”پنجوءَ“ جون خبرون ۽ عيد...

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ”پنجوءَ“ جون خبرون ۽ عيد...

    مٺل جسڪاڻي

    پنجوءَ سان پراڻا واسطا اٿم. سدائين پاڻ ئي اچي مٿي ۾ لڳندو اٿم. ڪلهه مليو، چئي: ”عيد لاءِ ورتل ڪپڙن جي سلائي جا پئسا درزي کي ڏئي، ڪپڙن جي ٿيلهي کڻي، دڪان مان نڪري روانو پئي ٿيس، ته دروازي تي بيهي درزي وڏي اخلاق سان آهستگي ۾ چيو: سائين دل ۾ نه ڪجو، اوهان جا ڪپڙا، ڀل ۾ پنجوءَ پهلوان، اهو مون وارو نالي ڀائي، جنهن زندگيءَ ۾ هڪ به ملهه نه ماري آهي، سڏائي وري پهلوان ٿو، ان پنجوءَ جي ماپ تي منهنجا ڪپڙا سبي ڇڏيا اٿس، وري چوي پيو اوهان جو خير آهي، مڙئي ٿورا خلاسا بيهندا، باقي رهيو پنجوءَ پهلوان، اهو عيد پراڻن ڪپڙن ۾ گذاري، پوءِ ڀلي پيو مون کي ڳوليندو وتي، آئون هتان لڏيو پيو وڃان، گهر ناٺي ٿيڻ جي شرط تي مائي ملي اٿم، ساهرن ۾ رهندس. دڪان به اتي کوليندس.“

    مون پنجوءَ سان ها ۾ ها به نه ملائي، پر ماضيءَ وانگر اهو سوچڻ کانسواءِ، ته آئون واندو آهيان يا ڪنهن ڪم ۾ مصروف، پنهنجي هڪ ڪهاڻي ٻڌائي وري شروع ٿي ويو ٻيءَ ٻڌائڻ. چئي ”اندر ساڙيندو، پور پچائيندو، پهتس حجم جي دڪان تي، وڏي رش لڳي پئي هجي. استاد وڏو، جنهن کان سڀ گراهڪ وار ڪٽرائڻ لاءِ اتاولا هوندا آهن، ان چيو سائين اوهان دل ۾ نه ڪجو، سڀاڻڪو ڏينهن ڇڏي، پرينءَ منجهند اڍائي وڳي اچي وڃجو. منهنجي مجبوري هئي، ٻئي ڏينهن اڍائي وڳي پهچي ويس، پوءِ به وارو چئين وڳي مليو. همراهه وار ته واهه جا ڪٽيا، اصل اندر ٺري پيو. بنا پڇڻ جي حجم چيو ته دل ۾ نه ڪجو، تڪڙ به آهي ۽ ٿڪل به آهيان، ٻئي دفعي اوهان کي شڪايت نه ٿيندي. ان دوران جيڪا ڪينچي مُڇن ۾ ڏنائين، تنهن هڪ پاسو ائين لڻي ورتو، جهڙو ڪڻڪ جو لابارو ڪيو هجيس. رڙ ڪري چيم هيءَ ڇا ڪيئي؟ اڌ مُڇ پاڙان ڪڍي ڇڏيئي!؟ حجم چيو سائين وڏا مُڇون ٻلي جون ٿينديون آهن، مڙسن جا شهپر، ڀلا جي هٿ هيٺ لهي پيو، ته قيامت ڪانه آئي آهي. شهپر ڦٽي ايندا. هن ڏاڍا دلاسا ڏئي روانو ڪيو. زندگيءَ ۾ ڪڏهن مڇون ڪونه ڪوڙيم، نه ڪوڙايم، اهڙا منهنجا ڪرتوت نه رهيا آهن، جو ڪير پٽي ها. ڪوڙيل مڇن، اوه نه، ڪوڙيل شهپرن سان پهتس گهر، در مان اندر روانو ٿيس ته پريان زال مون تي ٻوهارو اُلاري رڙ ڪري چيو: مُئا ڪير آهين، پرائي گهر ۾ ڪاهي پيو آهين؟ ايلاز منٿون ڪري مُڇن، اوه نه، شهپرن کان سواءِ سڀ نشانيون ڏيکاريم، تڏهن وڃي پڪ ڪرائي مانس، ته آئون تنهنجو ئي، دين دنيا ۾ اڪيلو، اُهو ئي ساڳيو، مجازي خدا يعني مُڙس آهيان.“

    پنجوءَ ڳالهائڻ پوي ۽ ماٺ ڪري! کوڙو ئي نه ٿو لڳي. چئي ”زال ته سڃاڻي وئي، پر مون وارو بانبڙا پائيندڙ دادلو پُٽ، جيئن وڃانس ويجهو، تيئن ڪري دانهون. اصل ڪا ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه اچي. شاباس آهي مون واري سمجهه ڀري زال کي جنهن وڃي سُر سمجهيو. چيائين مُڇون ڪوڙائي اچي ڪڙڪيو آهين، ڇورو سڃاڻي ته ماٺ ڪري نه. پوءِ ته يار زال مون سان ڪئي اها ڪار جيڪا... ٻنهي ماءُ پٽن گڏجي اچي تپڻ تپايو، سفا مُنجهي پيس. ڇو ته ٻار ريجهائڻ منهنجي ذميواري رهي آهي ۽ مون وارو ننڍڙو پُٽ مون کي سڃاڻي نه پيو سگهي. ان ڪري ڪريان ته ڪريان ڇا؟!.. تون ڀاءُ ويٺو آهين، وڏي سوچ ويچار کان پوءِ، وري به شاباس آهي منهنجي زال کي، جنهن کي اٽڪل سُجهي آئي. تنهن بنا دير منهنجي ڇهين نمبر پُٽ کي پئسا ڏئي، ڪيائين بازار روانو، چئي وڃي پڙهين لاءِ مُڇون وٺي آءُ. ان تي مون کي حجم واري ڳالهه ياد هئي. آڪڙجي چيم آئون ڪو ٻلو آهيان، جو مڇون ٿي گهرائين. پٽ کي چيم بابا شهپر وٺي اچجان. شام جو ويل مون وارو سڪيلڌو پٽ اڌ رات جو وريو. صبح جو جيئن ئي شهپر ڦاسايم نڪ ۾، اچي نڇن، ڇڪن ورايو. جيئن تيئن ڪري سهسائي، ويس ننڍڙو پرچائڻ، پر تو يار سان ڪوڙ ناهي، اهو ئي ساڳيو ڪلهه وانگر لڪاءَ هجي. جيئن وڃانس ويجهو، تيئن ڪري ريهون... زال رڙ ڪري ڇنڊ پٽي، چئي مُئا منهنجي ٻچڙي جو هينئون ٿو ڦاڙين. لاهه اهي مُڇون. مون چيو اهي شهپر آهن. زال چيو ها ها اهي شهپر ڏي، ته وجهان باهه ۾، ڪريان ساڙي رک. مون کي به پيو ڀئو ٿئي، هو ته ويچارو معصوم ٻار آهي! ڊپ ۾ جي هينئون ڦاٽس ته...“

    هاڻي هجي ڪو واندو، ويهي پنجوءَ جون خبرون ٻڌي، لکي ۽ اوهان کي پڙهائي. يار، ڪم کٽن نه ٿا، مٿان وري سنگت جون ونگارون به پوريون نه ٿيون ٿين، آئون في الحال موڪلايان ٿو، وري ڪنهن ٻئي دفعي ڪبيون ”پنجوءَ جون خبرون“...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو