غزه، جتي گولين جو مينهن وسي ٿو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    غزه، جتي گولين جو مينهن وسي ٿو

    غزه روم سمنڊ جي اوڀر ۾ هڪ باريڪ پر انتهائي ڳتيل آبادي آهي. هن جي 365 چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ ۾ 18 لک ماڻهو رهن ٿا، جن ۾ اڪثريت پناهه گيرن جي آهي. غزه جي تاريخ جا اهم ۽ وڏا موڙ ڪجهه هن طرح آهن.
    1967 6 ڏينهن واري عرب اسرائيل جنگ دوران اسرائيل غزه تي قابض ٿي وڃي ٿو.
    1993-26 سالن کانپوءِ ناروي جي گاديءَ واري هنڌ اوسلو ۾ اسرائيلي وزير اعظم اسحاق رابن ۽ فلسطين جي آزاديءَ جي تنظيم پي ايل او ( فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن ) جي سربراهه ياسر عرفات وچ ۾ امن معاهدو ٿئي ٿو، جنهن تحت فلسطين جي قومي اختياري پي اي اي (فلسطين نيشنل اٿارٽي ) غزه ۽ اولهه ڪناري جي شهر جيريڪو جون آزاد علائقن طور واڳون سنڀالي ٿي.
    1994: ستاويهه سالن جي جلاوطنيءَ کانپوءِ ياسر عرفات غزه موٽي ٿو، جتي هڪ هيرو طور سندس استقبال ٿئي ٿو.
    1995: اسحاق رابن ساڄي ڌر جي هڪ انتها پسند يگال امير هٿان قتل ٿي وڃي ٿو.
    1996 ياسر عرفات فسلطين قومي اختياريءَ جو پهريون صدر چونڊيون وڃي ٿو، پر امن جي ان عمل جي مخالف حماس ۽ اسلامڪ جهاد بضد رهن ٿا ته هڪ فلسطيني رياست جو مقصد حاصل ڪرڻ جو واحد رستو هٿياربند جدوجهد آهي. ان دوران ڪيترائي ملڪ حماس ۽ اسلامي جهاد دهشتگرد تنظيمون قرار ڏين ٿا.
    2000. فلسطين نيشنل اٿارٽي يا فلسطين قومي اختياري پنهنجي اولهه ڪناري واري شهر رملا مان ڪيترين ئي ٻين وسندين جون واڳون سنڀالي وٺي ٿي.
    پر باقاعده امن ڳالهيون جمود جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. ان دوران اسرائيل جي ساڄي ڌر جي جماعت لِڪُئڊ جو سربراهه ايريل شيرون مائونٽ ٽيپل جو دورو ڪري ٿو، جنهن کي هڪ انتهائي چڙ ڏياريندڙ قدم سمجهيو وڃي ٿو ۽ حماس ۽ اسلامي جهاد اسرائيل ۾ ڪيترائي حملا ڪن ٿيون.
    2001. اها وڌندڙ ڇڪتاڻ آخرڪار هٿياربند جدوجهد جي شڪل اختيار ڪري ٿي، جنهن کي الاقعيٰ انتفاده جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. حماس ۽ اسلامي جهاد اسرائيل ۾ راڪيٽ حملا ڪن ٿيون، جڏهن ته اسرائيل وري انهن تنظيمن جي اڳواڻن تي قاتلاڻن حملن کان علاوهه فوجي ڪارروايون به شروع ڪري ٿو.
    2001. ايريل شيرون عامُ چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري اسرائيل جو وزير اعظم چونڊجي وڃي ٿو.
    2004. ياسر عرفات لاڏاڻو ڪري ٿو وڃي ۽ محمود عباس سندس جڳهه والارڻ کانپوءِ اسرائيلي وزير اعظم سان گڏجي غزه مان اسرائيل فوج جي واپسيءَ جو عمل شروع ڪري ٿو.
    2005. اسرائيلي فوج جي واپس مڪمل ٿئي ٿي پر اسرائيلي غزه ڏانهن ايندڙ ويندڙ زميني، هوائي ۽ ساموندي رستن تي سخت ڪنٽرول رکي ٿو. غزه م رهندڙ ان صورتحال کي کليل آسمان هيٺ جبل ۾ رهڻ جي برابر قرار ڏين ٿا.
    حماس وڏي اڪثريت سان چونڊن ۾ سوڀاري ٿئي ٿي.
    حماس جي چونڊن ۾ سوڀ ماڻڻ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ ئي محمود عباس جي الفتح تحريڪ ۽ حماس ۾ اختلاف پيدا ٿين ٿا ۽ فلسطيني علائقن تي انهن جو ڪنٽرول ورهائجي وڃي ٿو.
    الفتح تحريڪ جي هَٿ اولهه ڪنارو اچي ٿو جڏهن ته حماس غزه جو ڪنٽرول سنڀالي ٿي ان دوران مصري ۽ اسرائيلي پابندين کي منهن ڏيڻ لاءِ حماس پنهنجي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ سرنگهون وڇائڻ شروع ٿي ڪري.
    2008. امن ڳالهيون شروع ڪرڻ واريون ڪوششون ناڪامُ ثابت ٿين ٿيون ۽ ايندڙ ڇهن سالن ۾ وري ڌرين ۾ ڪيتريون ئي چڪريون ٿين ٿيون. اسرائيل حماس ۽ اسلامي جهاد جي ويڙهو واري قابليت ختم ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو حملو ڪري ٿو.
    اسرائيل هڪ ڀيرو ٻيهر حماس تي وڏو حملو ڪري ٿو پر اڳ جيان اهو به اڳ واري حملي وانگر ناڪامُ رهي ٿو.

    ( بي بي سي جي ٿورن سان )
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    نتيجن کان سواءِ ۽ وقت کان پهريئن ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته اسرائيل هڪ ڀيرو ٻيهر حماس تي وڏو حملو ڪري ٿو پر اڳ جيان اهو به اڳ واري حملي وانگر ناڪام رهي ٿو.... بحرالحال تمام ڪارائتي ڄاڻ ونڊي آهي ادا معصوم سنڌي
     
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    هي جنگ اصل ۾ مذهبي جنگ آهي. تاريخ شاهدآهي ته هر دور ۾ يهودين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ازلي دشمني رهي آهي جيڪا ڪڏهن به ختم ڪو نه ٿيندي. قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني اها به آهي....:(
     
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    مطلب هن جنگ جي ختم ٿيڻ جا خواب اسان تصوير ۾ به نه آڻيون ڇو ته هي مذهبي جنگ آهي جيڪا اڏوهي جيان ناس ڪندي ويندي پر انت ناممڪن آهي
     
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هن جنگ ۾ عرب ملڪن جو به ساٿ آهي اسرائيل سان، افسوس جو مسلمان جو رت پيو واهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    غزه جي موجوده صورتحال کي ڏسندي ڪيترن ئي پڙهندڙن جي ذهنن ۾ اهي سوال اچن ٿا ته اها جنگ ايتري عرصي کان ڇو جاري آهي..؟ آخر اهو علائقو ايترو اهم ڇو آهي. ؟ مذهبي نقطه نگاهه سان هن علائقي جي ڪهڙي اهميت آهي..؟ يهودي قوم جي تاريخ ، اسرائيل ملڪ جي تاريخ ۽ ان جي قيام جو پس منظر ڪهڙو آهي...؟ ۽ وغيره وغيره.
    اسان اڪثر اهو به سوچيندا آهيون ته آخر ايڏي بيدردي سان مسلمانن جو خون وهائڻ جو ڪارڻ ڇا آهي..؟ غزه ۾ ٿيندڙ عام معصوم شهرين جو قتل عام، جنهن ۾ عورتون، ٻار ۽ پوڙها به شامل آهن، انهن جي شهادتن تي دنيا جون سُڌريل قومون سست روي سان پنهنجا پنهنجا ردعمل ڇو ظاهر ڪنديون آهن..؟ اقوامِ متحده فلسطين ۾ امن امان قائم ڪرڻ لا اڄ تائين ڪهڙيون ڪوششون ورتيون آهن...؟ مسلمان ملڪن فلسطين جي حمايت ۽ انهن جي مدد لا ڪهڙيون سنجيده ڪوششون ڪيون آهن.؟ ۽ اُهي ڪهڙا مسلمان ملڪ آهن جيڪي فلسطين جي مدد ڪرڻ بدران يهودي قوم جي مدد ڪري رهيا آهن..!!؟؟

    اهي سڀ سوال ذهن ۾ رکندي هڪ مضمون تياري هيٺ آهي. انشاالله پنهنجي حال آهر اها ڪوشش ڪندس ته هن اهم موضوع بابت وڌ کان وڌ ڪتابن جي مدد سان هڪ ڪارائتو مضمون ونڊ ڪري سگهان.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ادا منصور ان جو مطلب آهي ته منهن به اسان جو ته موچرو به اسان جو... معني مسلمان ئي مسلمان جو رت ٿو پيئي پوءِ چاهي سڌي طرح سان پئي اڻ سڌي طرح سان پيئي.... هروبرو يهودين کي ٿا گهٽ وڌ چئو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    هر اهو عمل جيڪو انسان ذات ۾ نفاق،نفرت،فتني،فساد يا شخصي مفاد لاءِ هجي سو غلط آهي پوءِ ڇو نه ان کي مذهب،خدا ۽ پيغمبر جي نالي ۾ پيش ڪيو وڃي ڇو ته الله پاڪ جي پاڪ ڪتاب جو موضوع ئي (انسان) آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو