• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امداد شاه راشديءَ جي ياد ۾ فنڪارن جي مڃتا لاءِ، ساليوُوڊ سرٽيفڪيٽ ايوارڊ2010

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
امداد شاه راشديءَ جي ياد ۾ فنڪارن جي مڃتا لاءِ، ساليوُوڊ سرٽيفڪيٽ ايوارڊ 2010ع

ڪي ٽي اين جي بهترين ڊائريڪٽر مرحوم امداد شاه راشديءَ جي ياد ۾ سالانا سرٽيفڪيٽ ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو اڃا جاري آهي. هن سلسلي جي ايوارڊ ڊسٽريبيوشن سيريمني، ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيش ريسرچ سينٽر نيوسعيد آباد جي ساليوُوڊ آڊيٽوريم ۾ روزانه شام جو 4 بجي کان 5 بجي تائين ٿئي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي هر فني شعبي خاص طور سنڌي ميڊيا، سنڌي اسٽيج سان وابسطا فنڪارن جي مڃتا لاءِ، خالص ميرٽ جي بُنياد تي ساليوُوڊ سرٽيفڪيٽ ايوارڊ 2010ع ڏنا وڃن ٿا. جيوري هر شعبي جي هڪ نمائندي تي مُشتمل آهي، جيڪي ايوارڊ ڏيڻ جي رڪمنڊيشن۽ سليڪشن، مليل اي. ميل ، خطن، ايس.ايم.ايس، ٽيليفون ڪال ۽ ڊرامن جي سينن کي پري ويو ڪندي ڪئي وڃي ٿي ۽ هر لحاط کان ميرٽ جو خيال رکيل اهي. انساني غلطيءَ جي فيڪٽر کي مد نظر رکندي ، ايوارڊ انائونس ٿيڻ کان پوءِ به پبلڪ جي راءِ جي وڏي اهميت آهي . جي پبلڪ سمجھي ٿي ته ايوارڊ ميرٽ تي ناهي ڏنو ويو ته اعتراض جو حق پبلڪ کي ۽ ووٽن کي اهي. اهڙي صورت ۾ پيرالل ايوارڊ اسڪيم به مُتعارف ٿيل اهي. اهو سلسلو مُسلسل رهندو.

امداد شاه راشديءَ جي والد صاحب جناب پير مظهر الحق شاه راشدي (نيو سعيدآباد وارا) جو فني خدمتون ميڊيا سان وابسطه ڪنهن به شخص کان پوشيده ناهن. امداد شاه جو جيڪو ٽي لاجواب سيريلون ڪي ٽي اين تان هليون اُهي هُيون اوکا پنڌ، اڌُورا اَرمانَ ۽ درونديءَ جو ديس. دردونديءَ جو ديس ڪشش ٽي وي تان هاڻ رپيٽ ٽيليڪاسٽ ٿئي پيو.

پهريون ڀيرو سنڌي ميڊيا جي هن پليٽ فارم تان، سنڌي اديبن، ليکڪن، ڪتابن، شاعرن، تنقيد نگارن لاءِ به ايوارد جو سلسلو رکيل اهي. توهان کي گُذارش ڪجي ٿي ته ماضي ۽ حال تي مُشتمل بهترين شخصيتن ۽ ڪتابل لاءِ گھٽ ۾ گھٽ چار نالا تجويز ڪرو ته جيئن جيوريءَ کي ميرٽ جي بُنياد تي ايوارڊ تقسيم ڪرڻ ۾ سهولت ملي.
 
جواب: امداد شاه راشديءَ جي ياد ۾ فنڪارن جي مڃتا لاءِ، ساليوُوڊ سرٽيفڪيٽ ايوارڊ2010

ادا سنڌي ميڊيا وارا دوست،توهان جي ايوارڊ ڏيڻ واري ڪارنامي کي سنڌ جي تاريخ ۾ يقينن سُنهري اکرن سان لکيو ويندو، سيد امداد محمد شاهه مرحوم جو ايوارڊ ڏيڻ ۾ توهان نالو تجويز ڪيو تمام بهترين ، ويچارو شاعر، اديب ، ليکڪ يا فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ ڪا به سنڌي شخصيت ساري عمر ڪنهنجي واهه واهه ، زوردار تاڙين جي گُونجَ، نالي ماتر ڪو اُجورو ۽ مڃتا ايوارڊن جي آس تي پنهنجي پوري زندگي گُذاري ڇڏيندي آهي ، اسان جي چند اديبن ۽ فنون لطيفه جي شخصيتن کي ڇڏي باقي سڀني اديبن شاعرن، فنڪارن ڪمپرسي جي زندگي گُذاريندي گُذاريندي سسڪي سسڪي راهه رباني ورتي آ هي توهان کي جس هُجي اهڙن ڏات ڌڻي ماڻهن کي مڃتا جو سرٽيفيڪيٽ يا ايوارڊ ڏيو ٿا۔ الله سائين توهان جي هن پرُخلوص ڪاوشن جا ڀاڙا ضرور ڏيندو توهان کي
 
Back
Top