سنڌُ جي عورتن جون شڪايتون..... الطاف شيخ

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    هن مضمون لکڻ دوران منهنجو واسطو سنڌ جي ڪجهه ٻين ڇوڪرين سان به ٿيو جن جا مسئلا پڻ ساڳي نوعيت جا آهن. هڪ ٻڌايو ته هن جو آمريڪي شهريت وارو مڙس نڪي کيس آمريڪا وٺي ٿو هلي ۽ نه خرچ پکو ٿو ڏئي. کيس ٻه ٻار به ٿي ويا آهن. هر وقت طلاق جو دڙڪو ڏئي هن جي مائٽن کي ڊيڄاريندو رهي ٿو جو هن کي خبر آهي ته هنن جي فئملي انهن پراڻن خيالن جي آهي جن وٽ طلاق کي taboo سمجھيو وڃي ٿو۔ ڇوڪريءَ سان ڀلي ظلم پيو ٿئي پر هن جي جان نه ڇڏائڻي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسلام ۾ طلاق کي سٺو نٿو سمجيو وڃي پر ڪنهن جو مڙس نه زال نه ٻارن جو خيال ڪري نه هنن کي خرچ پکو ڏئي ... ويتر شراب پي رات جو دير سان موٽي ۽ گار گند ڪري ... ايتريقدر جو پاڙي جي ماڻهن کي به پريشان ڪري ته اهڙي خوف جي زندگي ۾ رهڻ ۾ ڇا سڦلتا آهي جنهن ۾ ٻار به هيسيل رهن.
    آمريڪا ۽ پاڪستان جي ڪجهه وڪيلن ۽ رٽائرڊ ججن (جيڪي انسان ذات جي خذمت ڪرڻ ۽ لاچار ۽ مصيبت ۾ ڦاٿل عورتن جي مدد ڪرڻ کي نيڪي ۽ خير جو ڪم ٿا سمجھن) انهن سان مون مٿين ڳالهه ڪئي جنهن جي جواب ۾ هنن جا ٻڌايل ڪجهه نقطا لکڻ چاهيان ٿو جيڪي ٿي سگهي ٿو اسان جي سنڌ صوبي يا ملڪ پاڪستان جي ڪنهن عورت لاءِ رهنمائي ۽ ڪارآمد ثابت ٿين.
    • اسان وٽ پاڪستاني قانوني ۾ به هاڻ رڳو زباني طلاق بدران لکت ۾ ۽ ڪورٽ ۽ ميونسپل جي سرٽيفڪيٽ ذريعي قبول ڪئي وڃي ٿي. آمريڪن قانون موجب ڪو به مرد ان قسم جي ڊاڪومينٽ بنا ٻي شادي ڪري نٿو سگهي. هو گرل فرينڊون ۽ مسٽريسون تي رکي سگهي ٿو پر شادي نٿو ڪري سگهي. ان ڪري ڪا به عورت ڪورٽ ۾ طلاق قبول کان اڳ ڪورٽ ذريعي هن کان ٻارن جي خرچ جو ضرور لکرائي ۽ ويندي ماضيءَ جي سالن جو به خرچ claim ڪري جيڪو پڻ مڙس کي هر صورت ۾ ڏيڻو پوندو. ان جي ڪاپي آمريڪن سفارتخاني حوالي پڻ ڪئي وڃي. ڇو جو آمريڪن قانون هيٺ ٻارن جو خرچ پکو نه ڏيڻ وڏو ڏوهه آهي ۽ ان ۾ هڪ آمريڪن شهريت به وڃائي سگهي ٿو.
    • شراب پي يا نارمل حالت ۾ مڙس جي گارگند ڪري ٿو ته ان جو اهو سوچي ته پنهنجي زبان پيو گندي ڪري، توهان ڀلي هن جي شڪايت نه ڪريو پر جنهن وقت ڪو به مرد اهو چاهي پاڪستاني شهريت جو هجي يا آمريڪن شهريت جو، عورت تي هٿ کڻي ته هن کي کپي ته هوءَ يڪدم پوليس کي اطلاع ڪري ... ڇو جو نه رڳو آمريڪا ۾ پر پاڪستان ۾ به اهو وڏو ڏوهه آهي پوءِ ڀلي ان مرد جو پيءُ چاچو اعليٰ پوليس آفيسر هجي يا هن جو سوٽ ماسات هوم ڊپارٽمينٽ ۾ هجي، هو بچي نٿو سگهي جو ... ڇو بين الاقوامي تنظيمون پاڪستان ۾ به بيحد فعال آهن. ان کان علاوه هر ملڪ جو ميڊيا (اخبارون توڙي ٽي وي چئنل) اڄ ڪلهه ڪافي آزاد ٿي چڪا آهن جيڪي وڏن وڏن پيرن ميرن ۽ رئيسن ڀوتارن کي به معاف نٿا ڪن. ان ڪري ان قسم جي مظلوم عورت کي پوليس ۽ جوڊيشري کان علاوه ميڊيا ۽ پريس ڪلب وارن کان به مدد حاصل ڪرڻ کپي. ان کان علاوه آمريڪن سفارتخاني ۽ آمريڪي هوم ڊپارٽمينٽ کي به اي ميل ذريعي اطلاع ڪرڻ کپي.
    • بقول پاڪستاني وڪيلن جي، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ان قسم جي حالتن جو وڏو شڪار سنڌ جي عورت آهي جنهن کي قانون جي گهٽ ڄاڻ آهي پر ساڳي وقت اها به خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ سڀ کان گهڻا سنڌ جا وڪيل آهن جيڪي نيڪي ۽ خير خاطر ڪيترن اڻڄاڻ ۽ بي پهچ ماڻهن جي رهنمائي مفت ڪن ٿا. ان قسم جا مطير ۽ نيڪ انسان (وڪيل، رٽائرڊ جج وغيره) رڳو حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ئي ڪيترا آهن جيئن ته انهن مان ڪجهه وڪيل صحبت خان بلوچ، خدا بخش لغاري، سيد اسدالله شاهه، عبدالوهاب شر، مير احمد مڱريو، عبدالحڪيم جاکرو، اياز لطيف پليجو، ضمير گهمرو ۽ ٻيا ڪيترائي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
    هِتي اهو به لکندو هلان ته مرد طرفان جڏهن عورت کي طلاق ڏني وڃي ٿي ته مرد کي ڪورٽ کي سبب ٻڌائڻو پوي ٿو. ۽ طلاق بعد مڙس کي حق مهر ڏيڻو پوي ٿو ۽ جي ٻار آهن ته انهن جو خرچ مقرر ڪيو وڃي ٿي. عورت چاهي ته هوءَ خلع وٺي سگهي ٿي ان صورت ۾ شايد هوءَ حق مهر claim نٿي ڪري سگهي. بهرحال پنهنجي دوست مرحوم جسٽس عبدالرحيم قاضي صاحب خيرپور وارو ۽ T.V تي مشهور پروگرام ”خواجه کي عدالت“ جو ميزبان ڪراچي جو وڪيل ۽ جج جسٽس خواجه نويد ٻڌايو ته اهڙي صورت ۾ اسان جي نڪمن ۽ ناڪارن مردن کي جڏهن زال مان جان ڇڏائڻي هوندي آهي ته زال کي خوار ڪرڻ ۽ هيسائڻ لاءِ هنن لاءِ آسان هٿيار هن تي ڪوڙا بهتان هڻڻ هوندو آهي. ان ۾ ڇوڪري جا مائٽ به شامل ٿي ڇوڪريءَ جي خواري ۾ حصو وٺندا آهن ته جيئن هوءَ بدنام ٿئي جو اسان جي سوسائِٽي جنهن ۾ رُڳو مردن جي هلي ٿي ان ۾ عورت ڪنهن ڪنهن وٽ وڃي پنهنجي صفائي پيش ڪندي. بهرحال جسٽس نويد ٻڌايو ته (۽ اهو هو بار بار پنهنجن پروگرامن ۾ به ٻڌائي چڪو آهي ته) مرد جيڪڏهن اهڙو الزام هڻي ٿو ته هن لاءِ ڪورٽ ۾ ثابت ڪرڻ ضروري آهي ۽ ڪوڙو الزام هڻڻ واري مرد لاءِ آمريڪا ۾ ته ڇا اسان وٽ پاڪستان ۾ به وڏي سزا آهي. ان سلسلي ۾ خواجه نويد صاحب پنهنجي ٽي وي پروگرامن ۾ عورتن کي آگاهي ڏيندو رهيو آهي ته مرد جي الزام هڻڻ تي عورت يڪدم پوليس کي اطلاع ڪري ۽ ڪورٽ کي رجوع ڪري. جسٽس قاضي صاحب ٻڌائيندو هو ته عورت سان ٿيندڙ ظلم جا واقعات سنڌ جي ڳوٺن ۾ عام آهن جِتي ڪيتريون مائرون پنهنجن کريل پٽن جي ڪنهن غريب ڇوڪريءَ سان شادي ڪري اهو ئي سوچين ٿيون ته من سندن نشئي ۽ ناڪارو ڇوڪرو شادي بعد سڌري وڃي. يعني اهو تجربو غريب ڇوڪريءَ تي ئي ڪيو وڃي ٿو. مڙس جي شڪايت ڪرڻ تي مڙس ۽ سس هن تي ويتر ظلم ڪن ٿا ۽ ڪيترين حالتن ۾ معصوم ڇوڪرين کي سائڪو ڪيس بنايو ڇڏين ۽ اوڙي پاڙي وارن کي پنهنجي پٽ جي ڪڌن ڪرتوتن بابت ٻڌائڻ بدران ڇوڪريءَ تي ئي الزام مڙهين ٿا ته هوءَ چري آهي هوءَ گهر نٿي هلائي سگهي وغيره.
    بهرحال جِتي اسان وٽ عورتن سان مڙسن طرفان ٿيندڙ ظلم عام آهن اتي اسان جي اڄ جي آزاد ميڊيا اسانجي ڳوٺن جي عورتن کي سندن حقن بابت ڪافي آگاهي ڏني آهي ۽ ڪيترين عورتن جي تنظيمن اسان جي اڻ پڙهيل عورتن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ educate به ڪيو آهي. ويندي ڏورانهن ڳوٺن جون عورتون ساڻن ٿيندڙ گهرو ظلم يا ٻين نا انصافين جو آواز اٿارڻ لاءِ ڪنهن شهر جي پريس ڪلب م پهچن ٿيون ته اسانجو ميڊيا سندن آواز سڄي ملڪ ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ پهچايو ڇڏي. پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ مڙس ڪاوڙ ۾ اچي زال تي تيزاب هاريو ته ٻئي ڏينهن ميڊيا ذريعي آمريڪا مان نڪرندڙ نيويارڪ ۽ واشنگٽن ٽائيمس اخبار ۾ خبر اچي وئي ۽ پوءِ دنيا جي عورتن جي حقن لاءِ وڙهندڙ تنظيمون اٿيو بيهن.
    هِتي ٻه اکر مٿي بيان ڪيل آمريڪا جي وڪيلن بابت تعارف خاطر لکڻ ضروري سمجھان ٿو:
    مائيڪل ڦلواڻي: سنڌي هندو وڪيل آهي جيڪو بعد ۾ عيسائي ٿيو ۽ عمر ۾ مونکان پنج ڇهه سال وڏو آهي. مائيڪل ڦلواڻي 40 سالن کان نيوجرسي ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي ۽ سندس اهم سبجيڪٽ اميگريشن آهي. سندس قانون بابت ڪيترائي مضمون آمريڪا ۽ انڊيا جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا ۽ هڪ ڪِتاب Guide to U.S. Visas جو مصنف به آهي. پاڻ انگريزي کان علاوه سنڌي، اڙدو، پنجابي ۽ گجراتي به سٺي ڳالهائي ٿو.
    سريش ايل دلال: هي انڊين وڪيل آهي جنهن پنهنجي وڪالت جي شروعات يوگنڊا (آفريڪا) کان ڪئي. 1977ع کان نيوجرسي ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. اسان جا ڪيترائي پاڪستاني ۽ انڊين پنهنجي فئملي ا اميگريشن جي مسئلن لاءِ هن وٽ وڃن ٿا.
    امداد سيهڙ: هي سنڌ جو اعليٰ تعليم يافته، محنتي شاگرد، قابل بيوروڪريٽ ۽ ڪامياب وڪيل آهي. امداد سيهڙ سنڌ جي تعليمدان خدا بخش ”ناطق“ مورائي جو پٽ ۽ سنڌ پوليس جي ڊي آءِ جي ارشاد رضا جو وڏو ڀاءُ آهي. امداد 1983ع ۾ لياقت يونيورسٽي مان MBBS ان بعد ايڪانامڪس ۽ هسٽري جي سبجيڪٽن ۾ M.A ڪئي. ان بعد CSS جو امتحان نه رڳو پاس ڪري DMG گروپ ۾ آيو پر هن ان امتحان ۾ ٽاپ ڪيو ۽ رڪارڊ آهي ته هن جيتريون مارڪون اڄ تائين ڪو به کڻي نه سگهيو آهي. پاڻ ڪجهه سال ماتلي، سانگھڙ ۽ ڪراچي جو اسسٽنٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو. ان دوران هن ڪراچيءَ مان قانون جو امتحان LL.B به اعليٰ پوزيشن ۾ پاس ڪيو جنهن بعد هن کي LL.M ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي يونيورسٽي آف ميامي فلوريڊا ۾ داخلا ملي ۽ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ بعد آمريڪا جي شهر هيوسٽن ۾ اٽارني آهي ۽ سندس قانون جي ڪمپني “Law office of Imdad Sehar” نالي آهي ۽ ويب سائيٽ www.eaglejusticeusa.com آهي.
    عبدالخالق شيخ: هي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جو قابل شاگرد رهي چڪو آهي جنهن هميشه راندين ۽ ڊبيٽ تقريرن ۾ به پوزيشن کنئي. پاڻ 1967ع ۾ قنبر ۾ ڄائو پيٽارو بعد NED يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ ان سان گڏ B.A ڪري CSS جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوليس کاتي ۾ آيو ـــ سندس دلپسند سبجيڪٽ ”قانون“ رهيو آهي. هن LL.B يونيورسٽي آف لنڊن مان ڪئي ۽ LL.M آڪسفورڊ برڪس يونيورسٽي آمريڪا مان ۽ سوسائِٽي آف لنڪن اِن لنڊن مان بئريسٽر آف لا حاصل ڪيو. پاڻ قانون سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي ڪِتابن جو ليکڪ آهي: جيئن ته:
    1. Honour killings & police
    2. Juvenile Justice System
    وغيره. ۽ تازو هاڻ سنڌيڪا اڪيڊمي طرفان UNDP جي سهڪار سان ڪِتاب ڇپيو آهي جنهن جو نالو آهي: Violence Against Women
    هيومن رائيٽس توڙي عورتن سان سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلمن جي سلسلي ۾ هر قسم جي مدد جي حوالي سان عبدالخالق شيخ جي هر ڪو تعريف ڪري ٿو. اسان وٽ هڪ پوليس جو آفيسر عوام جي مدد ڪرڻ بدران عوام جي زندگي سان راڱا ڪرڻ جي علامت رهيو آهي. ان خيال کان عبدالخالق شيخ هڪ مختلف طبيعت جو نيڪ ۽ بلند اخلاق انسان ثابت ٿيو آهي. هو ننڍي هوندي کان، گهٽ ۾ گهـٽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا سندس ڪلاس ميٽ اهو ئي چون ٿا ته هو هيڻن جو همدرد ۽ مددگار رهيو آهي.
    سنڌ ۾ عورتن جي حقن جي جاکوڙي امر سنڌو جيڪا سنڌ يونيورسٽي جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن آهي ان ٻڌايو ته ”اسان جو پوليس جو ڊپارٽمينٽ کڻي ڪيترو به بدنام هجي پر انهن ۾ عبدالخالق شيخ وانگر ڪجهه پوليس آفيسر نيڪ ۽ مظلوم جي مدد ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان ثابت ٿيا آهن. اسان عورتن جي حقن يا سندن مٿان مڙسن جي ٿيندڙ ظلمن ٿيڻ جي سلسلي ۾ اسان جڏهن به اهڙن پوليس آفيسرن کي اطلاع ڪيو آهي ته هنن يڪدم اسان جي سڏ کي اوڻايو آهي ۽ بيوس ۽ مظلوم عورتن جي مدد ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ اهڙن نيڪ پوليس آفيسرن جي تعريف ڪرڻ اسان جو فرض آهي جيئن ته ثناالله عباسي، عبدالله شيخ، فدا مستوئي، خادم رند وغيره ...“
    پروفيسر امر سنڌوءَ اهو به ٻڌايو ته اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيترائي رٽائرڊ جج ان معاملي ۾ عورتن جي مدد ڪن ٿا جن مان جسٽس ماجده رضوي اڳيان اڳيان آهي. سنڌ يونيورسٽي جي هڪ ٻي پروفيسرياڻي عرفانا ملاح جيڪا ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن آهي، تنهن ٻڌايو ته اسان وٽ سنڌ ۾ عورتن جي رهنمائي ۽ کين پوليس ۽ ڪورٽ ڪچهريءَ جي معاملي ۾ صلاح مشورو ۽ مالي مدد ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي تنظيمون آهن جن ۾ پاڻ، امر سنڌو ۽ سنڌ جون ٻيون پڙهيل ڳڙهيل عورتون جهڙوڪ حسينا مسرت، نسيم جلباڻي، نجما پنهور، گلبدن جاويد مرزا، روزينا جوڻيجو جهڙيون اعليٰ سرڪاري نوڪريون واريون عورتون سنڌ جي ڏکويل عورتن جي مدد ڪن ٿيون. جن تنظيمن جي معرت هو ڪم ڪن ٿيون انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    - عورت فائونڊيشن
    - شرڪت گاهه......... خاص ڪري قانوني مسئلن ۾
    - سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن
    - پناه شيلٽر هائوس
    - نئشنل ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين، وغيره
    - وومين ائڪشن فورس ... (جنهن جي چيئرپرسن شايد امر سنڌو ئي آهي)، وغيره.
    بهرحال انهن طرفان سنڌ جي مظلوم عورتن لاءِ اهو ئي ميسيج آهي ته اسان جي سنڌ جون عورتون خاص ڪري ڳوٺن جون اڻ پڙهيل ۽ غريب عورتون، مڙسن جا ظلم يا ناانصافيون سهڻ ۽ گُهٽجي گهر اندر پنهنجو انت آڻڻ بدران ڪجهه همت کان ڪم وٺي مٿي بيان ڪيل تنظيمن ۽ مخير حضرات جي معرفت پنهنجو آواز بلند ڪن ۽ انصاف جي گهُر ڪن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو