• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دربدريء جو درد ۽ ويڳاڻي سنڌ !!! ”مهتاب اڪبر راشدي”

آزاد خاصخيلي

سينيئر رڪن
مهتاب اڪبر راشدي

ميرٽ هوٽل ڪراچي ۾ ڊاڪٽر خالده غوث جي“ صنفي مساوات“ جي سهڙيل هڪ تحقيقي ڪتاب جي مهورت هئي، ڪتاب جي تجزئي ۽ تبصري لاءِ، مون سميت اسٽيج تي انساني حقن واري ڪميشن جو چيئرمين آءِ اي آرحمان، جاويد جبار، مشهور شاعره ڪشور ناهيد، قيصر بنگالي ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ طاهره عبدالله به موجود هئي. تقريب جي پڄاڻي کانپوءِ طاهره عبدالله کي زاهده حنا سان ڳالهائيندي ٿورو پريشان ڏٺم، پڇو مانس خير ته آهي؟ چيائين مونکي پنهنجي تنظيمي ڪم جي سلسلي ۾ ٺٽي طرف وڃڻو هو، پر چون ٿا ته سڀاڻي سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال آهي ۽ ڌرڻا آهن ان ڪري اهو پروگرام عمل ۾ نه ٿو اچي سگهي. وري مڙي مونکان پڇيائين، ڇا تي احتجاج آهي؟، ٻڌايومانس ته، وزيرستان مان لڏ آيلن جي قافلن کي سنڌ طرف اچڻ کان روڪڻ تي ڌرڻا ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو سڏ ڏنل آهي، سنڌ جي قوم پرست تنظيمن پاران اهو ٻڌي، اکيون ڦاٽي ويس، فرمايائين ” اوهو! يه تو بهت بري بات هي، ايسا تو نهين هونا چاهيئي“ مون سندس اکين ۾ اکيون وجهي کانئس پڇيو”1947ع جي وڏي لڏ پلاڻ کانپوءِ، سنڌ سان لڏي آيلن جي مهربانين ۽ ان کان پوءِ ڌارين جي مسلسل آمد ۽ سنڌ ۾ رهائش ۽ انهن ئي اُترين علائقن مان پڪو لڏي آيلن جي، ڪراچيءَ ۾ پڪي رهائش کانپوءِ به، سنڌ جي احتجاج تي، توهان جو رد عمل اهو آهي؟ وري به توهان جي ميار سنڌ تي؟ جواب ۾ ڪجهه چيائين ته ڪونه، پر اها پڪ اٿم ته هن مهل هنن کي نه سنڌ جي مسئلن جي ڪا خاص معلومات آهي ۽ نه ئي اها خبر اٿن ته پنهنجي پروان گڏجي سنڌ سان ويڌن ڪهڙي ڪئي آهي. ڇو ته هتي هر ڪنهن کي پنهنجو دڪان چمڪائڻو آهي. پوءِ اُهو انساني حقن جي نعري هيٺ هجي يا وري هروڀيرو به حڪومت کي دٻاءَ هيٺ رکڻ لاءِ انهن مسئلن کي باربار بحث هيٺ آڻيندي رهڻ ۾ ئي هو پنهنجو وزن وڌائيندا رهن ٿا. پر طاهره عبدالله جي ان تبصري تي مونکي حيرت ڪانه ٿي. ڇو ته سندس تعلق پاڪستان جي انهن علائقن سان آهي، جتي جڏهين امر تسر کان لاش ڍويل ٽرينون ۽ انهن ۾ زخمي ۽ پنهنجا اباڻا وٿاڻ ڇڏي آيل، هڪ نئين اڻ ڄاتل سرزمين تي وارد ٿيا، ته کين اهو ”اطلاع“ ڏنو ويو هو ته هتي لهڻ جي ڪوشش نه ڪجو،” پاڪستان اڃا اڳيان آهي“ نتيجو ان جو اهو نڪتو جو سڀني وڃي اُتي ديرو ‎ڄمايو، جتي ريل جي پٽڙي آخر وڃي کٽي ۽ اهو هنڌ هيو، ”سنڌ“ سونهاري، جتي جا صوفي منش ماڻهو، رب کان ڊڄڻ وارا ۽ اولي سوليءَ ۾ هڪ ٻئي کي ڪم اچڻ وارا، سڏيا هئا. سنڌ جي رهواسين نه صرف ٻانهون کولي، هنن نون آيلن جي آجيان ڪئي، پر دل سان گڏ گهرن جا در به کولي ڇڏيائون اوڏي مهل، سنڌين کان ”عرب ۽سندس اُٺ“ واري ڪهاڻي بنهه وسري وئي هئي. تان جو خبر وڃي تڏهين پين جڏهن اچڻ وارن اهو ٻڌائين ته هو پنهنجي ڇڏي آيل ملڪ ۾ ڪيترا نه امير ڪبير هئا، ور ور ڪري پئي ٻڌايائون، ته هو پنهنجي پويان وڏا محل، حويليون ۽ ”ڦودني جا باغ“ به ڇڏي آيا آهن. پر انهن قافلن ۾ اهڙا اشراف ۽ خانداني ماڻهو به هئا، جن نه صرف پنهنجي خانداني نجابت ۽ شرافت جو مان رکيو ۽ پنهنجي اصليت ٻڌائيندي به ڄڻ ته شرمسار ٿيندا رهيا ۽ سڄي حياتي سنڌين جا شڪرگذار رهيا، جن نه رڳو کين پناھ ڏني بلڪه بنهه پنهنجو ڪري سمجهيو.

