اسلامي سيڪشن جا نوان موضوع نين تحريرن ۽ فعال موضوع مان غائب...!!؟؟

ممتاز قريشي

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت تي اڄ هڪ عجيب ڳالهه نوٽ ڪئي اٿم ته اسلامي سيڪشن ۾ ايندڙ نوان موضوع جيڪي هميشه نين تحريرن جي لسٽ ۾ شامل هوندا هئا يا وري فعال موضوع ۾ انهن کي ڏسي سگهبو هو اُهي اڄ انهن ٻنهين ۾ موجود نه آهن....!!
پڙهندڙن جي آساني لا ۽ نون يا فعال موضوعن کي وڌ کان وڌ رڪنن تائين پهچائڻ لا اهو هڪ مؤثر طريقو آهي، پر اهو ڏسي بيحد افسوس ٿيو ته فعال موضوع يا نيون تحريرون تي ڪلڪ ڪرڻ سان ڪو به اسلامي موضوع انهن جي لسٽ ۾نظر نه پيو اچي..!!
ڇا اهو اڻڄاڻائي ۾ ٿيو آهي يا اسلامي سيڪشن کي غير اهم ثابت ڪري ان کي بند ڪرڻ جون راهون هموار ڪيون پيون وڃن...؟
 
پهرين مرحلي ۾ مذهبي سيڪشن تي هيٺيون رڪاوٽون عائد ڪجن ٿيون..

مذهبي مواد کي رڪنن تائين پهچائڻ ۾ رڪاوٽ:
هاڻي مذهبي سيڪشن ۾ ايندڙ يا اپڊيٽ ٿيندڙ مواد سنڌ سلامت نواڻ جهڙوڪ نيون تحريرون ۽ فعال موضوع ۾ ظاهر نه ٿيندو..

مذهبي مواد کي رڪنن تائين پهچائڻ ۾ رڪاوٽ..!!

انتظاميه جي فيصلي کي مان ڏيندي مذهبي سيڪشن کي مرحلي وار ختم ڪرڻ وارو اهو قدم ڏسي اڳتي مذهبي سيڪشن ۾ ڪنهن به مضمون کي لکڻ کان پرهيز ڪبو.
 
Back
Top