• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻڪ

آدرش ڪليري

سينيئر رڪن
چانهہ جا سُرڪ ڀريندي نهاري ٿو ٻي ٽيبل ڏانهن ، گهٽ پڙهيل ڇوڪراٽ فلمي مريضن جو جوڙو ، هڪ ڄڻو سگريٽ جو پاڪيٽ ڦاڙي ان تي فرمائش لکي رهيو آهي ، ٻيو ڄڻو پٽاپٽي شرٽ پهريل ، وات ۾ پان ، چپن ۾ سگريٽ ۽ ڪنڌ جي بيهڪ ڄڻ ڪنهن خيال ۾ گم ، هر انداز ۽ چرپر بناوٽي ايڪٽنگ سان ، گانو جيئن تہ ڪنهن شرابي جو آهي ۽ نشي ۾ چيل ، هو به ايڪٽنگ ڪري ٿو بکندڙ بناوٽ هر ادا مان .
ڀڙوو ... ٽرڙو ڀيڻسان ، ڏاڍو ٺهي ٿو ، اچيس ٿي جک ، وري سوچي ٿو ، منهنجو ڇا وڃي ، لڳو پيو آهي مولائي پنهنجي ڌم سان ، زندگي گهارڻ لاءِ ڪنهن ڌن ۾ رهڻ به ضروري آهي ، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي هستي جو ڪڙو احساس ته دٻيو وڃي ، مون کان ته پوءِ ب لئہ ۾ آهي ، مطمئن تہ آهي .
هي بہ ڀڙوو بوگس گانا پيو هلائي ...
ڏسي ٿو ٻاهر روڊ ڏانهن رڪشائون تيزي سان لنگهي رهيون آهن .هڪ پوڙهو مهاجر رڌل اوجهري جو ديڳڙو رکيو ويٺو آهي ، ديڳڙي جي ڀرسان اوڪڙو ويهي هڪ اڌوڙٽ سنڌي اوجهري پيو ٿو کائي .نظرون اورتي کڄي ، هوٽل جي ٻاهران پيل بينچن تي پونس ٿيون ، هڪ بينچ تي لوسي ٽائيپ ٽي شودا ويٺا آهن ، ٻن جو گلو کليل ، هڪ جي ڪنڌ ۾ پيلو رومال ويڙهيل ، سندن ڀرسان گڏ هڪ ڀورو لسو ڇوڪرو ويٺل آهي . وار وڌيل ۽ ڪڪا ، کليل گلو ، ڇاتي بنا وارن جي لسڙي نظر ايندڙ ، ڳانو پيل ، بدن جي هر لچڪ ۽ لوڏ ۾ عورتپڻو ...
لونُڊو اٿن ، رات جو ون يونٽ ڪندا هوندس ، قياس ڇوڪري تي ، هوندو ڪنهن غريب جو ٻار ، پيٽ ، زنده رهڻ لاءِ ، اڳي ، ڪڏهن ماڻيل مزي جي لذت ، ياد روپ ۾ ماڻيل مزي جي لذت ، ڪي گهڙيون ڇوڪري ڏانهن ڏسي ٿو ، لسو آ .... هڪ اندروني خواهش ، اڳ ماڻيل مزي جي لست جي تعلق سان ، ساڻس گڏ ، رات گڏ گذارڻ لاءِ دل ، دل جو وڌڻ ، وڌڻ ۽ وڌڻ ........... رانن جي وچ ۾ Erection . لڳڻ گرم گرم .....
لڙهندڙ نسل
ماڻڪ
 
Back
Top