سدائين سارڻ جهڙو سياڻو ماڻهو: ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ورسي (28 جولاءِ 2013ع) جي نسبت سان
    سدائين سارڻ جهڙو سياڻو ماڻهو: ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي
    مٺل جسڪاڻي


    سمجهه، ساڃاهه، سياڻپ، ڏاهپ ۽ ڏانءُ مروج تعليم جو محتاج نه آهن، جيڪڏهن عام اسڪولي تعليم ضروري هجي ها، ته موجوده تعليم ۽ تربيتي سرشتي کان اڳ وارن ماڻهن ۾ نه ماڻهپو هجي ها ۽ نه ئي ڪا دانش. ان جو اهو مطلب قطعي ڪونهي، ته مروج تعليم ڪنهن به ڪم جي نه آهي. نه، ائين نه آهي. تعليم انسان جي ٽئين اک آهي. ان ڪري مروج تعليم کان قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، ان سان مطالعي جي اضافي جي سگهه پيدا ٿيندي آهي. جنهن ڪري اهي ماڻهو، جيڪي مشاهدي ۽ ڪچهرين سان گهڻو ڪجهه پرائي، ڏاهپ جا ڏاڪا طئي ڪندا آهن، اهي ئي ساڳيا ماڻهو، جيڪڏهن مروج تعليم واري مرحلي مان به گذرندا، ته منجهن سياڻپ، سمجهه ۽ ساڃانهن، اڃا به وڌيڪ وڌندي. جنهن جي نتيجي ۾ سندن هر عمل، قول ۽ فعل مثبت رُخ ۾ رڙهندو، پنهنجا چاهيندڙ وڌائيندو ۽ پاڻ جهڙا ٻيا پيدا ڪندو، اڳتي وڌندو ويندو.

    نصرالله جسڪاڻي ولد فقير غلام محمد جسڪاڻي، جيڪو ضلعي سکر جي تعلقي پنو عاقل ۾ ڳوٺ جمع جسڪاڻي جو رهواسي هو. تنهن سان منهنجي ذاتي ڏيٺ ويٺ نه هئي. ساڻس روبرو جي ڪا هڪ به ڪچهري نه ٿي سگهڻ باوجود، مون کي خبر آهي ته هو 8 جولاءِ 1948 کان 28 جولاءِ 2003ع تائين، زندگي جي لاهن چاڙهن مان گذرندو، سندس اهڙو مثالي ڪردار ڇڏي ويو، جنهن جي مون کي، ٽنڊوڄام ضلع حيدرآباد ۾ به خبر پئي، ته جيتوڻيڪ نصرالله جسڪاڻي صرف پرائمري پاس هو، تنهن هوندي به، سندس جيئڻ به ۽ جهڙي به تربيت ٿي سگهي، هو عملي طور دستار بند مولوي بڻجڻ باوجود روشن خيال، ذهين انسان هو.

    نصرالله جسڪاڻي پنهنجي حياتي جي ٻاراڻي وهي کان ڦوهه جواني ۽ پوءِ ان کان اڳتي وڌندي، جيڪا سندس سڃاڻپ پيدا ڪئي، ان بابت مڪمل آگاهي ته سندس ويجها يار دوست ۽ مٽ مائٽ ڏيندا، پر جيئن آئون ٻُڌي سگهيو آهيان، ته هو عالم دين هو، پر سندس عام سماجي زندگي ۽ سندس ڪارڪردگي جي بنياد تي، عام ماڻهو کيس ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي چوندا هئا، چوندا آهن.

    هڪ روايتي مولوي ۽ عالم دين مان غيرروايتي ڪامريڊ ڪوٺجڻ ڪو سولو ڪم نه آهي، پر جيڪي جيڪي به نصرالله جسڪاڻي کي سڃاڻن ٿا، انهن کي خبر آهي، ته هو ڪٽر مُلون نه هو! تنهن ڪري کيس هر فڪر جو ماڻهو، دل سان چاهيندو هو ۽ ساڻس روح رچندين لاءِ سڪندو هو.

    سندس عملي زندگي بابت، جيئن مون ٻڌو آهي، ته مجموعي طور هو محبتي ماڻهو هو. هو نه صرف جسڪاڻي برداري سان محبت ڪندو هو، پر هو ته انسانيت کي چاهيندو ۽ انسانيت کي اوليت ڏيندو هو. مون کي ڪنهن ٻڌايو هو، ته هڪ دفعي قبرستان جي معاملي تي، مسلمانن ۽ غير مسلم ماڻهن جي وچ ۾ ڪي اختلاف ٿي پيا ۽ معاملو جهيڙي تائين به وڃي پهتو، پر نصرالله جسڪاڻي، انسان دوستي جو مثال قائم ڪندي، غيرمسلم ماڻهن جو ساٿ ڏنو ۽ چڻنگ مان ڀڀڙ بدران، صلح ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

    نصرالله جسڪاڻي اهڙو ته سحر انگيز شخصيت جو ڌڻي هو، جو انتهائي سخت طبيعت جو چيڙاڪ ماڻهو به، ساڻس ويهندو، ڪچهريون ڪندو هو، ته بحث مباحثي ۾ ڪائل ٿي پوندو هو، ڇاڪاڻ ته هو ڪچهرين جو مور هو، کيس ڪچهريون ڪرڻ اينديون هيون، منجهس اطمينان سان ٻڌڻ جي سگهه سان گڏوگڏ برداشت جو به مادو ۽ دانش به ايتري، جو اُلجهيل سُٽ سلجهائڻ واري سگهه به هئس.

    مولوي هجڻ جي ناتي هو بهترين خطيب ۽ مقرر به هو، پر عام سماجي پهلوئن تي سٺا مضمون به لکندو هو. ڪاروڪاري ۽ جهالت جي خلاف هوندو هو. سمجهه، سرت، ساڃانهن سبب، عام رواجي زندگي ۾، هو ڪنهن به امير ماڻهو جي اثر ۾ ماٺ رهڻ بدران، حق سچ چئي ڏيندو هو. پنهنجي ڳالهه اهڙي نموني رکي وٺندو هو، جو ڪارو ڪاري، بي جوڙ شادين ۽ ٻين سماجي براين وارن مسئلن سبب پيدا ٿيل اختلاف، صلح سان سُلجهائي وٺندو هو.

    محدود وسيلن باوجود نصرالله جسڪاڻي تمام گهڻو گهميو ڦريو ۽ تمام گهڻن ماڻهن جي ڪم ايندو رهيو، جنهن ڪري هو مولوي گهٽ ڪامريڊ وڌيڪ سڏجڻ لڳو.

    ڪاش! ڪاش! اهڙي مٺڙي ماڻهو سان منهنجي به ملاقات ٿئي ها. ساڻس جي ڪچهريون ٿين ها…

    نصرالله جسڪاڻي جهڙا ڪي ٿورا، جن جي گهڻن کي سڪ ٿيندي آهي، جن کي گهڻائي ساريندي آهي… سچ ته نصرالله جسڪاڻي سدائين سارڻ جهڙو سياڻو انسان هو. آئون سندس مغفرت لاءِ دعاڳو آهيان.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو