• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اديون عبد اللطيف چئي سر مومل راڻو

* اديون عبد اللطيف چئي
سوڍا تنهنجي سُورَ ,اندَر آڳيون لائيون
راڻا! رهاڻين جا, مارينم مَذڪُورَ
طَعنَا ڏينم تُورَ, آءُ ته پرچون پاڻَ ۾
سر مومل راڻو
آڳيُون = باهيون, آڳيون لفظ جمع آهي واحد ٿيندو آڳ جيڪو پراڪرت ٻوليءَ جي لفظ آگ ۽ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ اگني مان ورتو ويو آهي. جنهن جي معني' آهي باه.
مَذڪُورَ = ساروڻيون, يادگيريون, مذڪور لفظ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معني' آهي ياد يا سارَ.
تُورَ = هڪجيڏيون, سهيليون, سرتيون, لفظ تُورُ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ تُليَه مان ورتو ويو آهي جنهن جي معني' آهي هم عمر.
* سوڍا تنهنجي جدائيءَ جي اذيت منهنجي اندر ۾ باهيون ڀڙڪائي ڇڏيون آهن جنهن ۾ رات ڏينهن پئي سڙان ۽ پچان.
* او راڻا توسان جيڪي اڪيلائيءَ ۾ ڪچهريون ڪيم تن جون ساروڻيون ساري جيءُ جُهري پيو اٿم.
* هڪجيڏيون ۽ سهيليون مون کي هاڻي مهڻا پيون ڏين ته توکي راڻو ڇڏي ويو هليو. او راڻا ڪاڪ تي وري موٽي اچ ته پاڻ ۾ پرچاءُ ڪيون.
 
Back
Top