رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
واه واه رازق رب ستار....
ڪيڏا هتڙي ڪيس ٿين پيا او خالق منهنجا خلقڻهار
ڪنهن جي گهر ۾ روئڻ ڌوئڻ ڪو آ خوشين ۾ هت گار
واه واه رازق رب ستار
ڪوئي سڏڪن منجه سمورو ڪنهن جي محفل ۾ مهڪار
واه واه رازق رب ستار
ڪنهن جا گهر برباد ويا ٿي ڪنهن لئه سکيو هي سنسار
واه واه رازق رب ستار...
ڪنهن کي ڏوهن هوندي ڏين ٿو ڪنهن جي عبادت ڀي لاچار
واه واه رازق رب ستار...
ڪنهن جي گهر جنازو آهي ڪنهن کي ريءَ گهري ڏين ٻار
واه واه رازق رب ستار..
تنهنجي قدرت قائم دائم منهنجو دعائون سڀ بيڪار
واه واه رازق رب ستار...
تنهنجو شان نرالو سائين مان هان بدين ۾ بيڪار
واه واه رازق رب ستار...
ڏکندن جا تون ڏکڙا لاهين رازي ٿي مون تي ٻاجهار
واه واه رازق رب ستار
رسول بخش دائود پوٽه