اميدون ئي جيئڻ جا سبب آهن...

'سنڌي ادب' فورم ۾ شيراز احمد نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2014۔

  1. شيراز احمد نظاماڻي

    شيراز احمد نظاماڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    70
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    بينڪر
    ماڳ:
    ٽنڊو سومرو
    ڪڏهن ڪڏهن زندگي سيلاب جي زد ۾ اچي ويل ڪچي گھر جيان لڳندي آهي جيڪو ڀتر ڀتر ٿي پاڻي جي وجود ۾ ڀري ويندو آهي يا ڪڏهن ڪڏهن مايوسين جي انڌيرن ۾ گمنام وجود جيان جيڪو روشني جي تلاش ۾ اڻڄاتل رستن تي سفر ڪندو رهندو آهي .ڪڏهن ڪڏهن نه چاهيندي به خاموشي جو تالو زبان تي لڳي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن چپ رهندي به گھڻو ڪجھه ڳالهائجي ويندو آهي . ڪڏهن ڪڏهن صدين جو سفر لمحن ۾ طح ٿي ويندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن لمحن جي ڳولا ۾ صديون گذريو وڃن. خوش رهڻ ۽ خوش ڏکائي ڏيڻ ۾ وڏو فرق ٿي سگھي ٿو پر مان ٻنهي ڪيفيتن ۾ هڪجھڙو رهيو آهيان . ڪاغذ ۽ قلم کان

    ناراضگي نٿو ڪري سگھان ڇو جو اهي هر دور ۾ ساٿي رهيا آهن اندر جي حادثن جا فوٽو ڪڍڻ لئي سائنس اڃان ڪا ڪيمرا ايجاد ناهي ڪئي پر منهنجي نظر ۾ قلم کان وڌيڪ ڪا به اهڙي ڪيمرا ناهي جنهن سان اندر جي حادثن جا فو ٽو ڪڍي سگھجن . هر دور ۾ هڪ ئي رفتار سان هلڻ ڏکيو ٿي سگھي ٿو پر مون ڪنهن به ڊگر تي ٿيڙهه ناهي کاڌي . پر انسان ڪنهن نه ڪنهن صدمي ۾ ڀڄندو ڀرندو رهندو آهي تڪليف جو احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اسين ٻئي جي درد کي پنهنجو محسوس ڪندا آهيون نه ته انسان ۽ بت ۾ ڪو فرق ناهي. زندگي جو مقصد ئي شايد ٻين ڪاڻ جيئڻ آ پنهنجي لاء تي هرڪو جيئي اسان تي پنهنجي خواهشن ۽ خوشين جي رستي تان اکيون پوري گذري ويندا آهيون اسان ايڏا ته پٿر دل ٿي ويا آهيون جو اسانکي ڪنهن جا احساس ۽ جذبا نظر ئي ڪونه ٿا اچن! اسان شايد تمام اڳتي نڪري چڪا آهيون پوئتي نهارڻ جيترو وقت نٿو ملي . آئون مختلف زمانن کان ماڻهن ۾ ماڻهپي ڳولڻ جي جستجو ۾ رهيو آهيان ڪافي ماڻهن کي سڃاڻي به ويو آهيان . انسان انسان کي گھڻو ڪجھه سيکاري ٿو مون اهو ماڻهن جي روين مان محسوس ڪيو آهي . پيار محبت خوشيون اضافي ڪردار جيان لڳن ٿيون زندگي جي ڪهاڻي جو اهم ڪردار ته اخلاق آهي جنهن کي انسان اڃا تائين صحيح ريت ادا نه ڪري سگھيو آهي .دل ٿي چوي ته بغير عنوان جي لکڻ شروع ڪيان ۽ هر درد جي ڪهاڻي سان گڏ هر صدمي جو چهرو به ڇاپي ڇڏيان .پر ڪجھه پاڻ لئي بچائي رکڻ ضروري ٿو سمجھان ڪنهن اداس دور ۾ ڪم ايندا سگھه ڏيندا، غم ۽ خوشي جي وچ

    واري وٿي هميشه هر دور ۾انسان کي جيئڻ جو حوصلو ڏيندي آهي . جيڪر اميدون نه هجن ها ته جيئڻ جو ڪو سبب به نه هجي ها پر بي سبب انتظار به موت برابر لڳندو آهي . اسان جا خواب به واري جي ذرڙن جيان آهن ڪڏهن سمنڊ جي وشال لهرن ۾ ترندا ٿا رهن ته ڪڏهن وري ساحل جي سيني تي صحرا ۾ اڏامندڙ ڌڌڙ جيان . اک ڇنڀ ۾ نه ڄاڻ ڪيترن خوابن جا لاش دفن ڪري چڪا هوندا آهيون مونکي محسوس ٿيندو آهي ته لفظ پاڻهي پيا لکجن ڄڻ ڪا اڻڄاتل طاقت رانبوٽا هڻي روڙي رهي آهي .اکين جا لڙڪ ۽ سڏڪا ته وڏو ثبوت آهن درد ۽ تڪليف جو پر ڪنهن خاموش اکين ۾ لڪل خشڪ لڙڪن جي لهر کي نه پرکيو ! ڏک جو سفر ايترو طويل ڇو ٿيندو آهي جو سک جا سوين ڏينهن به لمحا بڻجيو وڃن ۽ ڏکن جا چند لمحا به صديون ؟ پر مون پنهنجي زندگي کي وقت سان وابسته لمحن ۾ تحرير ڪري ڇڏيو آهي مون وٽ ان لئي به شايد ڪو عنوان نٿو رهي جو مون ڪڏهن ڪنهن ڪيفيت کي پاڻ کان ڌار ٿيندي محسوس ڪيو هجي جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ها ته سوچون مختلف حصن ۾ ورهائجي وڃن ها ۽ آئون هڪ هڪ سوچ جو در کڙڪائيندو رهجي وڃان ها مون پاڻ کي آزاد ڪري سوچين کي قيد ڪري ڇڏيو آ شايد ! ماڻهن جي ته فطرت آهي تفصيل پڇڻ جي پر مون لفظن کي ڪڏهن به بي جان نه لکيو آهي منهنجي سوچين ۽ ڪيفيتن جو روح لفظن ۾ موجود آهي . مونکي لڳي ٿو ته منهجون ٻه زندگيون آهن هڪڙي جيڪا ٻالڪپڻ جي راند ۾ وڃائجي وئي ۽ ٻئي ڪنهن اجنبي محبت جي قيد ۾ گذري نه ئي ٻالڪپڻ وريو نه ئي محبت جي قيد مان آزادي

    ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته مون سڀ ڪجھه وساري ڇڏيو آ پر جڏهن اڪيلائي ۽ اداسي گھيري ٿي ته دل جي خاموش شهر ۾ يادن جي هلچل مچي ويندي آهي ۽ ذهن جي ويران وادين تي بي چيني جي رک اڏامندي رهندي آهي . ان ٻالڪپڻ جي دور جون ڪجھه اهڙيون يادون آهن جن کي جيترا لفظ ڏيان پر مڪمل نه ڪري سگھان ۽ اجنبي محبت جيڪا بي قراري جي باهه ۾ اڇلائي اظهار کان اڳ ئي اکين کان اوجھل ٿي وئي ۽ مان ان محبت جي پيرن جا نشان ڳوليندو رهيس . رهجي ويل منظرن جيان ماضي جي هر هڪ ڪيفيت جو عڪس ايترو ئي تازو هوندو آهي جئين اڻلکيل لفظن کي لکجي وڃڻ جي آرزو. اها به هڪ حقيقت آهي جو نه ڄاڻ ڪيتريون اڻکٽ ڪيفيتون لفظن جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ چاهينديون آهن ۽ اسان انهن کي دٻائيندا رهندا آهيون پوء جڏهن بار وڌيو وڃي ته اندر جو انسان ڪاغذ ۽ قلم کڻي لکڻ شروع ڪندو آهي ان عمل کي مان پاڻ کي پني تي وڃايل وجود جيان محسوس ڪندو آهيان ۽ لفظ پاڻهي لکبا رهبا آهن ۽ ماڻهو چون ٿا ته شاعر آهي !!!



    وفاشيراز نظاماڻي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    529
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    واهه تمام بهترين احساس ڪفيت تي ٻڌل مواد.........
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سهڻا احساس ... خوبصورت جملن جي چونڊ
     
  4. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,239
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين
     
  5. شيراز احمد نظاماڻي

    شيراز احمد نظاماڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    70
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    بينڪر
    ماڳ:
    ٽنڊو سومرو
    محبتون بخشڻ لئي لک قُرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو