• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گهر جي آڳر ۾ پوريل ؛

گهر جي آڳر ۾ پوريل
پنهنجن سپنن کي کوٽيندي
توڙي جو منهنجا ننُهن
رتورت ٿي ويا آهن،
منهنجي روح تي
تعزيرن جا تير وسايا ويا آهن ،
۽ منهنجي اکين ۾
ڪيئي سمنڊ خاموش آهن
پر مان مايوس ناهيان
اميد ساه وانگر آهي
صدين کا ڏکويل دلين لاء
روشن راه وانگر آهي
جيجل جي چاه وانگر آهي
مون کي خبر آهي ته
جدوجهد شعور آهي
زندگي آهي
محبت آهي
مان ديوارن ۽ ڌرتيء ۾
پوريل پنهنجن سپنن جي ساڀيان لاء
جدوجهد ڪري رهي آهيان
جو انهن ۾
منهنجي جيون جو
روشن صبح پوريل آهي ۔ —

حميده گل
 
Back
Top