ناهــي اســـان جو ڀاڳ ڀــــلڙو

ناهــي اســـان جو ڀاڳ ڀــــلڙو
آهــي اســان جو ڀٽڪـل دڳڙو
آهي اڄ به مـنهنجي ڳـــلي ۾
تنهنجي هٿن جو پـاتـل سڳڙو
ســورن سـاڻ سـمايل رهندو
پيـــار اسـان جو گهايل رهندو
دور تـــوکان شـــهر ۾ ڪـوئي
نــظرن کان ونــڃايـل رهـــندو
ڪونه وساري سگھندو جاني
تــوکي مـــنهنجو پاگل مـــنڙو
 
Back
Top