگرد استادن سان رابطو ڪري سوال پڇي سگهن ٿا، جن جا جواب پڻ انهي ساڳي سيشن دوران ڏنا ويندا.

ان کان علاوه جيڪڏهن ڪو شاگرد ڪن سبب جي ڪري ڪو پروگرام نٿو ڏسي سگهي ته اهو ڪشش ٽي وي چينل تي ٻئي ڏينهن منجهند جو 2 کان 3 وڳي تائين نشر مڪرر ڏسي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو نشر مڪرر به ڪنهن سبب جي ڪري نٿو ڏسي ته پوءِ هو ساڳيو ليڪچر ڪي ٽي اين جي ويب سائيٽ تي ڏسي سگهي ٿو. سومر کان جمعي ڏينهن تائين هفتي ۾ پنج ڀيرا جاري رهندڙ انهي پروگرام وسيلي موضوع وار مضمونن جي سولي سمجهاڻي ڏيڻ سان گڏ ملٽيپل چوائس ڪوئسچن mcq پڻ ڏنا ويندا. شاگردن کي انهن مضمونن جي سمجهاڻي ڪنهن روايتي بليڪ بورڊ بدران ٽيڪنالاجيڪل ايڪٽو بورڊ ذريعي ڏني ويندي
 
جواب: ڪي ٽي اين انتظاميه پاران سنڌ جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ٽي وي اسڪرين ت

سائين تمام زبردست شئيرنگ آهي،
پر اِن ٽائيم تي دادو ۾ لوڊشيڊنگ پڻ هوندي آهي
 
جواب: ڪي ٽي اين انتظاميه پاران سنڌ جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ٽي وي اسڪرين ت

ڪٿي لوڊشيڊنگ آهي، ڪٿي ٻارن جي اسڪول جي اوقات ڪار مختلف آهي، ڪٿي ڪي ٽي اين هلي نٿي پر ان هوندي به سٺو قدم آهي، نوجوان ٻارن کي تعليمي ميدان ۾ ڀڙ ڪرڻ لئه، ڪي ٽي اين وارن کان ٿي سگهي ته آن لائين پروگرام رکن ته جيئن، انٽرنيٽ ذريعي شاگرد فائدو وٺي سگهن ۔۔۔
 
جواب: ڪي ٽي اين انتظاميه پاران سنڌ جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ٽي وي اسڪرين ت

تمام بهترين قدم آهي سائين ڪي ٽي اين وارن جو

ان سلسلي مان ڪافي شاگرد فائدو وٺي سگهن ٿا
 
جواب: ڪي ٽي اين انتظاميه پاران سنڌ جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ٽي وي اسڪرين ت

سائين ڪي ٽي اين وارن تمام بهترين قدم کنيو آهي۔ ان سلسلي مان محنتي شاگرد فائدو وٺي سگهن ٿا۔
 
جواب: ڪي ٽي اين انتظاميه پاران سنڌ جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ٽي وي اسڪرين ت

سائين تمام سٺي ڪوشش آهي، انهي سان اسان جي تعليم کي سٺو معيار ملي ويندو،
 
Back
Top