پير پٿورو سنڌ جي مختلف درويشن مان ھڪ ڪوٺيو وڃي ٿو، ڪي ماڻھو چون ٿا ته پير پٿورو ميگھواڙ ڪميونٽي مان ھئا جنھن جو ڪتاب جنت السنڌ (رحيمداد خان مولائي شيدائي) جي ڪتاب ۾ به احوال ڏنل آھي، سندس مقبرو تعلقي پٿوري ۾ اڪڙي اسٽيشن وٽ آھي. جتي ھر سال چيٽي جي چنڊ تي ھزارين عقيدتمند ، مريد (جنھن ۾ ميگھواڙ، واڻيا، ڀيل، ڪولھي تقريبن سڄي ھندو ذات جن جو تعلق صرف پاڪستان سان نه بلڪه انڊيا کان به ھوندو آھي) اچي حاضري ڏين ٿا. ان کان سواء سلسليوار ميلو پڻ لڳي ٿو. چوندا آھن ته ھن بزرگ جو اعتماد ۽ صدق ملتاني بزرگن سان تمام گھڻو ھو، تنھن ڪري اتان سندس فيض به ملس ۽ خلافت به مليس. درگاده تي ھر سال لکين رپين ۽ زيورن جي صورت ۾ ليکي رجوعات ٿيندي آھي، جنھن جو ڳچ حصو بڪيرن وارن پيرن کي ملندو آھي ۽ باقي رقم درگاھ تي خرچ ڪئي وڃي ٿي.
پير پٿورو، عمرڪوٽ ضلعي جو مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي ولادت 1210 هه مطابق 1795ع ۾ ٿي. هن بزرگ لاءِ چيو وڃي ٿـو تـه اصـل ۾ ميـگهـواڙ قبـيـلـي سـان واسطـو رکـنـدو هـو. بعـد ۾ ابـراهيـم ناگوراڻي، جرڪس ڏناڻي ۽ ڇُٽي بخـاريءَ جهـڙن بزرگـن سان گڏجي ملتان ويو ۽ غوث بهاوالحق جو مُريد ٿي مسلمان ٿيو. روايتن موجب سندس نالو ”شيخ نعمت الله“ رکيو ويو، پر ”پير پٿوري“ جي نالي سان معروف ٿيو. هڪ روايت موجب ملتان مان واپسيءَ تي ماءُ ۽ پيءُ کي به مسلمان ڪيو هئائين. پير پٿوري جي اسلامي نالي جي تصديق عمرڪوٽ جو عالم مولانا مير محمد عنصري به ڪندو هو، جيڪو چوندو هو ته هن ’نگيرانِ سنڌ‘ (قلمي نسخو) ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته پير پٿوري جو اسلامي نالو ”شيخ نعمت -الله-“ هو. پير پٿوري عبادتن ۽ رياضتن سان وڏي منزل حاصل ڪئي ۽ غوثيه سلسلي جي بزرگن ۾ سندس وڏو مقام آهي. پير پٿوري جي وفات 1298هه مطابق 1881ع ۾ ٿي. چيو وڃي ٿو ته پير پٿوري جي وفات بعد سندس قبر تي ڏيوَري ٺهرائي وئي هئي، پر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ اُن جي تعمير غير اسلامي قرار ڏئي اُن کي ڊهرائي قبر مٿان قبو ٺهرايو. اڳتي هلي پير پٿوري جي عقيدتمند مريدن ان مقبري کي عاليشان صورت ڏني ۽ درگاهه تي مسافرخانا به ٺهرايا. پير پٿوري جي مزار تي هر سال ٻه ميلا لڳندا آهن، هڪڙو چيٽي چنڊ تي ۽ ٻيو ڪتيءَ جي چنڊ تي. پير پٿوري جي ميلي ۾ هندو ۽ مسلمان عقيدتمند وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا آهن. ميلي جي نگراني بڪيرن جا پير ڪندا آهن ۽ ميلي جي آمدنيءَ جو ڪجهه حصو بڪيرن جي درگاهه کي ملندو آهي. پير پٿوري جي ماءُ ۽ پيءَ جون مزارون پڻ مقبري ويجهو ڏکڻ ۾ موجود آهن، جن جي قبرن جي چوڌاري ڪاٺ جا پينگها ٺهيل آهن.