مان اعتراف ٿو ڪريان ته.... صالح بلو

منصور سرور

سينيئر رڪن
مان اعتراف ٿو ڪريان ته سنڌ هاري ڪاميٽي واري ” قومي اتحاد “ کي مان ٽٽڻ کان بچائي نه سگهيس. اصل ۾ نواب شاهه ۾ منهنجي رهائش گاهه ۾ ئي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي آفيس هُئي، مون کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هاري ڪاميٽي جو قومي اتحاد منهنجي گهر ۾ قائم ٿيو هو، جنهن ۾ رسول بخش پليجو ۽ ابراهيم جويو به شامل هُيا. پر افسوس ته اهو قومي اتحاد ٽٽو به ته منهنجي ئي گهر ۾. منهنجو موقف هيو ته هر مڪتبئه فڪر جي ماڻهن کي هاري قومي اتحاد ۾ شامل ڪرڻ گهرجي پر دوستن اها ڳالهه نه سمجهي ۽ پنهنجي هٺ ڌرمي تي قائم رهيا. جنهن نتيجي ۾ اهو قومي اتحاد ٽٽي ويو. مان پنهنجي گهر اندر قومي اتحاد جي ٽٽڻ کي پنهنجي وڏي ناڪامي سمجهان ٿو. ڪاش مان ان اتحاد کي ٽٽڻ کان بچائي سگهان ها.
 
Back
Top