دل جي ڳالهه.....ڪجهه وڌيڪ اعتراف........زيب سنڌي

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,242
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ڪالهوڪي ”عوامي آواز“ ۾ توهان منهنجو ”اعتراف نامو“ پڙهيو هوندو، جنهن ۾ مون هڪ کان وڌيڪ اعتراف ڪيا آهن... ته مان ٿرڊ ڪلاس شاگرد هئس، مون کي پرائمري ليول جا حساب ڪرڻ به اڄ تائين نٿا اچن ، مون پنهنجي ابتدائي ادبي دور ۾ ڪيتريون بيڪار ڪهاڻيون به لکيون هيون ۽ مان سدائين ريڊيو جي پاليسيءَ جي ڀڃڪڙي ڪري ، اڄ تائين بنا اسڪرپٽ جي پروگرام ڪندو رهيو آهيان!
    سنڌ ۾ عام طور تي اعتراف ٿاڻن ۾ صوبيدار ۽ سنتري بادشاه ڪرائيندا آهن. سنڌ جي ٿاڻن جا اُهي صوبيدار ۽ سنتري بادشاه سچن اعترافن سان گڏ ”سَچَ پترن“ جي مار سان ملزم کان پنهنجي مرضيءَ جا ڪوڙا اعتراف ڪرائڻ جا به ماهر آهن. ملزم کان پنهنجي مرضيءَ جي ڪوڙن اعترافن تي اهي صوبيدار ۽ سنتري بادشاه موج ڪندا آهن... پر مون کان اهي سمورا اعتراف ڪنهن صوبيدار يا سنتري بادشاه ناهن ڪرايا. مون کان اهي اعتراف زرار پيرزادي ڪرايا آهن، جيڪو روز ڪنهن نه ڪنهن اديب، شاعر، فنڪار ۽ ”اهڙين ٻين جِنسن“ کان اعتراف ڪرائڻ جو ماهرٿو لڳي! جيتوڻيڪ زرارڪو ”ادبي صوبيدار“ به ناهي. هو شريف ماڻهو آهي، شاعر اِبنِ شاعر آهي. هو منهنجي بيحد عزيز دوست انور پيرزادي (مرحوم) جو پٽ آهي. انور پيرزادو سنڌي ٻوليءَ جو گهڻ پڙهيو ۽ انتهائي ذهين ليکڪ هو، جنهن کان مون سميت ڪيترن ليکڪن ذاتي طور تي گهڻو ڪجهه سکيو ۽ پِرايو هو. انڪري اسان پارا ته زرار پيرزادي جي پيار ۾ پنهنجا پول پڌرا ڪري ٿا ڇڏين ۽ پوءِ ويٺا پنهنجو مٿو پٽين! سو ڪالهه جڏهن منهنجي مٿي پِٽڻ جو وارو آيو ۽ مون مٿو پِٽڻ لاءِ پنهنجي مٿي کي ڌَڪُ هنيو ته اُهو ڌَڪُ منهنجي مٿي، يعني ميڄالي ۾ سانڍيل هڪ ٻئي راز کي سڌو وڃي نشاني تي لڳو! سوچيم تير نشاني تي لڳو آهي ته اهو راز به اعتراف جي نالي ۾ پڌرو ڪري جان آجي ڪجي.
    مون لکڻ جي شروعات ته ڇهين يا ستين ڪلاس کان ڪئي هئي. تڏهن مان محمد خان شيخ جي نالي سان اردو اخبارن جي ٻارن جي صفحن توڙي اردوءَ جي ئي ٻارن جي رسالن ۾ ننڍڙيون ٻاراڻيون ڪهاڻيون لکندو هئس. اُن زماني ۾ اهڙن ئي ڪجهه رسالن ۾ اڄ جي نامياري ليکڪا نورالهدي شاه جون به ننڍڙيون ننڍڙيون لکڻيون نظر اينديون هيون. لاڙڪاڻي جو سينئر صحافي محمد خان شيخ ٻيو هو ۽ اهو منهنجي مائٽن منجهان هو، تنهن جڏهن ٻارن جي رسالن ۽ اخبارن ۾ ساڳئي نالي سان ٻاراڻيون لکڻيو ڏٺيون ته ڪنهن اخبار ۾ منهنجو فوٽو ڏسي اچي اسان جي گهر پهتو. شيخ صاحب بابا کي چيوته توهان پنهنجي پٽ کي چئو ته هو ڪو تخلص اختيار ڪري، ساڳئي نالي سان نه لکي. بابا مون کي سڏائي شيخ صاحب جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ چيو. شيخ صاحب جي ڳالهه ٻُڌي مون بابا ڏانهن ڏٺو هو. چيو هئم، ”بابا، مان پنهنجو اصلي نالو مَٽائي بئي نالي سان ڇو لکان!“ شيخ صاحب ڪجهه دير مونکي نئين زماني جون ڳالهيون ڪري ڪو تخلص اختيار ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو هو، پر منهنجي لڳاتار انڪار کان پوءِ شيخ صاحب اٿي هليو ويو.
    سو مون ڳالهه پئي ڪئي ته مون لکڻ جي ابتدا ڇهين يا ستين ڪلاس کان ڪئي هئي. مان لاڙڪاڻي جي پائلٽ اسڪول کان جاڙل شاه محلي پنهنجي گهر ڏانهن ويندي، رستي ۾ محمدي پرنٽنگ پريس جي در وٽ اڪثر ڪجهه دير لاءِ بيهي رهندو هئس ۽ ڪاغذن تي ڇپائي ٿيندي ڏسندو رهندو هئس. هڪ ڏينهن پريس مالڪ جي پُٽ مون کي اندر سڏي ويهاريو ۽ پڇيائين ته مان روز اچي ڇپائي ٿيندي ڇو ٿو ڏسان؟ مون کيس ٻڌايو ته مان ٻاراڻن رسالن ۽ اخبارن ۾ لکندو آهيان ۽ هتي اچي ڏسندو آهيان ته اهي رسالا ۽ اخبارون ڇپجنديون ڪيئن آهن! تڏهن انهيءَ نوجوان پنهنجو تعارف ڪرائيندي مون کي ٻڌايو هو ته سندس نالو ممتاز عباسي آهي ۽ هو اخبارن جي فلمي صفحن ۾ مضمون لکندو آهي. هو عمر ۾ ته مون کان ڪجهه سال وڏو هو ، پر اُن ڏينهن کان ممتاز عباسيءَ سان منهنجي دوستي ٿي وئي ۽ شام جو ڪنهن هوٽل تي ويهي چانهن جي ڪوپ تي ڪچهري ڪندا هئاسين. انهيءَ ڪچهريءَ ۾ ممتاز عباسيءَ جو هڪ دوست بشير نور به ڪڏهن ڪڏهن اچي شريڪ ٿيندو هو، جيڪو به ڪجهه لکندو هو. هڪ ڏينهن ڪچهري هلندي ممتاز ڪا اهڙي فلمي ٽائيپ جي ڳالهه ڪئي جنهن جي وٽس صحيح معلومات نه هئي. مون ممتاز کي صحيح ڄاڻ ڏني ته هُن ڪاوڙ منجهان چيو، ”توکي ڪهڙي خبر. تون ته لطيفن جيتريون ننڍڙيون ٻاراڻيون آکاڻيون لکندو آهين. تنهنجو ڪڏهن ڪنهن اخبار جي فلمي صفحي ۾ مضمون ڇپيو آهي!“ اِها ڳالهه ممتاز ڪجهه اهڙي انداز سان ڪئي جو مون کي ڏاڍو ڏُکُ به ٿيو ۽ ڪاوڙ به لڳي، پر مان پنهنجي ڏُکَ ۽ ڪاوڙ تي ضبط ڪري اتان اٿي هليو ويس. انهيءَ ڏک ۽ ڪاوڙ سبب رات جو ننڊ به نه آئي ۽ فيصلو ڪيم ته ڪجهه به ٿي پئي فلمي ٽائيپ جو ڪو مضمون لکي ضرور ڇپرائڻو آهي، پر سمجهه ۾ ڪجهه نه پئي آيو ته فلمي مضمون ڪيئن لکبو! ٻئي ڏينهن گهڻي مٿاڪُٽَ کان پوء مون گهر ۾ پيل ڪجهه پراڻين اخبارن جا فلمي صفحا اٿلايا. نيٺ ڪنهن ”غ ـ ن ملڪ“ صاحب جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ئي چپيل هڪ فلمي مضمون مان ٽڪرا کنيم ۽ انهن سان ڪجهه ٻيا ٽڪرا پاڻ لکي هڪ نئون فلمي مضمون تيار ڪري ورتم. تنهن زماني ۾ سنڌيءَ جي ٻن اخبارن جا هفتيوار رنگين فلم ايڊيشن شايع ٿيندا هئا. جڏهن مون هڪ مضمون تيار ڪري ورتو ته سوچيم ، هڪ مضمون ٻيو به تيار ڪرڻ گهُرجي ۽ ٻنهي اخبارن ڏانهن مضمون موڪلڻ گهرجن، جيئن هڪ نه ته ٻيو ڇپجي وڃي. اهو سوچي گهر کان ٻاهر نڪتس ۽ ڪجهه فلمي اخبارون وٺي آيس. هڪ اردو اخبار منجهان ايراني اداڪارائن بابت ڇپيل مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيم ۽ پوءِ سوچيم ته هاڻي ڪو تخلص به اختيار ڪرڻ گهُرجي، ڇوته هاڻي مون کي اچي انهيءَ ڳڻتيءَ ورايو ته متان اخبارن جي ٻارن جي صفحن کان هٽِي منهنجا اهي تيار ڪيل مضمون، ساڳيو نالو هئڻ سبب سينئر صحافي محمد خان شيخ جي کاتي ۾ نه هليا وڃن! سو وڏي سوچ ويچار ۽ نام نهاد غور فڪر کان پوءِ مون پنهنجو قلمي نالو(فلمي نه سمجهجو) زيب سنڌي رکڻ جو فيصلو ڪيو، جو اُن کان سال کن اڳ لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ ٿيل، جميعت الشعراءِ سنڌ جي 23 ادبي ڪانفرنس جي مشاعري ۾ زيب عاقلي صاحب جي شعر پڙهڻ واري ريڊيائي انداز کان ڏاڍو متاثر ٿي ويو هئس. خير، هاڻي جهليون ڳالهه جو ڳاٽو ... سو مون اردوءَ مان ترجمو ڪيل مضمون مٿان ته پنهنجو نالو مترجم جي حيثيت سان ڏنو، باقي ٻئي مضمون مٿان سڌو سنئون پنهنجو نالو لکي ڇڏيم ۽ ٻئي مضمون پنهنجي فوٽوءَ سميت ٻن اخبارن ڏانهن پوسٽ ڪري ڇڏيم. ٻئي هفتي هڪ ئي ڏينهن تي ٻنهي اخبارن سان گڏ فلمي ايڊيشن آيا ته ٻنهي ۾ ممتازعباسيءَ جو ته اُن هفتي ڪوبه مضمون نه ڇپيو هو، پر منهنجا اماڻيل اهي ٻئي مضمون ڇپيل هئا ۽ هڪ مضمون سان گڏ منهنجو فوٽو به ڇپيل هو. سو سائين، ڪالهوڪن اعترافن کان پوءِ ، اڄ مان اِهو اعتراف به ڪيان ٿو ته ” زيب سنڌي جي نالي سان منهنجي جيڪا پهرين تحريرَ ڇپي هئي ، اُها اڌ چوري ڪيل هئي!“
    ٻنهي اخبارن جا فلمي صفحا کڻي مان سڌو ممتاز عباسيءَ وٽ ويس. کيس چيم، ”منهنجا ٻنهي اخبارن ۾ فلمي مضمون ڇپيا آهن.“ هُن چرچو سمجهي اعتبار ئي نه ڪيو، ته مون ڄاڻي واڻي بنا فوٽو وارو ڇپيل مضمون کيس ڏيکاريو. ممتاز ٽهڪ ڏئي چيو، ”زيب سنڌي ته ڪو ٻيو مشهور ماڻهو ٿو لڳي، تون محمد خان شيخ آهين، هرو ڀرو پَرائي نالي تي لئه نه ڪر!“ تڏهن مون فوٽوءَ سان مضمون واري اخبار کولي هُن جي اڳيان رکي. هُن ڏاڍي حيرت ۽ غور سان مضمون مٿان چپيل منهنجو فوٽو ۽ نئون اختيار ڪيل نالو ڏٺو. پوءِ منهنجي چهري ڏانهن ڏسي وري اخبار ۾ کڻي نظرون وڌائين. ڪجهه دير کان پوءِ ڪنڌ مٿي ڪري چيائين، ”اهي فلمي مضمون وري ڪهڙي وڏي ڳالهه آهن. مان ته افسانا به لکندو آهيان. تو ڪڏهن ڪو افسانو لکيو آهي؟“
    ڏيو مُنهن ... وري هڪ نئون چئليج هن فقير جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو! جنهن لاءِ وري الائجي ڇا ڪَرڻو پوندو!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو