عيد بابت ڪجھ خيال

'مختلف موضوع' فورم ۾ امتياز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2014۔

  1. امتياز سمون

    امتياز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2010
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    غيرسرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    راڄونظاماڻي جهرڪ ضلعو ٺٽو
    عيد بابت مختلف خيال مختلف سوچون مختلف رايا آھن.
    ھڪڙا اھي سائين آھن جيڪي چون ٿا ته اسان جون ڪھڙيون عيدون جيستائين سنڌ مٿان غلامي جا ڪارا ڪڪر آھن تيستائين ڪا عيد ناھي....
    ٻيا اھي ساٿي آھن جيڪي چون ٿا ته غريب مسڪين ماڻھو ماني جي ھڪ ويلي جي لاءِ پريشان آھن آھن اھي ڇا عيدون ڪن .
    پر
    اڄ چاچو گل محمد ڏاڍو خوش آھي ڇو ته ھڪ سال بعد ھو عيد بھاني پنھنجي گھر آيو آھي ڪراچي جي ھڪ فيڪٽري ۾ ڊيوٽي ڪندو آھي، سندس گھر ۾ اصل عيد لڳي پئي آھي پاڻ سندس ٻارڙا سڀ خوشي ۾ نه پيا ماپن

    ھڪڙو شانو ھوٽل وارو اھو معصوم آھي جيڪو سدائين پراڻن ميڙن ڦاتل ڪپڙن سان ھوٽل تي چانھ ڏيندو رھندو آھي پر اڄ انھي معصوم عيد جي بھاني ڪپڙن جو نئون جوڙو پاتو آھي . سندس ھٿ ۾ پلاسٽڪ جا رانديڪا آھن.

    جڏھن انھن کي خوش ڏسان ٿو ته پوء اي سي ۾ ويھي لکندڙن لکڻي رد ڪريان ٿو، ته ھا حقيقي عيد ته سنڌ جي آجپي سان ايندي پر تيستائين ھي ھڪ ڏينھن جي سھي پر ڪجھ ڪلاڪن جي خوشي سھي پر اھا به رد نه ڪرڻ گھرجي گھٽ ۾ گھٽ عيد جي بھاني چاچي گل محمد جھڙا ڪئين پنھنجي گھر اچي گھر وارن سان ڳوٺ وارن سان ملن ٿا، گھٽ ۾ گھٽ شانو جھڙا سال ۾ ھڪ دفعو نئون وڳو پھري خوشين م اڇلجن ٿا.
    انھن جي انھن خوشي ۾ اسان جي به عيد آھي سائين
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    100 سيڪڙو متفق... :)
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل اوهان سهمت آهيان ....

    چار گهڙيون ئي سهي ،،،، خوشي ته ملي ٿي
     
  4. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بلڪل درست سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو