پنجاب صوبي جي شهر رحيم يار خان جي تحصيل صادق آباد ۾ نامعلوم شخص ٻن عورتن تي تيزاب هاري ڇڏيو، نجي ٽي وي جي هڪ رپورٽ مطابق صادق آباد جي علائقي سيٽلائيٽ ٽاون جي رهائشي آمنه ۽ ان جي والده مومنه پنهنجي گهر ۾ موجود هيون ته چار نامعلوم افراد گهر ۾ داخل ٿيا ۽ عورتن تي تيزاب هاري موقع تان فرار ٿي ويا. تيزاب جي سبب 18 سالن جي آمنه ۽ سندس ما جو چهرو ۽ بازو سڙي ويو ٻنهي کي تحصيل هيڊڪوارٽر صادق آباد منتقل ڪيو ويو جتي انهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي