معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
غزه، جتي گولين جو مينهن وسي ٿو
غزه روم سمنڊ جي اوڀر ۾ هڪ باريڪ پر انتهائي ڳتيل آبادي آهي. هن جي 365 چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ ۾ 18 لک ماڻهو رهن ٿا، جن ۾ اڪثريت پناهه گيرن جي آهي. غزه جي تاريخ جا اهم ۽ وڏا موڙ ڪجهه هن طرح آهن.
1967 6 ڏينهن واري عرب اسرائيل جنگ دوران اسرائيل غزه تي قابض ٿي وڃي ٿو.
1993-26 سالن کانپوءِ ناروي جي گاديءَ واري هنڌ اوسلو ۾ اسرائيلي وزير اعظم اسحاق رابن ۽ فلسطين جي آزاديءَ جي تنظيم پي ايل او ( فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن ) جي سربراهه ياسر عرفات وچ ۾ امن معاهدو ٿئي ٿو، جنهن تحت فلسطين جي قومي اختياري پي اي اي (فلسطين نيشنل اٿارٽي ) غزه ۽ اولهه ڪناري جي شهر جيريڪو جون آزاد علائقن طور واڳون سنڀالي ٿي.
1994: ستاويهه سالن جي جلاوطنيءَ کانپوءِ ياسر عرفات غزه موٽي ٿو، جتي هڪ هيرو طور سندس استقبال ٿئي ٿو.
1995: اسحاق رابن ساڄي ڌر جي هڪ انتها پسند يگال امير هٿان قتل ٿي وڃي ٿو.
1996 ياسر عرفات فسلطين قومي اختياريءَ جو پهريون صدر چونڊيون وڃي ٿو، پر امن جي ان عمل جي مخالف حماس ۽ اسلامڪ جهاد بضد رهن ٿا ته هڪ فلسطيني رياست جو مقصد حاصل ڪرڻ جو واحد رستو هٿياربند جدوجهد آهي. ان دوران ڪيترائي ملڪ حماس ۽ اسلامي جهاد دهشتگرد تنظيمون قرار ڏين ٿا.
2000. فلسطين نيشنل اٿارٽي يا فلسطين قومي اختياري پنهنجي اولهه ڪناري واري شهر رملا مان ڪيترين ئي ٻين وسندين جون واڳون سنڀالي وٺي ٿي.
پر باقاعده امن ڳالهيون جمود جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. ان دوران اسرائيل جي ساڄي ڌر جي جماعت لِڪُئڊ جو سربراهه ايريل شيرون مائونٽ ٽيپل جو دورو ڪري ٿو، جنهن کي هڪ انتهائي چڙ ڏياريندڙ قدم سمجهيو وڃي ٿو ۽ حماس ۽ اسلامي جهاد اسرائيل ۾ ڪيترائي حملا ڪن ٿيون.
2001. اها وڌندڙ ڇڪتاڻ آخرڪار هٿياربند جدوجهد جي شڪل اختيار ڪري ٿي، جنهن کي الاقعيٰ انتفاده جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. حماس ۽ اسلامي جهاد اسرائيل ۾ راڪيٽ حملا ڪن ٿيون، جڏهن ته اسرائيل وري انهن تنظيمن جي اڳواڻن تي قاتلاڻن حملن کان علاوهه فوجي ڪارروايون به شروع ڪري ٿو.
2001. ايريل شيرون عامُ چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري اسرائيل جو وزير اعظم چونڊجي وڃي ٿو.
2004. ياسر عرفات لاڏاڻو ڪري ٿو وڃي ۽ محمود عباس سندس جڳهه والارڻ کانپوءِ اسرائيلي وزير اعظم سان گڏجي غزه مان اسرائيل فوج جي واپسيءَ جو عمل شروع ڪري ٿو.
2005. اسرائيلي فوج جي واپس مڪمل ٿئي ٿي پر اسرائيلي غزه ڏانهن ايندڙ ويندڙ زميني، هوائي ۽ ساموندي رستن تي سخت ڪنٽرول رکي ٿو. غزه م رهندڙ ان صورتحال کي کليل آسمان هيٺ جبل ۾ رهڻ جي برابر قرار ڏين ٿا.
حماس وڏي اڪثريت سان چونڊن ۾ سوڀاري ٿئي ٿي.
حماس جي چونڊن ۾ سوڀ ماڻڻ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ ئي محمود عباس جي الفتح تحريڪ ۽ حماس ۾ اختلاف پيدا ٿين ٿا ۽ فلسطيني علائقن تي انهن جو ڪنٽرول ورهائجي وڃي ٿو.
الفتح تحريڪ جي هَٿ اولهه ڪنارو اچي ٿو جڏهن ته حماس غزه جو ڪنٽرول سنڀالي ٿي ان دوران مصري ۽ اسرائيلي پابندين کي منهن ڏيڻ لاءِ حماس پنهنجي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ سرنگهون وڇائڻ شروع ٿي ڪري.
2008. امن ڳالهيون شروع ڪرڻ واريون ڪوششون ناڪامُ ثابت ٿين ٿيون ۽ ايندڙ ڇهن سالن ۾ وري ڌرين ۾ ڪيتريون ئي چڪريون ٿين ٿيون. اسرائيل حماس ۽ اسلامي جهاد جي ويڙهو واري قابليت ختم ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو حملو ڪري ٿو.
اسرائيل هڪ ڀيرو ٻيهر حماس تي وڏو حملو ڪري ٿو پر اڳ جيان اهو به اڳ واري حملي وانگر ناڪامُ رهي ٿو.
( بي بي سي جي ٿورن سان )