بند گهٽيءَ ۾ ڦاٿل سنڌي سماج

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    Rising Sindh
    بند گهٽيءَ ۾ ڦاٿل سنڌي سماج
    امان الله شيخ​

    قومن ۽ ڌرتي ڌڻين تي حملي آور ۽ ڦورو نفسياتي ۽ ثقافتي يلغار ڪرڻ لاءِ گهڻ پاساوان حيلا ۽ حرفتون ڪتب آڻيندا آهن، انهن حمله آورن جا ذهن قومن کي غلام بڻائڻ جا کاٽ هڻائڻ لاءِ ڀاڙيتن جا ٽولا به پيدا ڪندا آهن. جيڪڏهن حملا آورن جي سامهون هم مذهب هجن ٿا ته اڪيچار تشريحون تاويلون پيش ڪري ڏاڍائي ۽ اڳرائي کي حقيقتن ۽ جائز ڄاڻائڻ سڀئي ظالمانه ۽ ڪٺورتا ڀريل طور طريقن استعمال ڪرڻ ۾ ڪو به حجاب /شرم محسوس ڪو نه ڪندا آهن. اهڙي سوچ کي سياسي لغت ۾ سامراجيت/استعماريت چيو ويندو آهي.
    انهيءَ حوالي سان اسان سنڌ جي تواريخ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي آيامڪاري ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏسنداسين ته معلوم ٿيندو ته جڏهن انهن سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ مختلف حيلا ۽ بهانا آزمايا ته کين ڪامراني نصيب ڪانه ٿي. نيٺ انهن قاضي قادن جهڙن ٻين مذهبي مهندارن جي معرفت ملان موراڻا هٿ ڪيا، انهن ويساھ گهاتين سان سنڌ جي محبت وطن عالم ۽ بزرگ مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙائي ظلم، جبر ۽ خونريزي جو نئون بابت لکيو. ان کان پوءِ ارغونن، سنڌ ۾ ڪنهن به منظم رد عمل ۽ بغاوت کي نفسياتي طور چيڀاٽڻ لاءِ عالمن ۽ دانشورن جي معرفت هڪ اصطلاح مڙهيو:

    سنڌ سئين وڻ ڏنگا ماڻهو سندس خام،

    انهيءَ اصطلاح/پهاڪي جي ڀڃ گهڙ ڪنداسين ته ان جي پس منظر ۾ صدين جي غلامانه۽ غاصبانه وايو مڊل اکين آڏو ڦرندو رهي ٿو. لاڳاپيل سوال به اُڀري سامهون اچي ٿو ته ڇا صدين جي سفر کان پوءِ ان غلامانه ڪيفيت مان آجپو حاصل ٿيو آهي؟

    اسان جا حڪمران سنڌ ۾ ڏيهي سياسي ڀاڙيتن معرفت اڄ به انهيءَ اصطلاح تي عملي طور ڪاربند رهندا اچن پيا. ان حد تائين جو حڪمرانن کي جديد قاضي قادن جهڙن ڀاڙيتن به اها صلاح ڏني ته سنڌ واسين کي ڏنگر/غلام/زير بار رکڻ لاءِ هڪ صوبيدار جي ضرورت آهي پر ان ساڳي وقت دهشت ۽ ڏهڪاءُ لاءِ مختيارڪار ۽ مرضيءَ جو تپيدار به لازمي بڻجن ٿا ته ٿاڻيدار ڪوڙ ڪيسن ڦاسائي، مختيارڪار بنديخانن ۾ اڇلائي ۽ تپيدار رت چوسي ناڻو گڏ ڪرڻ جو ڪم ڏئي سگهي.

    مان انهيءَ سڄي صورتحال جو سنڌ جي قومي ميڊيا ۽ خاص ڪري پرنٽ ميڊيا ۾ آيل ڪجهه چونڊ خبرن جو ذڪر ڪرڻ مهلائتو سمجهان ٿو. ڇو ته نام نهاد قومي/پاڪستاني ميڊيا ملڪ جي وفاقي وحدتن يا ڀاڱي ڀائيوار، ڌرين کي علائقائي/صوبائي(؟) دائري ۾ واڙي پاڻ کي هٿرادو پاڪستاني قوم جو علمبردار سڏائي ٿي. انهيءَ ڏس ۾ مان عوامي آواز ۾ ڇپيل ڪجهه خبرن جا سِرا ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو جنهن سان هلڪي جهلڪ ملندي ته سنڌي سماج ڪهڙي آپدا مان گذري رهيو آهي(5.07.2014)

    ”مانجهند جي راڄڙي ٻيلي ۾ وڌيڪ 200 ايڪڙ زمين جهادي تنظيم کي وڪرو“ (اهو نيڪي جو ڪم مختيارڪار ۽ تپيدار جي رفاقت کانسواءِ ناممڪن آهي) انجو مطلب ته ارغونن ۽ ترخانن جي وارثن کي آباد ڪرڻ.

    ”مذهبي ڌرين ڪڍڻ ۽ آسپاس جي 80 سيڪڙو سامونڊي پٽيءَ ۾ موسيقي کي حرام ڄاڻائي ڇڏيو“

    ”ڪنري ۾ مذهبي جنونين قادياني ڄاڻائي پيرسن دفنائڻ نه ڏنو“ (معنيٰ سنڌ جي سيڪيولر ڪلچر کي نيست نابود ڪرڻ ۾ جديد دور ۾ نئين مخدوم بلاول کي ڪُهڻ جا سانباها ڪرڻ)

    ”لاڙڪاڻي ۽ قمبر ضلعن ۾ عورتن جي خودڪشين جو رجحان وڌي ويو.

    ”بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم حاصل ڪرڻ جي پيهه ۾ عورتون بيهوش“ (معني سنڌي سماج کي وڌيڪ ذلت ڏانهن وٺي وڃڻ ۽ محتاج بڻائڻ)

    ”ٺل مان وڌيڪ خاندان سنڌ وطن کي ڇڏي هميشه لاءِ هندوستان روانا“ (معنيٰ سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ ريڊ انڊين بڻائڻ) 16.07.2014

    ”غلطي ٿي معافي ڏيو“ حر فقير ميڙ کڻي علي گوهر مهر وٽ پهچي ويا. فنڪشنل ليگ اڳواڻ فيقر محمد مهر پاران ميڙ کڻي ويلن مهر سردار وٽ تڏو بخشرايو.“ (ڇو ته جمهوريت جاگيردارن کي حصا پتيون ڪري رياستن جي شڪل ۾ ورهائي ڏني وئي آهي) هونئن مهر سردار ته پيڙهياتا ڀوتار آهن. ۽ اهي پنهنجي صدين جي سماجي زنجيرن ۾ ذهني ۽ شعوري طور جڪڙيل آهن. پر 16.07.2014 جي روزاني ”ڊان“ جي هڪ ڇرڪائيندڙ خبر آهي ته جديد جاگيرداريت جو ذهن رکندڙ ڪيڏا ڪلور ڪري ٿو. قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف“ جي قائم ڪيل اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌي سوڌو ٻين ٻولين کي قومي ٻولي بڻائڻ جو بل اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏيو. ان گڏجاڻي ۾ ”قانون ۽ انصاف“ جي وزارت جي سيڪريٽري زور ڏيندي چيو ته ” هڪ قوم لاءِ هڪ ئي قومي زبان جو هئڻ لازمي آهي“ اڃا به وڌيڪ گوهر افشاني ڪندي چيائون” ملڪ جو هڪ وڏو حصو 1971ع جي حادثي ۾ پڻ ٻن ٻولين يعني اردو ۽ بنگالي کي قومي زبان بڻائڻ سبب هٿن مان نڪري ويو.“ ۽ پوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن کان ووٽن وسيلي راءِ ورتي وئي جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، جمعيت العلماءِ اسلام (ف) ۽ مسلم ليگ (ن) جي مميبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو“ ان ۾ سنڌ جي حوالي سان ڳالهه جو ڳاٽو پڪڙڻ ضروري آهي. ڊان جو خاطو لکي ٿو ته ”سڀ کان دلچسپ ڳالهه ته پ پ پ ايم اين اي اياز سومري، شروعات ۾ ته پنهجي ٽيڪا ٽپڻيءَ ۾ سختيءَ سان زور ڏيندو رهيو ته سنڌيءَ ٻوليءَ کي قومي ٻولي ٿيڻ جو حق آهي پر راءِ ڏيڻ وقت هن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو“ انهيءَ خبر ۾ آهي ته ايم ڪيو ايم جو نمائندو گڏجاڻي ۾ شريڪ ڪو نه ٿيو. مسلم ليگ(ن) جي سنڌ مان نمائندو ووٽن ڏيڻ وقت ٻاهر اٿي هليو ويو…. ديرا غازي خان مان مسلم ليگ(ن) جي چونڊيل سردار فاورق خان کوسي حمايت ۾ ووٽ ڪيو. ايئن علائقائي ٻولين کي قومي ٻولي بڻائڻ جو بل رد ٿي ويو.

    سنڌ جي جمهوري حڪمرانن (جمهوريت جي معنيٰ ووٽ ۽ بس!) کي پنهنجن مقصدن ۽ مطلبن جا تعبيدار گهرجن، ماضي ۾ صوبيدار، تپيدار ۽ مختيارڪار جي طلب تي زور هوندو هو. اهي ٽئي جنسون ته ڀوتارن جا درٻاري بڻجي بيٺل آهن.هاڻي انهن کي پوليس جو سربراھ، آفسر شاهي جو سربراھ ۽ روينيو، سربراھ جي ضرورت آهي. لاشڪ اها سڀ ترقي جاگيردارانه جمهوريت جي نالي ۾ ٿيل ڪارگذاري جو ثمر آهي.

