اچي اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي، سندم روح رباب، سِڪي پيو ڪنهن سُر لاءِ. سڄڻ جو ساريوم، ته آيون هيرون هنج ۾، جيڏانهن نهاريوم، چوڏينهنءَ جي چانڊاڻ هئي. ستارن جي سيج تي ستس ساري رات، پڌري ٿي پرڀات، چميندي ڪنهن چنڊ کي. چوسيون چانڊوڪيون تنهنجي مٺڙي منهن مان، راتين جو روڪيون، واڳون اسان وقت جون. چئي سگهندين چنڊ، توڏي مان ڇو ٿو تڪيان! ڏئي سگهندين چنڊ، مون کي پار پرينءَ جا! چوء، مان ڪنهن جي ڪاڻ رلان پيو راتڙيون! چوء، ڪنهن جي چانڊاڻ هرکايو منهنجو هيئون! شيخ اياز