ان ڏينهن ڏاڍو اداس هو ، ڏاڍو ، صبح جو صحيح سنبري ، هڪ ترقي پسند ڪٽر نيشنلسٽ آفيسر جي ڪلارڪي ڏيڻ جي وعدي تي ، سندس آفيس ۾ ويو هو ، پڪ تہ نوڪري ملندي ، ڏيڍ ڪلاڪ ٻاهر انتظار ۾ بيٺو رهيو ، نيٺ هن گهرايس ، مرڪ ، منافقانہ مرڪ منهن تي آڻي چيائين ، ادا ، ڪلهہ پير صاحب جو ماڻهو آيو ، ان کي رکي ڇڏيم ،.... تون انتهائي ذليل ۽ ڪريل انسان آهين ، چئي ڏنو هئائينس ، ۽ اهو ڏينهن سڄو ڪوفت ۽ عجيب نراسائي گاڏڙ بيزاري ۾ شهر جي رستن تي ڀٽڪندو ۽ رلندو رهيو . لڙهندڙ نسل ماڻڪ