آئشه ميمڻ

Rabel Napar Sindhi

سينيئر رڪن
چيو دل پرين جي زيارت ڪجي .

گناهن کي ڇڏجي عبادت ڪجي،


سڄڻ سنڌ تي جو سڙي ساڙ۾،

پئي روز تنهن کي ملامت ڪجي


نہ آشا عمل جي ٻين ۾ رکون

ڇڱو پنهنجي امامت ڪجي،


سُرن جو جي سرگم ڪو ڇيڙيون مٺا

عمر ڀر انهيءَ جي لاءِ رياضت ڪجي


وري دل پرين ياد پنهنجا ڪجن

وري ڪا اندر ۾ قيامت ڪجي


ڀلي موھ ۾ پيو سدا سُر ڏي

سڄڻ سان نہ هرگز شڪايت ڪجي


اها آئشہ آ عبادت ڀلي

ته خلقت خدا ساڻ محبت ڪجي

آئشہ ميمڻ
 
Back
Top