نئين تمنا، نئون ترانو، نئون چمن لاءِ آشيانو.شيخ اياز

'شيخ اياز' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    نئين تمنا، نئون ترانو، نئون چمن لاءِ آشيانو
    نه هو قُفس آ نه آب دانو، اُڏام، ساڳيو نه آ زمانو

    ازل ابد سمجه ۾ نه ايندو، نه سمجهبو آهه ڇا زمانو
    اچو ته بدلائجي زمانو، اچو جوانو، اچو جوانو

    هتي سوين رِند روز آيا، نوان نوان دَور جن هلايا
    نه آهه قدرت ڪڏهن به خالي، کليو پيو آ شراب خانو

    صديون جهلڪ لئه جهُڪي ڪيا توهزار سجدا، نه سمجهندين تون
    نگار کان بي نياز آهي، ائين هلي ٿو نگارخانو

    اياز ڪنهن جي سرود سان رات روح ۾ تازگي اچي وئي
    ٿيو فلڪ تي وري ستارن جو جهومندو قافلو روانو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    مون کي جنت يا جهنم جو اونو نه آهي. اي موت! مان توکي خوشيءَ سان قبول ڪيان ٿو.
    شيخ اياز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو