ھڪڙو شاعر، جيل جي ڪوٺي(منشي)

'مُنشي ابراهيم' فورم ۾ راجا راجيندر طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2014۔

  1. راجا راجيندر

    راجا راجيندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2014
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڳوٺ ملڪاڻي شريف، موجوده حيدرآباد
    ھڪڙو شاعر،جيل جي ڪوٺي، سوچيو ويٺو سوچي،
    سوچي، لُون ُلون لوچي، ھڪڙو شاعر.

    ٽنگون ٻانھون زنجيرن ۾َ، زنجيرن تي سوچي،
    وردين ۾ خنزير ڏسي ٿو، خنزيرن تي سوچي ٿو.

    قوم سندي تقدير ڏسي ٿو، تقديرن تي سوچي،
    سچ چوڻ تقصير ڏسي ٿو، تقصيرن تي سوچي ٿو.

    ماضي جا مھمير ڏسي ٿو، مھميرن تي سوچي،
    پنھنجن جا ضمير ڏسي ٿو، ضميرن تي سوچي ٿو.

    جھانگيئڙن جا جھير ڏسي ٿو، جھيرن تي سوچي،
    ديس وندا دلگير ڏسي ٿو، دلگيرن تي سوچي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. حاڪم علي جمالي

    حاڪم علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2013
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ابراهيم منشي ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي ابراهيم منشي سنڌي شاعري ۾ هڪ وڏو ناوَ آهي ،هي سنڌي ٻولي جو قومي ۽ مزاحمتي شاعر آهي ابراهيم منشي پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي ڏکن ، هن ديس جي ماروئڙن جي دردن المين ، انهن سان ٿيل ويساهه گهاٽين جي عڪاسي ڪئي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو