ڪٿان نيڪٽائي، ڪٿان سوٽ ايندا ڪٿان ٽا ٽيڳر ، ڪٿان بوٽ ايندا ڪٿان ريشمي ۽ گرم ڪوٽ ايندا ڪٿان روز اهڙا ، ڳاڙها نوٽ ايندا رڙيون روز گھر ۾ ۽ ٻائيتال ٿيندو اگر بند ٿي رشوت بروحال ٿيندو ڏسون چار پئسا، ڪري وات پاڻي ٿا سمجهيون ته رشوت آ ملڪيت اباڻي سُڃي کي ڏٽا ٿا ، ڏيون ڄاڻي واڻي نه هو خيال اڳ ۾ ، آيو آهي هاڻِي ڪٿا ايترو ير! ڪٺو مال ٿيندو اگر بند ٿي رشوت بروحال ٿيندو سٺا طعام گھر ۾ ، ڪڏهن ڪونه ايندا ٻچا ٻار بک ۾ ، پيا پاه ٿيندا پيا روز قرضي به ، در تي پٽيندا جي ملندو نه تن کي، ته گاريون به ڏيندا اسان لئه مصيبت ۽ جنجال ٿيندو اگر بند ٿي رشوت بروحال ٿيندو نڪو عيش عشرت جو سامان رهندو نڪو رعب آڪڙ، نه فرمان رهندو وڏو گوڙ گھر ۾ ، ۽ گھمسان ٿيندو سڄوڏينهن، سودائي خفقان رهندو اسان جو ڪنهن کي پو ڪو خيال رهندو اگر بند ٿي رشوت بروحال ٿيندو.