جا عمر تو مل عيد

ايس ايم درس

سينيئر رڪن
جا عمر تو مل عيد

مان عيد اڄوڪي ڪيئن ڪريان؟؟

ڪالھه ڪلھوڪي رت وھيو آ

لاش اڃا ڀي وکريل آھن

جيل ڀريل ڀائن سان

۽ پٽ چڙھن پيا ڦاھيءَ تي

ڍيرن تي ھن قلمن ٽڪرا

کوڙ زبانو وڍجن ٿيون پيون

خيالن تي ھن پيرا چوڪيون

سچ گھٽيو ۽ ڪوڙ ٿو ٻھڪي

ھاري ناري بک مري ٿو

منھنجا ساٿي، منھنجا راھي عيد آ جن لاءِ

کولين ۾ ٿا فرش تي ليٽن

مان ھي ھنڌ کٽون ۽ ڪپڙا

گھوري ساڙيان عيد سميت

منھنجا ميت!

مان عيد اڄوڪي ڪيئن ڪريان؟؟



(انور پيرزادو جي ڪتاب: اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان پيج نمبر: 171 مان کينل)
 
Back
Top