لاٽ علم جي قوم سُتل، جاڳائيندي،غزل علي بخش منصور

لاٽ علم جي قوم سُتل، جاڳائيندي،
اهڙي واٽ ئي منزل تي پهچائيندي.

ڌارين جي يلغار اسانجي ڌرتيءَ تي،
باغي روز نوان ڪي هاڻ بڻائيندي.

سنڌو ديش جو خواب نه جيسين ساڀيان ٿئي،
ڪنهن به سنڌيءَ جي، اک نه سُرمون پائيندي.

رت اڙهو جن بي ڏوهن غيورن جو،
نانءُ سندن تاريخ پئي ورنائيندي.

اچ وڙهون ڪا ويڙه وڏي اڄ سنڌڙي لئه،
ڌرتي مُرڪي سيني ۾ دفنائيندي.

ڏونگر وانگي ڳاٽ اُڀا منصورن جا،
ڪهڙي طاقت سورهيه سيس نوائيندي!
 
Back
Top