مزاحيه شاعري: اگر بند ٿي رشوت بروحال ٿيندو.

رياض ملڪاڻي

سينيئر رڪن
ڪٿان نيڪٽائي، ڪٿان سوٽ ايندا
ڪٿان ٽا ٽيڳر ، ڪٿان بوٽ ايندا
ڪٿان ريشمي ۽ گرم ڪوٽ ايندا
ڪٿان روز اهڙا ، ڳاڙها نوٽ ايندا

رڙيون روز گھر ۾ ۽ ٻائيتال ٿيندو
اگر بند ٿي رشوت بروحال ٿيندو


ڏسون چار پئسا، ڪري وات پاڻي
ٿا سمجهيون ته رشوت آ ملڪيت اباڻي
سُڃي کي ڏٽا ٿا ، ڏيون ڄاڻي واڻي
نه هو خيال اڳ ۾ ، آيو آهي هاڻِي

ڪٿا ايترو ير! ڪٺو مال ٿيندو
اگر بند ٿي رشوت بروحال ٿيندو


سٺا طعام گھر ۾ ، ڪڏهن ڪونه ايندا
ٻچا ٻار بک ۾ ، پيا پاه ٿيندا
پيا روز قرضي به ، در تي پٽيندا
جي ملندو نه تن کي، ته گاريون به ڏيندا

اسان لئه مصيبت ۽ جنجال ٿيندو
اگر بند ٿي رشوت بروحال ٿيندو


نڪو عيش عشرت جو سامان رهندو
نڪو رعب آڪڙ، نه فرمان رهندو
وڏو گوڙ گھر ۾ ، ۽ گھمسان ٿيندو
سڄوڏينهن، سودائي خفقان رهندو

اسان جو ڪنهن کي پو ڪو خيال رهندو
اگر بند ٿي رشوت بروحال ٿيندو.
 
Back
Top