” جنين ڪاڻ جياس “ نسيم حيدري

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪهاڻي
    ” جنين ڪاڻ جياس “
    نسيم حيدري
    [​IMG]

    [JUSTIFY]هوءَ ٿڪل ٿڪل قدمن سان ريلوي اسٽيشن تي اچي بيٺي … سندس سنڌُ سنڌُ ڏکي رهيو هو … وارن چڳون منهن تي لڙڪي آيون هيس ۽ کيس پنهنجو ڪو هوش ئي ڪونه هو … حيران پريشان نظرن سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي … هوا جا جھوٽا تيز ٿيندا ويا … هن چادر سان پنهنجي نئين ڄاول ٻار کي چڱيءَ طرح ويڙهيو … پليٽفارم تي ماڻهن جي ڪافي رش هئي، گاڏيءَ سيٽي هنئي، هوءَ تڪڙن تڪڙن قدمن سان اچي زناني گاڏي ۾ چڙهي ويٺي … گاڏيءَ آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيو … لهندڙ سج جا ڪرڻا زمين جي اوٽان جھاتيون پائڻ لڳا …

    سياري جي سرد شام پنهنجو زور ڏيکارڻ شروع ڪيو هو … ” نوريءَ “ دريءَ کي بند ڪيو، ڪنڌ ورائي اوسي پاسي ڏٺو، مسافر مائين ۽ ٻارن جي گوڙ کان سندس دماغ جون رڳون ڦاٽيون ٿي، سور وچان هن اکيون بند ڪري ڇڏيون … ريل پنهنجي پوري رفتار سان هلڻ لڳي هئي … هن هڪ نظر پنهنجي ڌيءَ ڏانهن ڏٺو، جا مامتا جي پيڙا ۽ درد کان بينياز ننڊ جو مزو وٺي رهي هئي … ڪئي سوچون سندس ذهن کي وڻ ويڙهيءَ جيئان وڪوڙي ويون ” ڇا سڀاڻي هن معصوم کي به مون جيئان ظلم جي پيڙا ۾ پسجڻو پوندو؟، ڇا مون جيان هنکي به ڏکن ۽ ڏولاون جو بار ڪلهن تي کڻڻو پوندو؟، نه نه پنهنجي ٻچڙيءَ کي ظلم ۽ ڏاڍ جي حوالي نه ڪنديس “ سندس دل ڀرجي آئي ۽ اکين مان لڙڪن جي لار وهڻ لڳي …

    ننڍپڻ ۾ هن هميشه پنهنجي ماءُ کي مارون کائيندي ڏٺو هو، هوءَ جڏهن به ڊوڙي ماءُ کي چنبڙندي هئي ته پڻهس ٻه ٽي ٿڦڙون سندس نازڪ ڳلن تي زور سان وهائي ڪڍندو هو ۽ هوءَ در جي اوٽان لڪي پنهنجن سڏڪن کي پيءُ جي ڊپ کان اندر ئي اندر ۾ گھٽيندي رهندي هئي … ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهس به پنهنجا سور هن مان ڪڍندي هئي ۽ جڏهن کيس ماري ماري ٿڪجندي ته هن مان هٿ ڪڍي پنهنجي منهن پئي ڀڻ ڀڻ ڪندي … ڪڏهن پنهنجي نصيب ۽ ڪڏهن هن جي نصيب کي پاراتا پئي ڪڍندي ...

    هن جڏهن جوانيءَ ۾ پير پاتو ته سندس شادي ماسيءَ جي پٽُ سان ڪرائي وئي … هُنَ ” انور “ کي من ئي من ۾ چاهيو هو … سندس ماسي به تمام گھڻو ڀائيندي هئي، پنهنجي گھر جي دوزخ واري زندگيءَ مان نڪري هزارين ارمان ۽ سپنا کڻي جڏهن هوءَ ساهري گھر ۾ ڪنوار بڻجي آئي، ان گھڙيءَ پاڻکي خوشنصيب سمجھڻ لڳي هئي ... کيس چاهيندڙ سَسُ ۽ ڏکن سکن جو ساٿي ملي ويو هيس ... شاديءَ جا شروعاتي ڪجھه ڏينهن خوشي ۽ مسرت سان گذريا پر ڪجھه وقت کانپوءِ انور جو دير سان گھر اچڻ ۽ مٿس توجهه نه ڏيڻ سندس پريشانين کي وڌائي ڇڏيو ... ڪيترائي ڀيرا انور کان پڇڻ چاهيائين پر همٿ نه ساري سگھي ... ماسيءَ جو پيار جيڪو ساڻس شاديءَ کان اڳ هو سو سَسُ جي روپ ۾ جيئن پوءِ تيئن گھٽ ٿيندو ويو ... گھر ۾ معمولي معمولي ڳالهين تي قيامت برپا ٿيندي هئي ... هر روز نئون مسئلو ... لڙائي جھيڙو ... گارگند ... الزام ۽ شڪوه روز جو معمول بڻجي چڪا هئا ...

    انور به هاڻ ماءُ جي طرفداري ڪندي ٿوري ٿوري ڳالهه تي هن کي ڇڙٻون ڏيڻ لڳندو هو ... شڪ وهم سندس اندر ۾ گھر ڪري رهيا هئا ... نوريءَ کي ڪٿي به وڃڻ جي اجازت نه هئي ... هاڻ ته سندس ماءُ جي اچڻ کي به اهو سمجھي ته کيس چوري ٿي برو سمجھيو ٿي ويو، انڪري هن به اچڻ ڇڏي ڏنو ... هوءَ ڀريل گھر ۾ پاڻکي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳي ... زندگيءَ جون بهارون اچڻ کان اڳ ئي ختم ٿيڻ لڳيون ... بيسڪوني ۽ بي آرامي وڌندي وئي ... سوچن ۽ پريشانين سندس سونهن ۽ جوانيءَ کي اڏوهيءَ جيئان کائڻ شروع ڪيو ... وقت کان اڳ ئي ضعيف ۽ ڪمزور نظر اچڻ لڳي ...

    ريل گاڏي ڪڏهن اچي ڪنهن اسٽيشن تي بيٺي کيس ڪو هوش ئي نه رهيو ... اچانڪ ريل جي هلڻ واري جھٽڪي تي هن مڙي دريءَ کان ٻاهر ڏٺو، اسٽيشن تي هلڪي روشني هئي ... گاڏيءَ جي رفتار سان سندس خيالن جي گھوڙي به پنهنجي پوري رفتار سان ڊوڙڻ شروع ڪيو ...

    انور جڏهن پهريون ڀيرو مٿائنس هٿ کنيو هو تڏهن هوءَ اها پوري رات وهاڻي ۾ منهن هڻي سڏڪندي رهي هئي ... انکانپوءِ ته ڄڻ انور جو هٿ سڌو ٿي ويو ۽ کيس ڳالهه نه ڳالهه تي مارڻ لڳندو هو ... قيامت ته گھر ۾ تڏهن آئي جڏهن هُنَ ڌيءُ ڄڻي وڏو ڏوهه ڪيو هجي ... سَسُ ۽ نڻانن جي چهري تي غم، غصي ۽ نفرت جا ليڪا صاف نظر ٿي آيا ...

    مصيبتون اڃان وڌيڪ تڏهن وڌيون جڏهن سندس پيءُ کي چوريءَ جي ڏوهه ۾ پوليس پڪڙي جيل اماڻي ڇڏيو ۽ ماڻهنس جا هونءَ به ڳچ وقت کان بيمار هئي سا هي صدمو برداشت نه ڪندي الله کي پياري ٿي وئي ... نوريءَ مٿان ڄڻ وڄ ڪري پئي هئي پر تنهن هوندي به سندس منهن تي هڪ عجيب مرڪَ اڀري آئي ... ” چڱو ٿيو امان کي ڏکن جي زندگيءَ کان ڇوٽڪارو مليو ... جنهن مرد لاءِ هوءَ ڄمار ساري پنهنجو سک ڦٽائيندي رهي ان کيس ڇا ڏنو ؟ سواءِ نفرتن جي ... مارن ۽ ڦٽڪار جي !!! “ کيس پيءُ کان سخت نفرت ٿيڻ لڳي ۽ اهوئي ساڳيو ڪردار کيس انور ۾ نظر اچڻ لڳو ...
    رات جو دير سان گھر اچڻ ۽ پيتل حالت ۾ ٿوري ٿوري ڳالهه تي کيس ڌڪ هڻي منهن پٺي سڄائي وجھڻ ... ساڳي جھنم جهڙي زندگي !!! هن جي اندر ۾ بغاوت جي باهه ٻرڻ لڳي ... سندس معصوم ماءُ جو ڏکويل چهرو اکين اڳيان ڦرڻ لڳس ... ماءُ جا ڏک هِنَ پنهنجي جھوليءَ ۾ وڌا ۽ اهي ئي ڏک پنهنجي ڌيءَ جي دامن ۾ اڇلائيندي ... ساڳيون نفرتون ۽ بيزاريون سندس ڌيءَ جي منهن پونديون ... سندس مٿو ڦرڻ لڳو ... ڄڻ ته بلنديءَ تان کيس ڦٽو ڪيو ويو هجي ... اها رات هن اکين ئي اکين ۾ گذاري ڇڏي هئي ...

    هڪ رات جڏهن انور دير سان نشي ۾ ڌُتُ ٿي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته هِنَ کان به رهيو نه ٿيو ۽ همٿ ڪندي کيس چئي ويٺي ” توکي منهنجو ته ڪو خيال ڪونهي پر هن معصوم نياڻيءَ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو تو هڪ دفعو به کيس پيار نه ڪيو آهي ۽ نه وري کنيو آهي ... راتين جون راتيون غائب ... هي ڪو وقت آهي گھر اچڻ جو ... شرابي ۽ نشيءَ دوستن جي صحبت ۾ تون به پنهنجو گھر، زال ۽ ٻار وساري ويٺو آهين ... “ لفظ سندس نڙيءَ جو سور بڻجي پيا ... چاهيندي به ٻيو ڪجھه چئي نه سگھي...

    ” تون ڪير ٿيندي آهين اهي سوال ڪرڻ واري ...؟ منهنجي مرضي! جيئن وڻي تيئن ڪريان “ انور غصي ۽ بيپرواهي سان جواب ڏنو ...

    ” آءُ تنهنجي زال آهيان، مونکي حق آهي توکان پڇڻ جو ! “ هن جو ايئن چوڻ ۽ ٿڦڙن جو وسڪارو ٿي وڃڻ ... هن اٿڻ چاهيو پر مڪن ۽ لتن جي وسڪاري سندس سگھه ٽوڙي وڌي ... گھر جا سڀ ڀاتي سجاڳ ٿيا ... هرهڪ جي ٿڪ لعنت هن تي وسڻ لڳي ... انور جي واتان ”طلاق“ جي لفظ، هن جا هوش وڃائي ڇڏيا ۽ هو شڪل وري نه ڏسڻ جو چئي ماءُ جي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ هوءَ پوري رات ڪمري ۾ ڪنهن گھايل پکيءَ جيئان تڙپندي رهي ... اکين ئي اکين ۾ صبح ڪيائين ۽ کيس اميد ٿي ته شايد انور نشي ۾ اهو سڀ ڪجھه چئي ويو آهي ۽ ضرور پرچائڻ ايندو ... ڏينهن ڪافي چڙهي چڪو ... هوءَ سڏڪندي رهي ... مار جو سور جيئن پوءِ تيئن وڌندو رهيو ... ڪو به ڀاتي کيس پڇڻ يا ڏسڻ ڪونه آيو ... هيٺ جھڪي گلاس پاڻيءَ جو کنيائين ... مشڪل سان ٻه ٽي ڍڪ نڙيءَ کان مس هيٺ لاٿائين ... روئيندڙ ڌيڻس کي به کڻڻ جي منجھس همٿ نه رهي هئي ...

    ” ڇا عورت جو ڪوبه گھر ناهي؟ هڪڙا ٽي لفظ سندس زندگي سنوارن ته ٻيا ٽي لفظ زندگيءَ کي برباد ڪيو ڇڏين ! انساني رشتا پل ڀر ۾ ايئن بدلجيو وڃن ! سوين خيال، وسوسا ۽ فيصلا سندس ذهن ۾ اچڻ لڳا ... ڪو به اٽل فيصلو ڪري نه سگھي ... ڪافي دير تائين روئيندي رهي ... ٻارڙي پڻ روئيندي روئيندي ساڻي ٿي پئي هئي ... اوچتو هوءَ اٿي ... پتڪڙي وجود کي چادر ۾ ويڙهيو ... ڳوڙها اگھيا ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري آئي، راتوڪي مار سبب سندس سڄو جسم سور ۾ تپي رهيو هو ... گھر کان ٻاهر پير پائڻ کان اڳ هن هڪ جھٽ لاءِ پويان نهاريو پر کيس ڪنهن نه آواز ڏنو ۽ نه وري روڪيو ... آلين اکين سان ٻاهر نڪري آئي کيس ايئن لڳو ڄڻ صدين کانپوءِ ٻوساٽيل ماحول مان نڪري آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ نصيب ٿيو هجيس ... شام جا پاڇا وڌي رهيا هيا ... ڪٿي وڃڻو هو کيس ڪا خبر نه هئي ...

    اوچتي آواز کيس ڏڪائي وڌو ... ” او مائي! عمر ساري ريل ۾ ئي گذارڻ جو ارادو آهي ڇا ... اسٽيشن تي گاڏيءَ کي بيٺي ڳچ وقت ٿيو آهي ... اڳيان ٻي ڪا به اسٽيشن ناهي ! “

    پاڻ سنڀالي هيٺ لهي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آئي ... سياري جي سرد ڄمائيندڙ رات ... ماحول تي موت جھڙي خاموشي ... وچ وچ ۾ ڪتن جي ڀئونڪ ماحول کي وڌيڪ ڀوائتو بڻائي ٿي ڇڏيو ... سندس اندر جو خوف وڌڻ لڳو ... وستيءَ جا سڀ رهواسي پنهنجن پنهنجن گھرن ۾ آرامي هئا ... پر هيءُ هڪ ڀٽڪيل روح جيئان ڪيتري وقت کان سنسان رستن تي هيڏانهن هوڏانهن ڦيريون پائي رهي هئي ... ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿي آيس ته هوءَ ڇا ڪري؟ اجنبي شهر ۽ اجنبي ماحول !!!

    سيءَ جي سختيءَ کيس سامهون هڪ هلڪي روشن گھر ڏانهن وڌڻ تي مجبور ڪيو ... دروازو کڙڪائڻ لاءِ هٿ وڌايائين پر ڪنهن اڻڄاتل خوف سندس هٿ روڪي ورتو ... نڍهال ٿي دروازي جي دڪيءَ تي ويهي رهي ... سندس جسم ڏڪي رهيو هو ... ٻارڙو به ٿڌو برف ٿي چڪو هو ... پوري رات هوءَ سرديءَ جو مقابلو ڪندي رهي ... معصوم ڌيءَ کي ٿڌ کان بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي رهي ... ڪنهن پل اک ٻوٽجي ٿي ويس ... باک ڦٽڻ سان ڄڻ هر شيءَ ۾ ساهه پئجي ويو هجي ۽ زندگيءَ جو عمل وري شروع ٿيو هجي ...

    اچانڪ مرداڻي دڙڪي تي وائڙن جيئان اٿي کڙي ٿي ايئن جيئن ڪنهن هرڻيءَ تي گھاٽي جھنگ ۾ شينهن حملو ڪيو هجي ... ” چادر ۾ ڇا اٿئي؟ ڪير آهين؟ اوو ته پنهنجي پاپ کي لڪائڻ لاءِ توکي هي ئي دروازو مليو آهي ...کڻ پنهنجي حرامي ٻار کي هتان ... گندگي وڃي ڪنهن ٻي هنڌ ڦٽو ڪر ... هَلُ هتان حرامزادي ....“

    نوران جو خوف ويتر وڌي ويو ... اکين جو سمورو آب سڪي ويو هيس ... نڙي سڪي پٿر جيئان ٿي وئي هيس ... هلندي رلندي کيس محسوس ٿيو ته چادر ۾ ويڙهيل سندس ڌيئڙي جي جسم ۾ ڪا حرڪت ناهي ... هن آسمان ڏانهن نهاريو ... نه منهنجا رب نه! اهڙو قهر نه ڪجانءِ ... چرين جيئان ٻارڙيءِ کي ڦولهڻ لڳي پر پکيئڙو پرواز ڪري ويو هو ... سج جا روشن ڪرڻا ماحول مٿان ڇائجندا ويا ... نوران جو چهرو چمڪي اٿيو ... سندس ٽهڪ فضا ۾ گونجڻ لڳا ... پٺيان ايندڙ ريل ڪوڪ هنئي ۽ هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي ڪنهن جنگي جوڌي جيئان ايندڙ ريل ڏانهن هلي رهي هئي ...

    ان ڏينهن جي شام واري اخبار جي هڪ خبر ...

    ” نوجوان ناريءَ معصوم ٻارڙي سميت ريل هيٺان اچي زندگيءَ جو انت آندو “
    [/JUSTIFY]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ويچاري عورت اهي ئي سور، اهي ئي صدما، اهوئي آپگهات

    مٺا نثار ابڙو ۽ ڀيڻ نسيم حيدري، ٻنهي جي جوڙي سدا سلامت رهي(آمين) ڀيڻ هن ڪهاڻي ” جنين ڪاڻ جياس“ ۾ عورت ، کي هيمشهه جيان ڏُکن ۽ ڏولاون ۾ پنهنجي جيجل کان وٺي ”نوري“ تائين سورن جي ٽياس تي ٽنگيل ڏيکاريو ويو آهي، ڪهاڻي جي پلاٽ تي ڀيڻ نسيم ڀرپور توجه ڏني آهي، ڪهاڻي جي شروعات کان وٺي اهو محسوس ڪري رهيو هئس ته ويچاري نوري پنهنجي سورن سان ڪنهن منفرد ۽ اڇوتي نموني سان مقابلو ڪندي، ۽ پنهنجي مڙس، ساهورن ۽ خاندان جي سڀني ماڻهن کي ثابت ڪري ڏيکاريندي ته عورت، ڀلي الله تعالى جي طرفان هڪ سونهن ڀريو نازڪ ۽ نفيس تُحفو آهي پر جيڪڏهن هُوءَ جاڳي ته تقدير جون راهون موڙي سگهي ٿي، پر ان وقت مُنهنجا اهي جوش ۽ جذبا ختم ٿي ويا جڏهن نوري ويچاري کي شرابي مڙس طلاق جا ٽي لفظ وهائي انسانيت جي مُنهن تي چماٽ وهائي ڪڍندو آهي، ۽ نوري ويچاري تقدير جو لکيو سمجهي گهر کان ٻاهر نڪري ننڍڙي نينگريءَ کي ساڻ ڪري بغير ڪنهن منزل جي ڏس پتي جي ريلوي اسٽيشن جو رُخ ڪندي آهي، جيئن ته ڀيڻ نسيم حيدري سنڌ جي ڏاکڻي علائقي جي آخري اسٽيشن بدين سان تعلق رکي ٿي، ان کان پوءِ ريل ڪيڏانهن به ڪونه ويندي آهي، اهو خيال ذهن ۾ رکندي ڀيڻ نسيم حيدري پنهنجي ڪهاڻي جي مين ڪردار نوريءَ کي اهڙي اسٽيشن تائين پهچائي ٿي جتي ڪو آواز ڏئي نوريءَ کي هوشيار ٿو ڪري ته هيءَ آخري اسٽيشن آهي ان ڪري لهي پئو، نيٺ ويچاري نوري لهي ٿي پوي ۽ آخر ۾ اهائي بيوسي، اهوئي ننڍڙي معصوم جو سيءُ وگهي ٿڌو ٿي وڃڻ ۽ آخري ڇوٽڪارو وري ريل جي هيٺان نوري جو اچي وڃڻ ۽ اخبار جي سُرخي ته............................... ڀيڻ نسيم بس ٿورو بس صفا ٿورو ان ڪهاڻي جي اختتام ۾ ڪجهه چينج هُجي ها، ته هيءَ ڪهاڻي شاهڪار ڪهاڻين ۾ شمار ٿِي سگهي ٿي. اُن هوندي به ڀيڻ نسيم حيدريءَ کي جس هُجي جو هن مصروفيات ۽ وحشت ڀرئي دور ۾ ڪجهه وقت ڪڍي سموري سنڌ لاءِ ڪهاڻيون تحرير ڪري ٿي، سندن اهڙي ڪاوشن کي مُنهنجي طرفان دلي واڌايون.
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ” نه ڇيڙ ملنگان نون“

    سائين نثار ناز
    حق موجود
    ڀائڙا اوهانجي ڳالهه سان اتفاق ڪجي به کڻي پر جيئن ته هن ڪهاڻيءَ جي تخليق جو اکين ڏٺو شاهد آهيان سو آءُ ليکڪا نسيم حيدري کي ڪا راءِ ڏئي نه سگهيس، دراصل ٿيو ڇا جو ڳچ سال اڳ جڏهن پاڻ ٻئي اسٽيل مل جي اسڪولن ۾ ماستر هياسون ۽ ننڍڙو آشيانو ٺاهي گلشن حديد ۾ رهندا هئاسون ۽ تازو مون واري ڌيءَ ڪنول جو جنم ٿيو هو، انهن ڏينهن ۾ هڪ خبر شايع ٿي هئي جنهن ۾ هڪ نوجوان نينگر پنهنجي ابهم ٻار سان ريل هيٺان اچي مئي هئي ... ان خبر کانپوءِ نسيم ڪجهه ڏينهن لاءِ ڄڻ ته موڳي موڳي ٿي پئي هئي ... مون هڪ ٻه واري پڇڻ جي ڪوشش به ڪئي پر جواب مليو ته ڪا خاص ڳالهه ناهي ... شايد ”مٺ ڀيڙيائي ڀلي جي اپٽي ته واءُ“ واري اصول اندر ڪڙهي پچي رهي هئي ... خئير قصو ڪوتاهه ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس هيءَ ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ ملي ۽ نسيم جي چهري تي به ڪجه سڪون محسوس ٿيو ... ايئن لڳو ته ڄڻ اندر جي باهه هن پنن تي منتقل ڪئي هجي ... بهرحال ليکڪ جي اندر جي ماٽيءَ واري ولوڙ ته اهو ئي سمجهي ٿو ... باقي اسين ته مکڻ ئي کائي سگهونٿا ...
    جيئن سائين لطيف نه چيو هو ته ” ... جي ظاهر ڪريان ذري ته لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري “ سو ادا پاڻ ته ان تي ڪاربند آهيون ... ” نه ڇيڙ ملنگان نون“

    وري به جڏهن هن ظالم وڇوڙي جا ڏينهن ختم ٿيندا ۽ پرين سان ملاقات ٿيندي ته ياد ڪري ان موضوع تي ساڻس ڳالهه ٻولهه ضرور ڪبي ۽ اوهان جا رايا پڻ پهچائبا ...
    دعائن ۾ گڏ
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين ڪهاڻي تمام پياري آهي پڙهي ڪري مون کي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا شال آباد هجن سنڌ ڌرتي ءَ جون سڀ نياڻيون
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مولا ڪهاڻيڪار کي شاد رکي آباد رکي
     
  6. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اادا علي علي، ڀاءُ عبدالوهاب ۽ دوست نثار منگي
    حق موجود
    دوستو اوهانجي مهرباني جو ڪهاڻيءَ کي پسند ڪرڻ سان گڏ دعائون به ڏنيون اٿوَ، دوست علي علي جا ڳوڙها ڳل ته ادي عبد الوهاب جون دعائون ۽ مٺي منگيءَ جو جيئي سنڌ .... سڀ اکين تي
    سدائين گڏ
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين سائين نثار ابڙا صاحب

    shabashshabashshabashshabash


    shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ” جنين ڪاڻ جياس “ نسيم حيدري

    فقير سائين جو تاڙيون ۽ واهه واهه به نرالي لڳي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔ اڄ واقعي ليکڪا تائين اهي تاڙيون ۽ تاثر پهتا ٿيا آهن ۔۔۔
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ” جنين ڪاڻ جياس “ نسيم حيدري

    ادا ڪهاڻي ته لاجواب آهي.
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ” جنين ڪاڻ جياس “ نسيم حيدري

    [​IMG]
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ” جنين ڪاڻ جياس “ نسيم حيدري

    عورت ، سنڌي معاشرو ۽ ڏک ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاء ڙي زندگي

    بس وڌيڪ لکڻ جي همت ساري ناهيان سگهيو، پر هڪ ڳالهه تبديلي اڃان ڪوهين ڏور آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو