بي چين موسم بيقرار يادون..

'سنڌي ادب' فورم ۾ شيراز احمد نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2014۔

  1. شيراز احمد نظاماڻي

    شيراز احمد نظاماڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    70
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    بينڪر
    ماڳ:
    ٽنڊو سومرو
    طويل عرصي کانپوء به آئون اڃان تائين پاڻ کي ان دور جي گردش مان

    آزاد نه ڪري سگھيو آهيان. انهن ڏينهن ۾ مان ڪنهن نادان ٻار جيان لڏندو لمندو رهيو هئس محبت پيار پريت انهن نالن کان ڄڻ اڻواقف هئس ۽ جڏهن به جنهن شئي جي اهميت کان انسان اڻواقف هوندو آهي ته اها عجيب ۽ بي معني لڳندي آهي . وقت ۽ حالتن جي قيد ۾ انسان ازل کان رهيو آهي انهن ڏينهن ۾ آئون ڪنهن اجنبي مسافر جيان ڪيمپس جي رستن جي پاسن ۾ وکريل زرد پتن کي لتاڙيندي انهن جو آواز ٻڌندو هئس ۽ محسوس ٿيندو هو ته اکين کان ڏور آڪاش تي ڪڪرن جو ميڙ ۽ زمين تي نظر ايندڙ چهرا ۽ شيون منهنجي استقبال لاء بي چين آهن ۽ مان نه چاهيندي به انهن کي اپنائڻ ٿي گھريو . مونکي خبر نه هئي ته اهي راهون ۽ رستا وکريل زرد پتا ايندڙ ڪنهن وقت ۾ بيقرار يادن جو ڌنڌلو عڪس بڻجڻ وارا آهن مونکي اها به خبر نه هئي ته آئون ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان رولاڪ بادلن سان گڏ گم ٿيڻ وارو آهيان ان دور ۾ ڊائري ۽ قلم مونکان ڏور رهي به ان ڇڪ جو شدت سان احساس ڏياريو جنهن کي مون بعد ۾

    محسوس ڪيو. انهن ڏينهن ۾ مان آزاد پکي جيان آڪاش تي اڏامندڙ ڪيفيتن کي محسوس ڪيو هو دل دماغ خيال گلابن جي گلشن ۾ ڪوئل جي ڪوڪ سان گڏ پڙاڏا بڻجي ويندا هئا. اهو مختصر سفر ايترو طويل ته نه هو پر يادن ۾ دفن ٿيل منظرن ان کي طويل بڻائي ڇڏيو انهن ڏينهن ۾ ڪو اجنبي چهرو ڪويتا غزل جهڙو سرجيل خوبصورت خيالن سان ڀريل ۽ وڻندڙ نظارن سان چمڪندڙ چهرو نه ڄاڻ ڪنهن پل اکين جي اوناهين سمنڊ ۾ لهي دل جي دنيا تي راڄ ڪرڻ لڳو ۽ بي چيني جي ٽانڊن هوريان هوريان دل ۾ دکڻ شروع ڪيو. مان چاهيندي به انهن ٽانڊن کي نه اجھائي سگھيس جيڪي دکي دکي مچ بڻجي ويا ۽ مان بيقراري جي سرحدن ۽ فاصلن ۾ قيد بڻجي رهجي ويس پهرين نظر ۾ انهن نيڻن جي شعاعن دل جي ڌرتي تي زلزلو آندو ۽ آئون هر لمحي ان زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪندو رهيس اکيون آڪاش ۾ وچڙندڙ بادلن ۾ ڪنهن اڻڄاتل وجود جو عڪس محسوس ڪري رهيون هيون ۽ مان اڪثر خاموشي جي زنجيرن ۾ قيد ٿيڻ لڳس ۽ چاهيندي به پاڻ کي آزاد نه ڪري سگھيس . ان اجنبي چهري هڪ ئي جھلڪ ۾ خوشگوار ماحول کي اداسي ڪيفيتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو . مون کي خبر هئي ته تون انهن ڪيفيتن کان اڻواقف هئين ان لاء جو اسان ڪڏهن به هڪٻئي سان مخاطب نه ٿي سگھيا هئاسين پر مون اهو محسوس ڪيو هو ته بي چيني جي باهه ۾ ٻرندڙ سڪ جي ٽانڊن جو تئو توکي به لڳڻ شروع ٿيو هو . اها هڪ الڳ ڳالهه هئي جو اهو تئو باهه بڻجندي بڻجندي رهجي ويو ۽ مان ان باهه کان پاڻ کي نه بچائي سگهيس . ڪافي سال گذري ويا پر مونکي ڪنهن به چهري مان اها روشني نظر نه آئي جيڪا مونکي پاڻ ڏانهن مائل ڪري سگھي ها . مونکي خبر هئي ته مان ڪنهن اڻڄاتل تاريخ تائين قيد ڪيو ويو آهيان جنهن مان آزاد ٿيڻ لئي زمانا لڳي سگھن ٿا! کن لئي ائين

    محسوس ٿيو ته اسين چند لمحن جي سفر جا مسافر هئاسين ۽ وڇڙي وياسين پر ان کانپوء جي درد کي صرف مون محسوس ڪيو ۽ انهن اڻڄاتل ڪيفيتن امڪاني حادثي جو سائرن وڄايو ۽ ايندڙ طويل وڇوڙي جا ورق کولي اهو لکيو ته خواب به حقيقتن جا ڌنڌلا عڪس آهن جيڪي اڪثر اڻپورا رهجي ويندا آهن سڏڪا بڻجي هوائن ۾ اڏامي ويندا آهن رهجي وينديون آهن يادون ۽ ڌنڌلا عڪس سڀ ڪجھ بدلجي ويو ماڻهو بدلجي ويا چهرا بدلجي ويا منظر بدلجي ويا پر اڄ به انهن رستن تي وکريل زرد پتن تي هلڻ لاء دل چاهيندي آهي پر چاهيندي به انهن وکريل زرد پتن تي هلڻ نٿو چاهيان هاڻي ڄاڻي ويو آهيان ته اهي پتا به خزان جي خوشبو جو احساس ڏيارين ٿا ۽ مان بهار جي اوسيئڙي ۾ خزان بڻجندو رهيو آهيان . موسم مٽجي ويا رنگ بدلجي ويا پر دل اڄ به بي چين موسم ۾بيقرار يادن کي سهيڙيندي رهندي آ........



    وفا شيراز نظاماڻي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو