محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
ڇا هي مُنهنجي ڌرتي آهي.
فياض ڏاهري
ڇا هي مُنهنجي ڌرتي آهي.
جنهن تان آءُ ڌڪاڻل آهيان.
سٺ ڪروڙ ڪلاڪ پُراڻو
اُجرو آ اتهاس اسانجو
جيڪو احد جديد ۾ هاڻي
ڌارين جي يلغارن آڏو
پُوياڙي جي پاڇن وانگي
ڌنڌلو بڻجي مٽجڻ تي آ.
ڪير اچي اهڃان بچائي.
تون ۽ مان ته سُتا پيا آهيون.
اُوند هه جو اتهاس ڏسي ٿو.
تهذيبن جي سندرتا جو
ڄڻ ڪو ڇيڙو ٿيندو آهي
جنهن کي ڪوبه ” اناڙي “ آريو
پنهنجي پيرن ساڻ لتاڙي
اڳتي گزري ويندو آهي
سج وهائي رات جا پاڇا
ڪيڏو ڪارونڀار سجائي
اُوندهه کي اوڳاڇڻ ويٺا
ها پر تنهنجا جُگنو ڏيئا
ڌرتي تو لاءِ هاڻ به ٻرندا
ڪوجهي ڪاريءَ ڏائڻ جهڙيءَ
رات جي ڪکُ ۾ ڪان کپائي
گهپ اندهيرو ڦاڙي وجهندا
جنهن مان اُجري باک اکين کي
هوريان هوريان ٽمڪائيندي
فياض ڏاهري
ڇا هي مُنهنجي ڌرتي آهي.
جنهن تان آءُ ڌڪاڻل آهيان.
سٺ ڪروڙ ڪلاڪ پُراڻو
اُجرو آ اتهاس اسانجو
جيڪو احد جديد ۾ هاڻي
ڌارين جي يلغارن آڏو
پُوياڙي جي پاڇن وانگي
ڌنڌلو بڻجي مٽجڻ تي آ.
ڪير اچي اهڃان بچائي.
تون ۽ مان ته سُتا پيا آهيون.
اُوند هه جو اتهاس ڏسي ٿو.
تهذيبن جي سندرتا جو
ڄڻ ڪو ڇيڙو ٿيندو آهي
جنهن کي ڪوبه ” اناڙي “ آريو
پنهنجي پيرن ساڻ لتاڙي
اڳتي گزري ويندو آهي
سج وهائي رات جا پاڇا
ڪيڏو ڪارونڀار سجائي
اُوندهه کي اوڳاڇڻ ويٺا
ها پر تنهنجا جُگنو ڏيئا
ڌرتي تو لاءِ هاڻ به ٻرندا
ڪوجهي ڪاريءَ ڏائڻ جهڙيءَ
رات جي ڪکُ ۾ ڪان کپائي
گهپ اندهيرو ڦاڙي وجهندا
جنهن مان اُجري باک اکين کي
هوريان هوريان ٽمڪائيندي