تاريخ ۾ اهڙيون لڏ پلاڻيون صدين کان ٿينديون رهيون آهن. تاريخ جو جبر، مختلف حالتن ۾ انسان کي پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي، نين وستين طرف ڌڪيندو رهيو آهي. ڪڏهين، بک بدحالي ۽ ڏڪار جي نتيجي ۾ ته ڪڏهين وري جنگين جي نتيجي ۾ ڪي فاتح جڏهين ملڪ فتح ڪري ڪٿي پهتا، ته اُن ملڪ جي خوشحالي سندن پيرن جي زنجير بڻجي وئي. انهن کان سندن پنهنجا ملڪ به وسري ويا ته اباڻا وٿاڻ به. ۽ پوءِ اُتيئي، اصلوڪن رهاڪن کي مفتوح ڪري. مٿن حڪمراني به ڪيائون ته پنهنجي ٻولي ثقافت ۽ رسم و رواج به رائج ڪيائون پري ڇو وڃون؟ هندستان ۾ مغلن جي آمد ۽ صدين تائين حڪمراني ۽ پوءِ انگريزن جو برصغير ۾ اچڻ تازه مثال آهن، سورهين، سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي تاريخ کوليو ۽ ڏسو ته ڪيئن نه يورپي قومن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪري اچي آمريڪا پهتيون، اُتي هنن پنهنجي ڏاڍ ۽ جبر جي زور تي، اصلوڪن، مڪاني ماڻهن کي زير ڪيو ۽ پنهنجون رياستون قائم ڪيون. جن ۾ اصلوڪن باشندن جي نالي ماتر ته هڪ به رياست ڪونه هئي. اڄ آمريڪا ۾اصلوڪن ريڊ انڊينز جو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو نظر ايندو، جيڪي بچيل آهن، سي آمريڪي ميوزمن ۾ميوزم گهمندڙن آڏو آمريڪي تاريخ کي ورجائڻ لاءِ پنهنجن ابن ڏاڏن جا قديم ويس ڍڪي ۽ انهن جي ڪرت ڪندي ڏيکاريا ويندا آهن. اهي اُتي انهن ميوزمن ۾ انهن جا پگهاردار ملازم ڪري رکيل هوندا آهن. انهن ميوزمن ۾ مون آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ڏٺا. ۽ حيران ٿي هيس ته هي اصلي باشنده پنهنجي ئي زمين تي ايئن ويڳاڻا بنجي ويا آهن هن مهل هو صرف ميوزم ۾ رکيل شو پيس هئا!

جڏهين ڪنهن سرزمين تي ڪو ڌاريو اچي ديرو ٿو ڄمائي ۽ سو به وڏي تعداد ۾، ته پوءِ هو پاڻ سان پنهنجي تهذيب ثقافت، ٻولي ڪرت، ڏاڍ، زور، زيادتي، ايستائين جو بيماريون به گهليو اچن. جن جي وارد ٿيڻ سان ان زمين سان وابسته ڪيتريون پراڻيون ڳالهيون ختم ۽ نون آيلن جا نوان جا سلسلا شروع ٿي ويندا آهن.

اهو ڪم اسان کي نه صرف آمريڪا ۾ نظر آيو، بلڪه اڙهين ۽ اڻويهين صديءَ ۾ آسٽريليا ۾ ساڳي ڪار ٿي، نيوزيلينڊ به انهيءَ جبر مان گذريو ۽ اڄ انهن ملڪن ۾ شايد ئي ڪو ڪاني ماڻهو ملي ٻي عالمي جنگ کانپوءِ، يورپي ملڪن جي تڙيل پناه گيرن، آمريڪا جي پٺڀرائي سان وڃي اسرائيل کي آباد ڪيو ۽ اتان فلسطينين کي نيڪالي ڏنائون، اڄ انهن اصلوڪن رهواسين مٿان جهڙي نموني سندن زمين تنگ ڪئي وئي آهي، اهو سڄي دنيا خاموشيءَ سان ڏسي رهي آهي اتي انساني حقن پائمالي ڪنهن کي نظر نه ٿي اچي. اتي بي گناهه فلسطينين جو ڪوس آهي جيڪو دنيا جي داداگير آمريڪا اسرائيلين جي دفاع لاءِ ضروري ڄاڻايو آهي.

اهڙي ساڳي تاريخ انهن ملڪن جي به آهي، جن کي اسان انگلينڊ ۽ فرانس سڏيون ٿا. ستين صدي عيسويءَ ۾ انهيءَ سرزمين تي اسڪينڊ ينيويا مان لڏي آيل مهاجرن اچي ديرا ڄمايا ۽ وقت گذرڻ سان اٽڪلون سٽڪلون ڪري اقتدار تي قبضو ڪري اتي جي اصلوڪين قومن جي ٻوليءَ کي ختم ڪري ڇڏيو، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اتان جي اصلوڪي ”ڪيليٽ“ قوم ۽ سندن ٻولي ”گئلڪ“ ختم ٿي داستان پارينه بڻجي وئي ۽ انهن جي جاءِ تي اينگلو سيڪسنس ۽ جيوٽس پنهنجا قدم ڄمائي پنهنجون بادشاهتون قائم ڪيون ۽ اصلوڪي ٻولي ۽ قوم جي خاتمي کانپوءِ انگريزي ٻولي ۽ لهجو رائج ٿيو انهيءَ ٻولي ۽ قوم جو خاتمو ڪنهن قتل ۽ غارت گريءَ جي نتيجي ۾ ڪونه ٿيو هو، بلڪه وڏي تعداد ۾ ٻاهرين جي آمد ۽ حڪمرانيءَ سبب ”ڪيليٽ“ قوم، آهستي آهستي اقليت ۾ تبديل ٿيندي ٿيندي غائب ٿي وئي، ۽ انگريزي زبان هر عام ۽ خاص جي زبان بڻجي ”گئلڪ“ کي هڙپ ڪري وئي،

ساڳي ويڌن، ستين ۽ اٺين صدي عيسويءَ ۾ عراق شام، مصر، لبيا، تيونس، مراڪش سان به ٿي، عراق ۽ شام جا ماڻهو دنيا جي ٽن عظيم ۽ قديم ٻولين ”سميري“ ”آڪادي“ ۽ ”ارامائيڪ“ جا خالق هئا. مصر جا باشنده گذريل ٽن هزار سالن کان ”ڊيموٽڪ“ ۽ ”ڪوپٽڪ“ ڳالهائيندا هئا ۽ لبيا، مراڪش ۽ تيونس جي ماڻهن جي ٻولي ”بَربَر“ هئي، پر وقت جي وهڪري ۾ وهي ايندڙ عربي ڳالهائيندڙ جي يلغار اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو جو هلندي هلندي، اهي ملڪ ۽ انهن جا باشنده، پنهنجون ٻوليون ۽ پنهنجو تشخص وڃائي ويٺا. ساڳي نموني فرانس جنهن کي ”گال“ (Gaul) سڏيو ويندو هو. اتي پنجين صدي عيسوي ۾ فرينڪس (Franks) مهاجرن گال تي قبضو ڪري انجو نالو مٽائي فرانس رکيو ۽ گيلڪ ٻولي ختم ڪري، هنن پنهنجي قبائلي لهجو فرانسيا (Francis) رائج ڪيو جيڪو اڳتي هلي ”فرينچ“ ٻولي بڻجي ويو.
(هلندڙ)
 
Back
Top