تمام بهترين ۽ ڪارائتو موضوع آهي. گهڻن ئي دوستن جو فائدو ٿيندو.. اوهان جي ڪوششن جي واکاڻ نه ڪرڻ بيواجبي ٿيندي...
ها صحيح ٿا چئو .... پر هن ۾ ٻه فائدا آهن جو پراڪسي تبديل ڪرڻ يا وري وي پي اين جي ضرورت نه ٿي پوي .... مون وٽ آفيس ۾ رسٽرڪشن هجڻ سبب ڪوبه ايڊ آن ڪم نه ڪندو آهي. اتي هي ويب فائديمند رهي ٿي
هڪ نئين خبر..!!!! هاڻ توهان کي وڊيو ڊائونلوڊر انسٽال ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.. ان ويبسائٽ فيسبوڪ، ڊيليموشن ۽ ٻين وڊيو اسٽريمنگ ويبسائٽس تان وڊيوز ڊائونلوڊ ڪرڻ جي سهولت پڻ ڏني آهي..! ڊيليموشن ۽ ٻين ويبسائٽس تان وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ لا سڀ کان پهرين وڊيو جي يو.آر.ايل ڪاپي ڪريو ۽ برائوزر ۾ نئين ٽيب ۾ http://savefrom.net لکي انٽر جو بٽڻ دٻايو.. پو وڊيو جي يوآرايل کي هن ويبسائٽ ۾ پيسٽ ڪريو ۽ وڊيو ڊائونلوڊ ڪريو...
تمام بهرين شيئرنگ ڀا ڏاڍي ڪارائيتي شئي اوهان شيئر ڪئي آهي. اميد ته اڳتي هلي به اهڙي شيئرنگ ڪندا رهندو. ادا مون کي سنڌي فوٽوشاپ 7 ۾ لکڻي آهي. ڇا اهو ممڪن آهي؟
جنهن شئي کي انسان خلقيو آهي ان ۾ ترميم ڪرڻ يا جوڙ ڪرڻ ناممڪن ناهي ! کوڙ سارا حل آهن فورم تي ڳولا ڪري وٺو.