عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
غزل
ڏي سُور پرين ڪجهه گهٽ مونکي،
ماري نه وجھين تون اُفٽ مونکي.
مان نرم گلن جو ٻج آهيان،
ڪنهن نرم زمين ۾ لٽ مونکي.
مون لاءِ مُنجھي ڇو پيو آهين؟
کڻي واڻ جيان تون وٽ مونکي.
تون پنهنجي تَنَ جا ڪر ڪپڙا،
تون پنهنجي ماپ تي ڪٽ مونکي.
ٽوڙ نه ٽاري ٽاري منهنجي،
تون پاڙن سوڌو پٽ مونکي.
مان وقت جو اڇلايل آهيان،
تون هوشياريءَ سان جھٽ مونکي.
ڏي سُور پرين ڪجهه گهٽ مونکي،
ماري نه وجھين تون اُفٽ مونکي.
مان نرم گلن جو ٻج آهيان،
ڪنهن نرم زمين ۾ لٽ مونکي.
مون لاءِ مُنجھي ڇو پيو آهين؟
کڻي واڻ جيان تون وٽ مونکي.
تون پنهنجي تَنَ جا ڪر ڪپڙا،
تون پنهنجي ماپ تي ڪٽ مونکي.
ٽوڙ نه ٽاري ٽاري منهنجي،
تون پاڙن سوڌو پٽ مونکي.
مان وقت جو اڇلايل آهيان،
تون هوشياريءَ سان جھٽ مونکي.