• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جنرل ضياءَ جي ڏهڪاءُ واري دور کي شڪست ڏيندڙ بهادر ڀيڻ حميده گل جي شاعري

سنڌ جي دلير پٽ شهيد نذير عباسي جي نانءُ ( حميده گل )
هُو اَرڏو شير نذير هيو ...!

تاريخ گواهي ڏيندي
وقت اشارا ٿيندو
هِن ديس جي مٽي کي
هُن آڪاش ستارا اَرپيا ها
خاڪ نشين انسانن کي

هُن باک ڪنارا اَرپيا ها
ساهن جي ساري کيتي کي
هن خواب نيِارا ارپيا ها

سنگين ، سفاڪ انڌيرن ۾
هو ٽانڊاڻي جيان جَرڪيو هو
۽ ڀنڀٽ جيان ڀڙڪيو هو .

هر وار گيدي قاتل جو
اُن جرئت تي شرمنده هو

هُن مُرڪي موَت کي ماتِ ڏني
۽ جيون کي پرڀات ڏني

هو باک جي ڄڻ تفسير هيو
مظلومن ۽ محڪومن جي
خوابن جي تعبير هو .

جو پرھ تي پيار برسائي
تنهن سورج جي تقدير هيو
جا طلسم گهور انڌيرن جا
ٽوڙي سا تدبير هيو
هُو باطل کي تسخير هيو
هُو اَرڏو شير نذير هيو هُو.
هو اَرڏو شير نذير هيو
هُو اَرڏو شير نذير هيو ..!
 
Back
Top