• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رحيم يار خان ۾ دردناڪ واقعو

پنجاب صوبي جي شهر رحيم يار خان جي تحصيل صادق آباد ۾ نامعلوم شخص ٻن عورتن تي تيزاب هاري ڇڏيو، نجي ٽي وي جي هڪ رپورٽ مطابق صادق آباد جي علائقي سيٽلائيٽ ٽاون جي رهائشي آمنه ۽ ان جي والده مومنه پنهنجي گهر ۾ موجود هيون ته چار نامعلوم افراد گهر ۾ داخل ٿيا ۽ عورتن تي تيزاب هاري موقع تان فرار ٿي ويا. تيزاب جي سبب 18 سالن جي آمنه ۽ سندس ما جو چهرو ۽ بازو سڙي ويو ٻنهي کي تحصيل هيڊڪوارٽر صادق آباد منتقل ڪيو ويو جتي انهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي
 
Back
Top