چوء، ڪنهن جي چانڊاڻ هرکايو منهنجو هيئون! شيخ اياز

'شيخ اياز' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    اچي اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي،
    سندم روح رباب، سِڪي پيو ڪنهن سُر لاءِ.

    سڄڻ جو ساريوم، ته آيون هيرون هنج ۾،
    جيڏانهن نهاريوم، چوڏينهنءَ جي چانڊاڻ هئي.

    ستارن جي سيج تي ستس ساري رات،
    پڌري ٿي پرڀات، چميندي ڪنهن چنڊ کي.

    چوسيون چانڊوڪيون تنهنجي مٺڙي منهن مان،
    راتين جو روڪيون، واڳون اسان وقت جون.

    چئي سگهندين چنڊ، توڏي مان ڇو ٿو تڪيان!
    ڏئي سگهندين چنڊ، مون کي پار پرينءَ جا!

    چوء، مان ڪنهن جي ڪاڻ رلان پيو راتڙيون!
    چوء، ڪنهن جي چانڊاڻ هرکايو منهنجو هيئون!

    شيخ اياز
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 آگسٽ 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو