• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻڪ

آدرش ڪليري

سينيئر رڪن
ان ڏينهن ڏاڍو اداس هو ، ڏاڍو ، صبح جو صحيح سنبري ، هڪ ترقي پسند ڪٽر نيشنلسٽ آفيسر جي ڪلارڪي ڏيڻ جي وعدي تي ، سندس آفيس ۾ ويو هو ، پڪ تہ نوڪري ملندي ، ڏيڍ ڪلاڪ ٻاهر انتظار ۾ بيٺو رهيو ، نيٺ هن گهرايس ، مرڪ ، منافقانہ مرڪ منهن تي آڻي چيائين ، ادا ، ڪلهہ پير صاحب جو ماڻهو آيو ، ان کي رکي ڇڏيم ،.... تون انتهائي ذليل ۽ ڪريل انسان آهين ، چئي ڏنو هئائينس ، ۽ اهو ڏينهن سڄو ڪوفت ۽ عجيب نراسائي گاڏڙ بيزاري ۾ شهر جي رستن تي ڀٽڪندو ۽ رلندو رهيو .
لڙهندڙ نسل
ماڻڪ
 
Back
Top