نئين تمنا، نئون ترانو، نئون چمن لاءِ آشيانو.شيخ اياز

نئين تمنا، نئون ترانو، نئون چمن لاءِ آشيانو
نه هو قُفس آ نه آب دانو، اُڏام، ساڳيو نه آ زمانو

ازل ابد سمجه ۾ نه ايندو، نه سمجهبو آهه ڇا زمانو
اچو ته بدلائجي زمانو، اچو جوانو، اچو جوانو

هتي سوين رِند روز آيا، نوان نوان دَور جن هلايا
نه آهه قدرت ڪڏهن به خالي، کليو پيو آ شراب خانو

صديون جهلڪ لئه جهُڪي ڪيا توهزار سجدا، نه سمجهندين تون
نگار کان بي نياز آهي، ائين هلي ٿو نگارخانو

اياز ڪنهن جي سرود سان رات روح ۾ تازگي اچي وئي
ٿيو فلڪ تي وري ستارن جو جهومندو قافلو روانو.
 
Back
Top