• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محسوس پيو ڪجي ته آهستي آهستي گليمر ۾ جڪڙيل سنڌي چينل سنڌ جي اصل گھرجن طرف موٽن پيا.

Sindhi Media

سينيئر رڪن
محسوس پيو ڪجي ته آهستي آهستي گليمر ۾ جڪڙيل سنڌي چينل سنڌ جي اصل گھرجن طرف موٽن پيا.

ڪي ٽي اين جو ”لاٽ“ پروگرام ۽ سنڌ ٽي وي جو ”وائيس آف سنڌ“ ان جي پهرين ڪڙي آهي. سنڌ سموري پنهنجي ڪلچر، تهذيب ۽ فنڪارن جي فوج ۾ شاهوڪار آهي، تڌنهن ته ايترا سنڌي چينل هوندي به اڃا تائين لکين سنڌي فنڪار سنڌي چينلن جي در تي آسائته آهن اُميد ٿي ڪجي ته، ۾ڙئي سنڌي چينل ، مهراڻ، ڌرتي ۽ آواز ٽيليويزن پڻ ،سنڌ ٽي وي جي ”وائس آف سنڌ “ ۽ ڪي.ٽي.اين جي ”لاٽ ” پروگرامن جهڙا سنڌ دوست پروگرام ۽ ايوينٽ ڪري فنڪار دوستن لاءِ روزگار جا موَقعا پئدا ڪندي . آواز ٽي وي تي پارس لطيف ۽ عنايت شاه وارو پروگرام ، جنهن ۾ فنڪارن جا انٽروي وٺبا آهن، جي فارميٽ کي تبديل ڪري، بهترين انداز ۾ پيش ڪري سنڌي فنڪارن جو آڊيشن ۽ اسڪرين ٽيسٽ وٺي سگھهجي ٿي ۽ اُنهن سليڪٽ ٿيندڙ نون فنڪارن کي ترجيحي طور نون ڊرامن ۽ پروگرامن ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو جيڪا هن مهنگائيءَ ۽ مُفلسيءَ جي دئور ۾ سنڌي فنڪارن لاءِ سُٺو سوڻ بڻبي. بس هڪ گُذارش جيڪا مڙني چينلن ۾ آهي جيڪي بهاني سان سنڌي فنڪارن جو اُجو رو کائي وڃن ٿا، ائين نه ڪن ته مهرباني.

اها ساڳي ڪوشش ۽ ڪاوش مهراڻ ۽ ڌرتي چينل به جيڪر ڪن ته سنڌي فنڪارن جي تڪليفُن کي هڪ حد تائين گھٽ ڪري سگھجي ٿو.
 
جواب: محسوس پيو ڪجي ته آهستي آهستي گليمر ۾ جڪڙيل سنڌي چينل سنڌ جي اصل گھرجن طرف موٽن

ادا سائين اسين اوهانجي ان ڳالهه سان سئو فيصد متفق ٿيندي، سنڌي ٽي وي چينل هلائيندڙ انتظاميه ۽ مالڪن کي گذارش ڪنداسون ته هو اداڪارن ۽ ڳائڻن جو معاوضو وقت سر ادا ڪن ته جيئن هو به پنهنجين گهرجن کي پورو ڪري سگهن ۽ پيٽ جي باهه کي اجهائي سگهن ۔۔۔

اسين سڀ الله جي پياري پيغمبر، رسول اڪرم سيدنا محمد صلي الله عليه وسلم جي هن قول تي عمل ڪريون ته هوند معاشري مان ڪافي ساتريون برايون ختم ٿي وڃن۔۔۔
”مزور جي مزوري سندس پگهر سڪڻ کان اڳ ادا ڪئي وڃي“
 
جواب: محسوس پيو ڪجي ته آهستي آهستي گليمر ۾ جڪڙيل سنڌي چينل سنڌ جي اصل گھرجن طرف موٽن

سائين بلڪل توهان سان متفق آهيان
 
جواب: محسوس پيو ڪجي ته آهستي آهستي گليمر ۾ جڪڙيل سنڌي چينل سنڌ جي اصل گھرجن طرف موٽن

دوستن کي آگاهي ٿي ڏجي ته مُحترم حميد ڀُٽو صاحب، پروگرام مئنيجر ڌرتي چينل، جن تصيح ڪندي ڪنفرم ڪيو آهي ته ڌرتي چينل تي به نون ٽيلنٽس کي مُتعارف ڪرائڻ لاءِ نيو ميوزڪ ٽيلنٽ پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن جي رڪارڊنگ به جاري آهي. ميوزڪ يا ڳائڻ وڄائڻ سان وابسطه سنڌي ڀائرن کي جيڪي سمجھن ٿا ته هوسنڌي ميڊيا اچي پاڻ مڃائي سگھن ٿا، مهرباني ڪري پروگرام مئنيجر مُحترم حميد ڀُٽو صاحب جن سان ڌرتي چينل تي رابطي ۾ اچن. ڌرتي چينل ، ڪي ٽي اين جي سامهون ۽ تقريبن ٽن گھٽين کان پهرين، اڊفيند موڙ جي سگنل ،ختر ڪالوني ڊفينس ٽو، ڪورنڪي روڊ تي آهي. ڊفينس موڙ جي سگنل تي لهبو ۽ سامهون پري کاٻي پاسي واري اڪيلي بلڊنگ جنهن جي ڪُنڊ ۾ گول شيشي جي لفٽ لڳل ۽ هيٺ مارڪيٽ آهي. وڌيڪ رابطي لاءِ حميد ڀُٽو جو سيل نمبر آهي 0300 2427025
 
Back
Top