عيد بابت مختلف خيال مختلف سوچون مختلف رايا آھن. ھڪڙا اھي سائين آھن جيڪي چون ٿا ته اسان جون ڪھڙيون عيدون جيستائين سنڌ مٿان غلامي جا ڪارا ڪڪر آھن تيستائين ڪا عيد ناھي.... ٻيا اھي ساٿي آھن جيڪي چون ٿا ته غريب مسڪين ماڻھو ماني جي ھڪ ويلي جي لاءِ پريشان آھن آھن اھي ڇا عيدون ڪن . پر اڄ چاچو گل محمد ڏاڍو خوش آھي ڇو ته ھڪ سال بعد ھو عيد بھاني پنھنجي گھر آيو آھي ڪراچي جي ھڪ فيڪٽري ۾ ڊيوٽي ڪندو آھي، سندس گھر ۾ اصل عيد لڳي پئي آھي پاڻ سندس ٻارڙا سڀ خوشي ۾ نه پيا ماپن ھڪڙو شانو ھوٽل وارو اھو معصوم آھي جيڪو سدائين پراڻن ميڙن ڦاتل ڪپڙن سان ھوٽل تي چانھ ڏيندو رھندو آھي پر اڄ انھي معصوم عيد جي بھاني ڪپڙن جو نئون جوڙو پاتو آھي . سندس ھٿ ۾ پلاسٽڪ جا رانديڪا آھن. جڏھن انھن کي خوش ڏسان ٿو ته پوء اي سي ۾ ويھي لکندڙن لکڻي رد ڪريان ٿو، ته ھا حقيقي عيد ته سنڌ جي آجپي سان ايندي پر تيستائين ھي ھڪ ڏينھن جي سھي پر ڪجھ ڪلاڪن جي خوشي سھي پر اھا به رد نه ڪرڻ گھرجي گھٽ ۾ گھٽ عيد جي بھاني چاچي گل محمد جھڙا ڪئين پنھنجي گھر اچي گھر وارن سان ڳوٺ وارن سان ملن ٿا، گھٽ ۾ گھٽ شانو جھڙا سال ۾ ھڪ دفعو نئون وڳو پھري خوشين م اڇلجن ٿا. انھن جي انھن خوشي ۾ اسان جي به عيد آھي سائين