”زندگي مُرجهي ويل گُل جهڙي“ مصور حسين جي ڪهاڻين ۽ ناوليٽ تي مشتمل ڪتاب جو اڀياس

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ”زندگي مُرجهي ويل گُل جهڙي“


    مصور حسين جي ڪهاڻين ۽ ناوليٽ تي مشتمل ڪتاب جو اڀياس

    مٺل جسڪاڻي

    ”زندگي مُرجهي ويل گُل جهڙي“ ۾ ست ڪهاڻيون ۽ هڪ ناوليٽ ڇپيل آهي، جيڪي لکيون مصور حسين ۽ مجموعي جي صورت ۾ ڇپرايون ڪنول پبليڪيشن قنبر جي ڪتاب نمبر 91 ۾ ويون آهن، جنهن جو پهريون ڇاپو جون 2012ع ۾ آيو. ڪجهه مهينا ٿيندا ته هڪ دوست اهو ڪتاب پڙهڻ جو چيو. ڪتاب پڇائيندو پڇائيندو، نيٺ ليکڪ کان به پڇيم ته اوهان جو ڪتاب ڪٿان ملندو؟ هن جتي جو ڏس ڏنو، اتان به نه مليو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مصور پاڻ پڇيو، ته نه ملڻ جو ٻڌايومانس. هن مون کان ٽپال جو پتو پڇيو، مون ڪتاب جي قيمت موڪلڻ جي شرط تي کيس ٽپال جو پتو ڏنو، هن ان شرط تي ڪتاب موڪليو، ته قيمت نه کپي، پڙهي دل گهريو رايو ضرور ڏجو. هاڻي

    مفت ۾ مليل ڪتاب، جيڪي اڪثر نه پڙهيا ويندا آهن، پر مون هي سڄو مجموعو واندو ٿي پڙهيو. پڙهندي پڙهندي، پنهنجي عادت موجب به نوٽس وٺندو ويس، پر اهي اضافي نوٽس به ورتم، جن کي ليکڪ تائين ايمانداري واري راءِ پهچائڻ لاءِ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيم.

    اصولي طور مون کي هي تبصرو صرف ليکڪ ڏانهن موڪلڻ گهرجي ها، ته جيئن… ٻيو نه ته تبصرو وڻڻ جي صورت ۾، سندس ايندڙ ڪتاب به مفت ۾ ملڻ جو آسرو ته هجي ها… خير…

    پهرين ڪهاڻي ”سارا رستا رت سان ريٽا“، هونئن ته پاڻ وٽ ٿيندڙ عام ڦُرن مان هڪ ڦُر جي ڪهاڻي آهي، پر هي ڪهاڻي ڪا عام ڪهاڻي نه آهي، نه ئي هن ڪهاڻي جا ڪردار هتي عام ملندڙن مان کنيل آهن. ٻلهڙيجي، ڪامريڊ سوڀو، حيدر بخش جتوئي، موهن جو دڙو، اهڙي تسلسل سان ڪهاڻي ۾ جذب ڪيا ويا آهن، جو مون کي ويجهڙائي ۾ اهڙي ڪهاڻي پڙهيل ياد نه پئي اچي. ڪهاڻي ۾ جيئن ڳالهرايو ويو، جيڪو تاثر ڏنو ويو، اهو تمام سٺو، پڙهڻ جهڙو آهي. جڏهن ته ان ئي پهرئين ڪهاڻي جي پهرئين پيراگراف، پهرين سٽ، جو پهريون جملو غلط هجڻ ڪري ”موهن جي دڙو گهمڻ کان پوءِ…….“ سٺو تاثر نه ڇڏيو! ان ئي پيراگراف ۾ ٿورو اڳتي پڙهيم، ته صورتخطي ۾ اهڙي غلطي، جو مون سمجهيو ڪردار سان گڏ ويٺل ”ڌي“ آهي: ”اکين جي اشارن سان موٽر سائيڪل تي ويٺل نوجوانن ڏي توجهه ڪرايو“! اهڙي طرح درگذر ڪرڻ جهڙيون ڪي ٻيون به پروف جون غلطيون آهن.

    هن مجموعي جي ٻيءَ ڪهاڻي ”نڀاڳي“ ۾ “ميندي“ کي ”مهندي“ ڪري لکڻ مون کي نه وڻيو. جڏهن ته لاڙڪاڻي ۽ آس پاس جا ٻيا ليکڪ به ”مهندي“ لکندا رهيا آهن. بهرحال، ڪهاڻي جو مُک ڪردار ”آچر“، مون کي منهنجا سڃاڻو سڀ ”آچر“ ياد ڏياري ڇڏيا، جن مان اڪثر ”آچر“ ٻن شادين وارا آهن. هي ڪهاڻي به پهرين ڪهاڻي وانگر، پراڻي مسئلي تي نئين انداز ۾ لکيل آهي. سماجي سجاڳيءَ جو پٽڻو پٽيندڙ هي ٻئي ڪهاڻيون ضرور پڙهن ۽ پوءِ ان نسبت سان، سندن طريقيڪار ۾ ضروري تبديلي آڻين، نه ته ڀلي اهڙيون ڪهاڻيون وري وري لکجن ۽ جيڪو به چوي ڪهاڻي مري رهي آهي، اهو به ڀلي رڙيون ڪندو رهي، پر هنن پراڻن سورن کي نئون سنئون ورجائبو رهجي.

    منظر نگاري، سا به سليس ۽ رواني سان، ڪهاڻي ۾ ساهه ڦوڪي ٿي. پهرين ٻن ڪهاڻين ۾ به رواني ۽ منظر نگاري وڻندڙ آهي، پر هن مجموعي جي ٽئين ڪهاڻي ”زندگي هئه زندگي“ پڙهندڙ کي بنا ٿاٻو کائڻ جي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي. جنهن جنهن پڙهندڙ ۾ ماڻهپو هوندو، انسانيت هوندي، اهنجن ۽ ايذائن کان بچيل هوندو، ان پڙهندڙ جون اکيون به آليون ٿينديون، ”ڪاسائين جو روپ ڌاري ويٺل مسيحا“ اهڙيون ڪهاڻيون پڙهڻ کان سواءِ به، هن ڪهاڻي کان وڌيڪ دکدائڪ لائيو فلمون روز ڏسن ٿا، پوءِ به ”مسيحا“ مان ڦري، ”ڦورو“ ٿي پيا آهن… حيرت جي حد آهي!

    جنهن جنهن جي ماءُ حياتي آهي، ان کي ڪهاڻي ”بُري هن ڀنڀور ۾“ زوري پڙهائڻ گهرجي ۽ ان کي اهو به سمجهائڻ گهرجي، ته سندس ماءُ پنهنجي ننهن سان ساڙ ڇو ڪندي؟ هو ڪو هڪ ٻئي جون پهاجون ته نه آهن!؟ هن ڪهاڻي مون کي ڪجهه مهينا اڳ خيرپور ويجهو ان جوڙيءَ جو واقعو ياد ڏياري ڇڏيو، جن ٻنهي زال مڙس، گڏجي واهه ۾ ٽپو ڏنو، توڙي جو هي ڪهاڻي ان واقعي کان ٻه سال اڳ، هن مجموعي ۾ ڇپجي آئي، لکي ڪڏهن وئي، اُها وري مصور حسين کي خبر هوندي.

    ”تو پڄاڻان سپرين…“ جهڙيون ڪهاڻيون تيستائين جنم وٺنديون رهنديون، جيستائين تعليمي تباهي جون دانهون ڪوڪون ته ڪنداسين، پر ڪرندڙ ڇپر کي ڪا ٽيڪ نه ڏينداسين. ذات پات يا ڪهڙي به سماجي اوچ نيچ جي ضد ۾ پيار جو قتل جاري رهندو، ته اهڙيون ڪهاڻيون به لکبيون رهنديون.

    ”زندگي رڃ جو سفر“ جي پهرين پئراگراف ٻن سٽن جي هڪ جملي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ”اڳ“ لفظ تمام تڪڙو دهرايو ويو آهي، جنهن ڪري پڙهڻ ۾ اوگرو لڳي ٿو. اوهان به پڙهو….. ”سج لهڻ کان اڳ ڏيڍ ڪلاڪ کن اڳ“…….. هتي پهريون ”اڳ“ نه لکڻ کپندو هو، پروف ريڊنگ ۾ ئي ڪٽجي وڃڻ کپندو هو… هيءَ ڪهاڻي هر ڪنوارو به پڙهي، جيڪو ٻيءَ شادي جو شوق ٿو رکي، اهو به پڙهي، پر جيڪي عام پڙهندڙ آهن، ڪهاڻيون پڙهڻ جا شوقين آهن، جيڪي پاڻ ڪهاڻيڪار آهن، اهي ضرور پڙهن. هن ڪهاڻي ۾ ڪمال جو ڪلائميڪس آهي، ڪهاڻي پوري پڙهڻ کان پوءِ به سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ته هن ٻيءَ شادي ڇو ڪئي؟ ڳوٺ ۾ حاجت لاءِ لئي جي وڻن ۾ وڃڻ وقت ڪنهن جو آواز ڪنن تي پيس!؟ انهن لين ۾ ٻه ڪير هئا؟ بندوق کڻي مارڻ جو خيال ڇو آيس؟ پنهنجي عام ماحول جي هڪ عام ماڻهو کي، ڪاروڪاري ڇو راس نه آئي!؟ سچ ته زبردست ڪهاڻي آهي. نئين ڪهاڻي آهي، نئين ناهي ته انداز نئون آهي، پڙهندڙ بوريت محسوس نه ڪندو. مصور حسين جي هن ڪهاڻي، مون کي منهنجي ڪهاڻي ياد ڏياري ڇڏي، آئون راولپنڊي ۾ ريل گاڏي تي چڙهي ويٺو هئس، ته مون وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، کيسي ۾ صرف 10، 15 رپيه پيل هئا، جن مان مون کي حيدرآباد کان ٽنڊوڄام به پهچڻو هو، ته ٻارن لاءِ ڪا شيءِ به وٺي وڃڻي هئي!؟

    ”ڏوهي- بيڏوهي“ ڪهاڻي گهٽ ”درد جو درياهه“ وڌيڪ آهي، جنهن ۾ ڪي ئي پراڻا ۽ نوان درد سمايل آهن. هي ڪهاڻي اڳوڻين ڪهاڻين کان مختلف انداز ۽ گهاڙيٽي ۾ لکيل آهي. ڪهاڻي ۾ ليکڪ جو مطالعو (پڙهڻ ۽ ٻڌڻ) سميت مشاهدو به پختو محسوس ٿئي ٿو. هي ڪهاڻي به هڪ ساهي ۾، بنا هٻڪ جي پڙهي وڃڻ پڪ ڏني، ته ليکڪ سٺو، بلڪ جاندار ليکڪ آهي. وٽس لکڻ، پيشڪش جو اثرائتو انداز آهي. جيڪو به سندس ڪا به هڪ ڪهاڻي پڙهندو، ٻيءَ به پڙهندو ۽ جڏهن به پڙهندڙ جي آڏو مصور جي ڪهاڻي ايندي، ته واندو ٿي پڙهندو.

    ”زندگي مرجهي ويل گل جهڙي“ ڪتاب جو نالو به آهي، ته ڪتاب جي آخر ۾ ڇپيل ناوليٽ پڻ. ”مُرجهي ويل“ مون کي نه پيو وڻي، ان بدران ”ڪوماڻل“ يا ”ڪومايل“ لکيل هجي ها ته منهنجي خيال ۾ وڌيڪ سٺو لڳي ها. هونئن به، مجموعي طرح، ٿلهي ليکي، هي ناوليٽ ۽ ڪجهه ڪهاڻيون پڻ، عورتن تي مختلف سببن جي ڪري، مختلف طريقن سان، مختلف نوعيت جي ٿيندڙ تشدد خلاف مواد تي مشتمل آهي. توڙي جو ناوليٽ سميت اڪثر ڪهاڻيون به پيار ڪهاڻين تي ته مشتمل آهن، پرهيڪاندا سماجي مسئلا به بحث ۾ موجود آهن. ان ڪري مون کي ناوليٽ، بلڪ سڄو مجموعو ”زندگي مُرجهي ويل گل جهڙي“ نه ”مٽي ۾ گم ٿيل گل“ لڳو.

    ناوليٽ ”زندگي مرجهي ويل گل جهڙي“ پڙهڻ سان منهنجي ذهن ۾ ڪجهه سوال اڀريا. ناوليٽ جا اهم ڪردار ” شهمير ۽ بانو“ هڪ ڳوٺ جا نه هئا، ته پوءِ شادي کان اڳ بانو شهمير سان ڪيئن ملندي رهي ۽ شادي لاءِ ڇو راضي ٿي؟ ڪهاڻين وانگر ناوليٽ جي ٻولي به گهڻي ڀاڱي وڻندڙ، لکڻ جو انداز لاڳيتو پڙهڻ تي اتساهيندڙ آهي، پر ڪٿي ڪٿي جهول به آهن. اڌ رات جو بانو ڪمري مان نڪري اڱڻ ۾ ڪاٺ جي منجي رکي ويهي ٿي، پر ساڳئي پيراگراف ۾ صرف هڪڙي سٽ کان پوءِ، هوءَ ڪيئن هيٺ ويٺي، آذان ايندو آهي يا آذان ايندي آهي!؟…

    ڪم ته يار ڪم هوندو آهي. ٻني جو ڪم هجي ۽ ليکڪ لکي ”ٻني ۾ ڪم ڪار ڪندي، جڏهن هو وڻن تي ويٺل پکين جون مٺڙيون مٺڙيون ٻوليون ٻڌندا آهن، تڏهن هو ائين ڀائيندا آهن، ته ڄڻ هو جنت جي وچ ۾ بيٺا هجن“. ائين ڀانئڻ وارا ٻنيءَ جي ڪهڙي ڪم دوران ائين ڀائيندا آهن؟ ليکڪ ٻڌائي سگهي ٿو. آئون نه.

    واهه، واهه مصور واهه. هي واهه جو لکيو اٿئي ”ڳوٺ جون پوڙهيون عورتون بانو کي ڏسي اڪثر ڪري خدا کان اها شڪايت ڪنديون هيون، ته اي خدا! تو اسان کي بانو جهڙي سونهن عطا ڇو نه ڪئي“، ان جملي جي آخر ۾ سوال واري نشاني ته رکو ها، پيارا.

    ڳوٺاڻي ماحول ۾، ڳوٺ کان ٻاهر، نم جي وڻ هيٺ يا نم جي وڻ جي پاسي ۾، ويهي يا سمهي، ڏينهن ڪٽيندڙ بانو جو عاشق، ڪيئن ايتري وڏي آواز ۾، شاهه جي شاعري آلاپي سگهي ٿو؟ اهڙا ڳوٺ ڪهڙي علائقي جي زيتونن جي باغن ۾ آهن، جتي هو ڪارو ڪري نه ماريو ويو؟ هن کي لاڳيتو سالن کان نم ڏانهن ويندي، نم کان ورندي ۽ نم جي هيٺان يا ڀر ۾ سمهندي، ماڻهو ڇو سهندا رهيا!؟

    ڪهاڻين وانگر ناوليٽ ۾ پڻ گهڻن هنڌن تي حقيقي عڪاسي ٿيل آهي، جنهن ڪري پڙهڻ ۾ ائين گهٽ لڳو، ته ڪو خيالي پلاٽ گهڙيل آهي، پر جڏهن اسڪول ويندڙ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ لاءِ هي سٽون پڙهيم، ته مُنجهي پيس ”هوءَ جڏهن اسڪول ويندي هئي ته سراج اڳواٽ ئي هن جي واٽ ۾ گلن جون پنکڙيون وڇائي ڇڏيندو هو، ۽ هو ظالم گلن جي پنکڙين کي لتاڙي، سراج ڏي بنا ڏسڻ جي گذري ويندي هئي“. ليکڪ جي مرضي، جيئن چاهي تيئن سراج ۽ بانو کي ملائي، ڀتيون ٽپائي، وري سراج کي مائٽن جي مرضي موجب شادي لاءِ تيار ڪري، بانو کي واپس شهر ڏانهن موڪلي ڇڏي… يار! حد ٿي وئي! ڌيءَ تي محبوبا جو نالو!؟ اهو به ان عاشق رکيو، جنهن محبوبا جي وڇوڙي تي نم جي هيٺ يا پاسي ۾ ويهي، يا سمهي، اڪثر لطيف کي پئي ڳايو، پاڻ به شاعر ٿي پيو! اهو ئي ساڳيو عاشق رات جو ڀت ٽپي، جنهن محبوبا سان لڪ چوري ۾ ڪچهري ڪئي، تنهن ئي سندس ڌيءَ تي ان ئي محبوبا جو نالو رکيو!؟ ان هوندي به، سچ ته پڙهندڙن کي هي ناوليٽ به پڙهڻ گهرجي.

    (عوامي آواز سنڊي ميگزين، آچر 20 جولاءِ 2014ع، ص: 15)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 جولائي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو