ڪيو جي پيار ٿا پيارا وفائون ڇو پڇو هاڻي

ڪيو جي پيار ٿا پيارا وفائون ڇو پڇو هاڻي
محبت جنهن سان ٿيندي آ اهو ئي ڪين ٿو ڄاڻي
سڄي سڪ ساب ٿيندي ناه محب ماندڪائي آ
بره بيچين جي ناهين ته تنهنجي اک سدان ساڻي
هلي ڏس هن سفر ۾ تون کلندءِ راز پو پيارا
اهو ئي عشق آ جنهن ۾ اها ڪائنات تو ماڻي
دلبر درد ڏيندو آ سڪ ۾ سور سهبا هن
رتي رسبو نه پيارل سان ڀلي هاڻي وجهو گهاڻي
سڪ جو هي سبق سائين ڪري ڇڏيو حفظ آهي
اهو ئي ورد زبان تي آ سدان اخلاص ۾ آڻي

رسول بخش دائودپوٽه

ڪنهن جي حسن تي چيل ڪجه بيتن جو سٽاءُ

ايڏو حسن تنهنجو هي سدان سوغات آ سڀ لئه ..
.اسان ڀي ير هليا آهيون يوسف کي خريدڻ لئه...
اها جا جوت جرڪي ٿي اوهان جي ڏيل ۾ ڏاڍي...
هليا ويا هوش سڀ جا هت ڪري ٿي سڀ جي بربادي
نه ايندا ڪيو ائين ٻاهر سج پيو ٿو شرمائي ...
اوهان جو حسن آ ايڏو ويو سڀ ملڪ گرمائي...

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top