ڪالم: دل جي ڳالهه.................. زيب سنڌي

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ريڙهن تي وڪامندڙ مارڪُون!

    هڪ استاد جي حيثيت سان گذريل پنجويهن سالن ۾ مون کي ڏاڍا دلچسپ توڙي افسوس جهڙا تجربا ۽ مشاهدا به ٿيا آهن. ويهارو سال اڳ مون فرسٽ ايئر جي هڪ شاگرد جي سليس اردو سبجيڪٽ واري نهايت سهڻن اکرن سان سڄي ڀريل ڪاپي ڏسي، کيس زيرو مارڪون ڏيئي فيل ڪري ڇڏيو هو. منهنجو مهربان ۽ سينيئر دوست، هالا وارو ڊاڪٽر ممتاز بخاري هيڊ اگزيمنر هو. بخاري صاحب اها ڪاپي واپس آڻي منهنجي ٽيبل تي اڇلي چيو، ”يار، اهڙو ظلم... اهڙو انڌير ڪبو آهي!“ بخاري صاحب سان منهنجو اڄ تائين حجت وارو تعلق آهي. کيس مرڪي چيو هئم، ”سائين، منهنجي نظر ته بلڪل ٺيڪ آهي پر شايد توهان کي پنهنجي چشمي جو نمبر بدلائڻ جي ضرورت آهي!“ بخاري صاحب پيار ڀري ڪاوڙ مان مون ڏانهن ڏسي، ساڳئي ڪاپي کڻي ڌيان سان ڏٺي ته کانئس ٽهڪ نڪري ويو. مڪمل لکيل ڪاپيءَ جي هر سوال جي جواب ۾ ٻن ٽن صفحن تي ورجائي ورجائي فقط ٽي لفظ لکيا ويا هئا، ”کُڙدانا، بُڙدانا، ُمڙدان“! سڄي جو سڄي ڪاپي فقط انهن ٽن بي مطلب لفظن سان ڀريل هئي! ( انهن لفظن کي بي مطلب ان ڪري به چئي رهيو آهيان ، جو هي آرٽيڪل لکڻ کان پهرين مون انهن لفظن بابت مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ليکڪن کان به ڄاڻ ورتي هئي.)
    سو هن دلچسپ ۽ افسوس ناڪ ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ کان پهرين اها ڳالهه ڪندو هلان (مون کي ته لکڻو آهي، هلان وري ڪيڏانهن!) ته انهيءَ زماني ۾ فرسٽ ايئر جو سليس اردو سبجيڪٽ پڙهائيندا به سنڌي سبجيڪٽ جا استاد هئا ته انهيءَ سبجيڪٽ جون ڪاپيون به سنڌي سبجيڪٽ جا استاد ڏسندا هئا. فرسٽ ايئر سليس اردو سبجيڪٽ پڙهندڙ سنڌي شاگرد هوندا آهن ۽ ڪاليج سطح تي کين انٽر ۾ پهچي پنهنجي مادري ٻولي سنڌيءَ جو سبجيڪٽ پڙهڻ لاءِ نصيب ٿيندو آهي! جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ شاگرد ٻئي سال اردو ٻوليءَ جو سبجيڪٽ ئي پڙهن ٿا!! اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي فرسٽ ايئر ۾”سليس سنڌي“ پڙهائڻ جا ماضيءَ ۾ قانون به پاس ٿيا، ڪي سال اڳ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ فرسٽ ايئر جي سليس سنڌي سبجيڪٽ واري ڪتاب جون ڏهه لک ڪاپيون به ڇپجي تيار ڪيون، پر سليس سنڌي جو سبجيڪٽ لاڳو ٿي نه سگهيو ۽ ڪتاب جون اُهي ڏهه لک ڪاپيون الاءِ ته اڏوهي کائي وئي يا اُهي رديءَ ۾ وڪرو ٿي ويون!
    مون ڳالهه پئي ڪئي فرسٽ ايئر جي سليس اردو واري شاگرد جي، جنهن اردو الفابيٽ سان فقط ٽي اکر ”کُڙدانا، بُڙدانا، مُڙدانا“ لکي سڄي ڪاپي ڀري ڇڏي هئي ۽ مون کيس زيرو مارڪون ڏيئي فيل ڪري ڇڏيوهو. ٻئي سال وري مون انٽر جي سنڌي سبجيڪٽ جي هڪ مڪمل طور تي ڀريل ڪاپيءَ تي زيرو مارڪون ڏيئي فيل ڪري ڇڏيو. سائين ممتاز شاهه بخاريءَ وري اچي اها ڪاپي منهنجي اڳيان اڇلائي هئي، ”يار، اهڙو قهر ته نه ڪندو ڪر!“ مُرڪي چيو هئم، ”سائين مهرباني ڪري انهيءَ ڪاپيءَ کي پڙهي ڏسو.“ شاهه صاحب ڪاپيءَ کي اٿلايو ته کانئس گذريل سال کان به وڏو ٽهڪ نڪري ويو. اها ڪاپي انهيءَ گذريل سال واري ساڳئي شاگرد جي هئي، جنهن تي هن ڀيري سنڌي سبجيڪٽ هئڻ سبب ساڳيا ئي فقط ٽي لفظ ”کُڙدانا، بُڙدانا، مُڙدانا“ ورجائي ورجائي سنڌي الفابيٽ ۾ لکيا ويا هئا ۽ انهيءَ شاگرد جي قسمت خراب هئي، جو ٻئي سال به اتفاق سان سندس ڪاپي منهنجي وَر چڙهي وئي! پر هتي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهو شاگرد فرسٽ ايئر ۾ کڙدانا، بڙدانا، مڙدانا جي ذريعي ڪنهن ٻئي سبجيڪٽ ۾ ضرور پاس ٿي ويو هوندو، نه ته هو انٽر ۾ ٻيهر اهڙي حرڪت شايد نه ڪري ها.
    مسٽر کڙدانا بڙدانا مڙدانا ته اتفاقي طور ٻئي دفعا جهلجي پيو، پر حقيقت اها آهي ته بورڊ جي موجوده سسٽم ۾، امتحاني ڪاپيون چيڪ ٿيڻ واري عمل ۾ شاگردن سان انصاف نٿو ٿئي. هڪ ممتحن کان هڪڙي ڏينهن جي چند ڪلاڪن اندر چاليهه پنجاهه ڪاپيون چيڪ ڪرايون وڃن ٿيون، جنهن ڪري ٽن ڪلاڪن ۾ لکيل ڪنهن شاگرد جي ٻارهن يا سورهن صفحن واري هڪ ڪاپي چيڪ ڪرڻ لاءِ، مجموعي طور تي فقط ٽي منٽ ئي ملن ٿا. انهن ٽن منٽ مان به گهٽ ۾ گهٽ هڪ منٽ رزلٽ شيٽ ٺاهڻ ۾ هليو وڃي ٿو. اهڙي حالت ۾ ڪنهن انصاف جي اميد رکڻ ئي اجائي آهي.
    حيدرآباد بورڊ تي غير لاڳاپيل استادن کان ڪاپيون چيڪ ڪرائڻ جو الزام به لڳو آهي، جنهن ۾ به وزن آهي. ڪاپيون چيڪ ڪندڙ سبجيڪٽ جي استادن جو ڪو معيار ته نٿو ڏٺو وڃي، پر انهيءَ عمل ۾ ڪي ”ايرا غيرا ۽ نٿو خيرا“ به شامل رهيا آهن. هڪ دفعي نامياري ليکڪ پروفيسر شمس الدين عرساڻي صاحب هيڊ ايگزيمنر جي حيثيت سان هڪ ”نٿو خيري“ جون چيڪ ڪيل ڪاپيون مون کي ڏيکاريندي چيو هو ته ، ”هي ڏس .... هتي اهڙ ا ڪلور به ٿين ٿا!“ مون اهي ڪاپيون کڻي ڏٺيون هيون ته منهنجي مٿان حيرتن جو پهاڙ اچي ڪريو هوــــ اسلاميات جي پيپر ۾ ٽي سوال ۽ پنجاهه مارڪون هيون، جن کي انهيءَ نٿو خيري صاحب سنڌي سبجيڪٽ جي ستن سوالن مطابق هڪ سئو مارڪن سان چيڪ ڪيو هو! سڄيون ساريون ست ڪاپيون چيڪ ڪرڻ کانپوءِ نٿو خيري صاحب کي احساس ٿيو هو ته هن سنڌي سبجيڪٽ سمجهي جيڪي ڪاپيون چيڪ ڪيون آهن، اُهي سنڌي جي سبجيڪٽ جون نه پر اسلاميات جون آهن. نه فقط اهو، پر ڪاپين تي لکيل ٽن سوالن جي جاءِ تي هن وچ وچ ۾ مارڪون لکي ٽن کي ست سوال به بڻائي ڇڏيو آهي!
    هڪ طرف هزارين مسڪين ۽ بي پهچ ٻار فيل ٿي وڃن ٿا ته ، ٻئي طرف مارڪن جو ڪاروبار به حيدرآباد بورڊ جي دروازي تي بيٺل، بريانيءَ جي ريڙهن جيان هلي ٿو. بورڊ جي گيٽ ٻاهران ئي مارڪون خريد ڪري ڏيندڙ ايجنٽن جون خبرون به وقت بوقت اخبارن ۾ لڳنديون رهيون آهن، تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ مارڪون به کارڪُن جيان ريڙهن تي وڪامي رهيون آهن! ڳالهه فقط اتي ئي دنگ نٿي ڪري، پر هاڻي ته سڄو بورڊ ئي کُڙدانا، بُڙدانا، مُڙدانا ٿي ويو آهي. نه فقط حيدرآباد، پر سنڌ جي ٻين تعليمي بورڊن جي حالت به لڳ ڀڳ هڪ جهڙي آهي. تنهن ڪري حيدرآباد سميت سنڌ جي سڀني تعليمي بورڊن ۾ وڏي تبديليءَ جي ضرورت آهي. مان هتي انقلابي تبديليءَ جو لفظ ان ڪري نٿو استعمال ڪيان، جو انقلاب جو لفظ اسان جي سماج ۽ سياست ۾ پنهنجي معنى ئي وڃائي ويٺو آهي.
    zaibsindhi@hotmail.com
    روزانه ”عوامي آواز“ 2 آگسٽ 2014ع
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    سائين جي اسان جو اهو حال رهيو ته اسان جي تعليم ماضي جو خواب بڻجي ويندي ته ماضي ۾ ڪا اسان وٽ تعليم هئي ڇا ٿيندو اسان جو آخر ڪير آهي جو اسان جي تعليم ۾ سڌارو آڻيندو خدرا تعليم ۾ انقلاب آڻيون نه ته اسان جي سنڌ امڙ تباهي جي ڪنڌي تي وڃي پڄندي خدارا سنڌ امڙ کي هن تعليمي تباهي کان بچايو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو