• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فيس بوڪ وڊيو ڊائونلوڊ ڪريو بغير سافٽويئر جي!!

ادا عبيدالله اڄ ڪلهه فيس بڪ جا وڊيوز ان ساڳئي پيج تي کلن پيا.. تقريبن سڀ وڊيوز نئي ٽيب تي وڃن ئي ڪو نه ٿا........

توهان هي طريقو آزمايو..
سڀ کان پهري اُن وڊيو تي مائوس سان ”ساڄي ڪلڪ“ (Right Click) ڪريو، جيڪا توهان ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا..
توهان جي سامهون هي بٽڻ ظاهر ٿي پوندا، توهان اِنهن مان get video Url تي ڪلڪ ڪريو.

DTFxqLw.jpg



مٿيون عمل ڪرڻ کان تُرت پو فيسبوڪ وڊيو يو.آر.ايل (لنڪ) جو ننڍڙو باڪس کُلي پوندو، توهان اُن تي به Right Click ڪندا ته هيٺيون آپشن نظر ايندو، توهان دائري ۾ ڏنل آپشن تي ڪلڪ ڪندا ته وڊيو الڳ ٽيب ۾ کُلي پوندي. پو اتان توهان www جي جا تي m لکي وڊيو ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا.



21447039805_94fca41410_o.jpg
 
اڄڪلهه گهڻو ڪري وڊيو شيئرنگ فيسبوڪ تي ٿئي ٿي. بلڪه ائين ڀائنجي ٿو ته فيسبوڪ دلچسپ وڊيو ۽ تصويرون ونڊ ڪرڻ لاءِ ئي ٺهيو هُجي!. فيسبوڪ تي مزاحيه ، معلوماتي ۽ گانا (سانگس) وغيره جون وڊيوز شيئرڪيون وڃن ٿيون ۽ ٻين جون شيئر ڪيل وڊيو ڏٺيون وڃن ٿيون ۽ جيڪي وڊيوز پسند اچن ٿيون اهي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪندا آهيون. فيسبوڪ تان وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا ڊائونلوڊر انسٽال ڪرڻا پوندا آهن ۽ اهي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ دوران انهن سان گڏ واندا سافٽويئر به پاڻمرادو انسٽال ٿيو وڃن جيڪي پوءِ سسٽم ۾ وائرس پيدا ڪري سسٽم کي سُست ڪن ٿا.

اڪثر دوست Fbdown.netوغيره جهڙين ويبسائٽن تان آنلائن ڊائونلوڊ ڪندا آهن ۽ اهو ڪم انتهائي تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي.

اڄ توهان کي هڪ ننڍڙي ٽِپ ذريعي فيسبوڪ وڊيو آساني سان ڊائونلوڊ ڪرڻ جو طريقو ٻڌايان ٿو. صرف هڪ يا اڌ منٽ ۾ ، بغير ڪنهن سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي وڊيو ڊائونلوڊ ڪريو.

سڀ کان پهريان توهان مطلوبه وڊيو تي ڪلڪ ڪريو ۽ پوءِ وڊيو URL۾ http://www.facebook.com/video........... جي جاءِ تي http://m.facebook.com/video لکو!

ياد رهي! وڊيو کُليل رهڻ گهرجي !

پوءِ وڊيو کي 2 کان 3 سيڪنڊ هلڻ ڏيو،

آخر ۾ توهان وڊيو تي رائٽ ڪلڪ (مائوس ذريعي) ڪري save video asتي ڪلڪ ڪريو.

بس! ايتري ۾ مطلوبه وڊيو ڊائونلوڊ ٿي ويندي...
sp7ynq.jpg
سائين مھرباني تمام سٺي سمجھاڻي پر اسان رھياسين اڻ ھنرمند ماڻھو سو ڪو سولو ڏس ڏيو ت اھي موبائيل مان ڪيئن محفوظ ڪجن؟
 
سائين مھرباني تمام سٺي سمجھاڻي پر اسان رھياسين اڻ ھنرمند ماڻھو سو ڪو سولو ڏس ڏيو ت اھي موبائيل مان ڪيئن محفوظ ڪجن؟
موبائل لا الڳ سان ايپليڪيشن لڳائڻو پوي ٿو.
ان معتلق فاروق سومرو کان رهنمائي حاصل ڪري سگهجي ٿِي.
 
Back
Top