    حاصل مطلب ته ارغونن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ جيڪو سنڌ سيئن وڻ ڏنگا… جو نسخو ايجاد ڪيو ته اهو اڄ جي حالتن سان به هوبهو ٺهڪي اچي ٿو. ان وايو منڊل جي تز ۽ تکي نشاندهي ابراهيم منشي جو بيت پڻ ڪري ٿو

    تون ڪالهه به هئين ارغونن سان،
    ترخانن سان غدارن سان….

    بهرحال سنڌي سماج جو سياسي ۽ نفسياتي نقطه نگاھ سان مونجهاري کي وائکو ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏينداسين ته انجو اپٽار هيئن ڪري سگهجي ٿو ته، سنڌي سماج تواريخ ۽ حالتن جي گهرج مطابق اٿل پٿل ۽ وائڙائي جي آزمائشي دور مان لانگهاڻو آهي. ان نفسياتي ڪيفيت سبب سنڌ جو عام ماڻهو گروهه بندي، ذات پرستي، قبائلي سوچ جي دائرن ۾ ڦاٿل آهي. اهڙي صورتحال جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ تازو هڪ پڙهيل ڪتاب بعنوان” ماڻهو بغاوت ڪڏهن ۽ ڇا لاءِ ڪن ٿا؟“ جو ذڪر به ڪارائتو سمجهان ٿو اهو ڪتاب مختلف مضمونن جو ڳٽڪو آهي جنهن ۾ هڪ مضمون ”محاذ آرائي ۽ گروهي تاڃي پيٽو ” جرمن سماجيات جي ماهر گوئرگ سمئل George Simmel جو پڻ شامل آهي. ان مضمون ۾ محاذ آرائي، عداوت/دشمني جو نفسياتي ۽ سياسي احاطو ڪندي لکيٿو ته آڳاٽي دور جي مختلف قبيلن /گروهن ۾ هڪ ٻئي سان لهه وچڙھ جو دارو مدار به ارھ زورائيءَ جي منفي اصولن تي هوندو هو. انهيءَ نسبت ۾ سڀ کان اثرائتو ۽ دل ۾ پيهي ويندڙ مثال آمريڪي ريڊ انڊين/ڳاڙهن هندوستانين جو ڏئي سگهجي ٿو. جنهن ۾ هڪ قبيلو ٻئي خلاف جنگاڻ جي ماحول۾ پاڻ کي رُڌل/مصروف رکندو هو(ص 190)

    مطلب ته سنڌ جو سياسي ۽ سماجي ڪارج هڪ بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي. جنهن ڪري عام ماڻهو نراسائي ۽ ناميدي جو بار ڪلهن تي کڻي چيلهه چٻي ڪري ڏنگي/جُهڪيل وڻ جيان بيٺل آهي. سندس حالت زار آفريڪا جي هڪ انقلابي شاعر ايمي سزائار Ami Ceisair جي هيٺين بيت جي عڪاسي ڪري ٿي.

    منهنجو نالو : گناھ گار
    منهنجو اُپ/نانءُ: خوار خراب
    منهنجو مرتبو: سرڪشي
    منهنجي ڄمار: پٿر جو زمانو
    منهنجو حسب نسب: زوال پذير نسلُ

    ته پوءِ ڇا انهيءَ غلامانه ڪيفيت مان ٻاهر نڪرڻ جو دڳ آهي يا اونداهي جي غفا ۾ هٿوراڙيون پائيندا رهنداسون؟ انهي غلامانه ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ دانشور ۽ باشعور طبقو رهنمائي ۽ روشنائي جي علامت بڻجي اڳتي ايندو آهي. ان چوڻ ۾ ڪو به وهم ۽ گمان ڪونهي ته ماضيءَ ۾ سنڌ جو باشعور ۽ دانشور طبقو پنهنجي ڪردار ۽ جُهد سان سنڌي سماج ۾ ردوبدل جو امين بڻجي اُڀريو هو. پر هاڻي ردوبدل ردوبدل جي ٻه واٽي تي بيٺل مونجهاري ۾ ورتل سنڌ جا ورد وظيفا پڙهڻ تائين محدود ۽ لاپرواھ بڻجي بيٺل آهي. ۽ چوڌاري چوڏس جيڪا نفرت ۽ عداوت جي باھ ڀڙڪي اٿي آهي ان کان به اڻ ڄاڻ آهي ۽ شايد ”جيڪا باھ اسان پاڙي ۾ ڏسي سوڙ مٿان ڪري پاڻ کي محفوظ سمجهون ٿا اها اسان جي گهرن کي به ساڙي ڇڏيندي.
    (منهنجي دنيا“ ڊاڪٽر سليمان شيخ ص 34/35)
    (عوامي آواز مان ورتل)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو