ھڪڙو شاعر،جيل جي ڪوٺي، سوچيو ويٺو سوچي، سوچي، لُون ُلون لوچي، ھڪڙو شاعر. ٽنگون ٻانھون زنجيرن ۾َ، زنجيرن تي سوچي، وردين ۾ خنزير ڏسي ٿو، خنزيرن تي سوچي ٿو. قوم سندي تقدير ڏسي ٿو، تقديرن تي سوچي، سچ چوڻ تقصير ڏسي ٿو، تقصيرن تي سوچي ٿو. ماضي جا مھمير ڏسي ٿو، مھميرن تي سوچي، پنھنجن جا ضمير ڏسي ٿو، ضميرن تي سوچي ٿو. جھانگيئڙن جا جھير ڏسي ٿو، جھيرن تي سوچي، ديس وندا دلگير ڏسي ٿو، دلگيرن تي سوچي.
ابراهيم منشي ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي ابراهيم منشي سنڌي شاعري ۾ هڪ وڏو ناوَ آهي ،هي سنڌي ٻولي جو قومي ۽ مزاحمتي شاعر آهي ابراهيم منشي پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي ڏکن ، هن ديس جي ماروئڙن جي دردن المين ، انهن سان ٿيل ويساهه گهاٽين جي عڪاسي ڪئي آهي